مڪاشفو 8
8
1۽ جڏهن هن ستين مهر کولي، تڏهن اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي. 2۽ مون اُهي ست ملائڪ ڏٺا، جي خدا جي حضور ۾ بيهندا آهن؛ انهن کي ست تريون ڏنيون ويون. 3۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي. 4۽ اُهو لوبان جو دونهون پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ اُنهيءَ ملائڪ جي هٿان خدا وٽ چڙهي وڃي پهتو. 5۽ انهيءَ ملائڪ اُهو خوشبودان کڻي، انهي کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري، زمين تي اُڇلائي وڌو؛ ۽ پوءِ گجگوڙيون، ۽ آواز، ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو آيو.
6۽ اُهي ست ملائڪ، جن وٽ ست تريون هيون، تن انهن جي وڄائڻ جي تياري ڪئي.
7۽ پهرئين تري وڄائي تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي: ۽ زمين جون ٽيون حصو سڙي ويو، ۽ سڀ سائو گاهہ بہ سڙي ويو.
8۽ ٻئي ملائڪ تري وڄائي تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل اُڇلجي وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو؛ 9۽ سمنڊ جي خلقت جو ٽيون حصو، يعني اُهي جن کي ساهہ هو، سي مري ويا، ۽ جهازن جو ٽيون حصو بہ برباد ٿي ويو.
10۽ ٽئين ملائڪ تري وڄائي تہ هڪڙو وڏو تارو، مشعل وانگر ٻرندڙ، آسمان مان ڪِري پيو، ۽ ندين جي ٽئين حصي مٿان ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان اچي پيو. 11۽ اُنهي تاري جو نالو گوماندر سڏبو آهي: ۽ پاڻيءَ جو ٽيون حصو گوماندر ٿي پيو، ۽ پاڻيءَ جي ڪَڙي هئڻ ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا.
12۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.
13۽ مون آسمان جي وچ ۾ هڪڙي عقاب کي اُڏامندو ڏٺو ۽ وڏي آواز سان هيئن چوندو ٻُڌم، تہ باقي ٽن ملائڪن جون تريون، جي اڃا انهن کي وڄائڻيون آهن، تن جي ڪري زمين جي رهڻ وارن تي افسوس، افسوس، افسوس!
Valgt i Øjeblikket:
مڪاشفو 8: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.