رومين 7
7
1ٻيو تہ اي ڀائرو، اوهين نٿا ڄاڻو ڇا (آئون اُنهن ماڻهن سان ٿو ڳالهايان جي شريعت کان واقف آهن،) تہ جيسين ماڻهو حيات آهي تيسين شريعت جو اُنهي تي حڪم ٿو هلي؟ 2ڇالاءِ جو جنهن زال جو مڙس حيات آهي، سا هن جي حياتيءَ تائين شريعت موجب ساڻس ٻَڌل آهي؛ پر جي اُهو مڙس مري وڃي تہ پوءِ هوءَ مڙس جي شريعت کان ڇُٽل آهي. 3تنهنڪري جيڪڏهن مڙس جي جيئري هوءَ ٻئي مرد سان وڃي ڳنڍجي، تہ اُها زناڪار سڏبي: پر جيڪڏهن مڙس مري وڃيس تہ پوءِ هوءَ مڙس جي شريعت کان آزاد آهي، ۽ جي ٻئي مرد سان وڃي شادي ڪري تہ هوءَ زناڪار نہ آهي. 4تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، اوهين بہ مسيح جي بدن جي وسيلي شريعت جي نسبت مُئل ٿيا؛ انهي لاءِ تہ ٻئي جا ٿيو، يعني انهي جا جو مُئلن مان جي اُٿيو، تہ اسين سڀ خدا جي لاءِ ڦل پيدا ڪريون. 5ڇالاءِ جو جڏهن اسين جسماني هئاسين، تڏهن خراب خواهشون، جي شريعت جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون، تن اسانجن عضون تي اهڙو اثر ٿي ڪيو، جنهن جو نتيجو موت آهي. 6پر هاڻي اسين شريعت کان ڇُٽل آهيون، ڇو جو جنهن شئي سان ٻَڌل هئاسين، انهي جي نسبت مُئاسين؛ تنهنڪري هاڻي جيڪا خدمت ٿا ڪريون، سا پراڻي لکيلن حڪمن سان نہ، پر روح جي نئين زندگيءَ سان.
7تڏهن اسين ڇا چئون؟ شريعت گناهہ آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! انهي هوندي بہ شريعت کانسواءِ مون کي گناهہ جي خبر ڪانہ پوي ها: ڇالاءِ جو جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ تون لالچ نہ ڪر، تہ جيڪر مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ها. 8پر گناهہ وجهہ وٺي، اُنهي حڪم جي ڪري، مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي. ڇالاءِ جو شريعت کانسواءِ گناهہ مُئل آهي. 9۽ ڪنهن زماني ۾ آئون شريعت کانسواءِ جيئرو هوس، پر جڏهن حڪم آيو، تڏهن گناهہ جيئرو ٿيو، ۽ آئون مري ويس. 10جنهن حڪم جي مراد هئي تہ زندگي ملي، سو منهنجي حق ۾ موت جو سبب ٿي پيو. 11ڇالاءِ جو گناهہ وجهہ وٺي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو، ۽ اُنهي جي وسيلي مون کي ماري وڌائين. 12تڏهن شريعت پاڪ آهي، ۽ حڪم بہ پاڪ ۽ راستباز ۽ چڱو آهي. 13تڏهن جيڪا شيءِ چڱي آهي، سا منهنجي لاءِ موت ٿي ڇا؟ اصل ئي نہ! پر گناهہ چڱي شئي جي وسيلي منهنجي لاءِ موت جو سبب ٿيو، اُنهي لاءِ تہ گناهہ جي گنهگاري ظاهر ٿئي، ۽ حڪم جي وسيلي گناهہ تمام خراب معلوم ٿئي. 14ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت تہ روحاني آهي پر آئون جسماني آهيان، ۽ گناهہ جي هٿ ۾ وڪاڻل آهيان. 15ڇالاءِ تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي مون کي خبر نٿي پوي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪرڻ گهُران ٿو سو آئون نٿو ڪريان، پر جنهن کان نفرت ٿو ڪريان، سو ئي آئون ڪريان ٿو. 16پر جيڪڏهن آئون اُهو ٿو ڪريان جو ڪرڻ نٿو گهُران، تہ آئون قبول ڪري چُڪس تہ شريعت چڱي آهي. 17هاڻي انهيءَ حالت ۾ ڪرڻ وارو آئون نہ آهيان، پر گناهہ جو مون ۾ گهر ڪري ويٺو آهي، سو ئي ٿو ڪري. 18ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ مون ۾، يعني منهنجي بدن ۾، نيڪي نٿي رهي، ڇوتہ دل تہ ڏاڍي اٿم تہ نيڪي ڪريان، پر ڪرڻ جي طاقت ڪانہ اٿم. 19ڇالاءِ جو جيڪا نيڪي ڪرڻ گهُران ٿو، سا نٿو ڪريان، پر جيڪا بدي ڪرڻ نٿو گهُران، سا ئي پيو ڪريان. 20پر جي آئون اُهو ڪريان ٿو جو ڪرڻ نٿو گهُران، تہ پوءِ انهي جي ڪرڻ وارو آئون نہ آهيان، پر گناهہ آهي، جو مون ۾ گهر ڪري ويٺو آهي.
21تنهنڪري آئون هيءَ شريعت ٿو ڏسان، تہ جڏهن آئون نيڪي ڪرڻ ٿو گهُران، تڏهن برائي اچيو حاضر ٿئي. 22ڇالاءِ جو اندر واريءَ انسانيت جي ڪري مون کي خدا جي شريعت پسند ٿي اچي: 23پر مون کي پنهنجن عضون ۾ هڪڙي ٻئي قسم جي شريعت نظر ٿي اچي، جا منهنجي عقل جي شريعت سان وڙهي، مون کي اُنهي گناهہ جي شريعت جي حوالي ٿي ڪري، جو منهنجن عضون ۾ موجود آهي. 24افسوس، آئون ڪهڙو نہ ڪمبخت ماڻهو آهيان! ڪير مون کي هن موت جي بدن کان ڇڏائيندو؟ 25آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. مطلب تہ آئون پاڻ پنهنجي عقل سان خدا جي شريعت جي، مگر بدن سان گناهہ جي شريعت جي تابعداري ٿو ڪريان.
Valgt i Øjeblikket:
رومين 7: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.