Bibel App logo
Søgeikon

زاريون 1

1
1جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!
2هوءَ رات جو روئي ٿي، ۽ سندس ڳوڙها سندس ڳلن تي آهن: سندس سڀني سينڍن مان ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو کيس دلاسو ڏئي؛ سندس سڀني دوستن ساڻس دغا جي هلت ڪئي آهي، اُهي سندس دشمن ٿي پيا آهن.
3يهوداہ ڏکن سبب، ۽ گهڻيءَ ٻانهپ سبب قيد ٿي ويو آهي: هو غير قومن ۾ ٿو رهي، ۽ ڪوبہ آرام نٿو اچيس: ان جي سڀني پٺيان پوندڙن کيس گهٽيو آهي.
4صيون جا رستا سڃا ٿيا پيا آهن، ڇالاءِ جو ڪوبہ سڳوري جماعت ۾ ڪونہ ٿو اچي؛ ان جا سڀ دروازا سڃيا پيا آهن، ان جا ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا کڻن: ان جون ڪنواريون ڇوڪريون ڏک ۾ آهن، ۽ هو پاڻ غم ۾ آهي.
5ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن.
6۽ صيون جي ڌيءَ وٽان سندس سڀ وڏائي هلي ويئي آهي: ان جا امير انهن هرڻن وانگر آهن جن کي چارو ڪونہ ٿو ملي، ۽ جي پٺيان پوندڙ جي اڳيان بي طاقت ٿي پيا آهن.
7يروشلم جي ڌيءَ پنهنجي ڏک ۽ پنهنجن مصيبتن جي ڏينهن ۾، پنهنجن قديم وقت وارن مزي جهڙين شين کي ياد ٿي ڪري: جڏهن ان جا ماڻهو دشمن جي هٿ چڙهيا، ۽ ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هوس، تڏهن دشمنن کيس ڏٺو، ۽ سندس ويرانيءَ تي ٺٺوليون ڪيون.
8يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.
9سندس گند سندس دامن ۾ هو؛ هن کي پنهنجي پڇاڙي ياد نہ هئي؛ تنهن ڪري هوءَ عجيب طرح هيٺ لهي آئي آهي؛ ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونہ اٿس: اي خداوند، منهنجو ڏک ڏس: ڇالاءِ جو دشمن پاڻ کي وڏو ڪيو آهي.
10دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.
11ان جا سڀ ماڻهو آهون ٿا ڪن، اُهي مانيءَ جي ڳولا ۾ آهن؛ هنن پنهنجي مزي جهڙيون شيون ڏيئي ڇڏيون آهن تہ سندن جان کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌو ملي: اي خداوند ڏس ۽ نظر ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ذليل ٿي پئي آهيان.
12اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.
13هن مٿان منهنجن هڏن ۾ باهہ موڪلي آهي، ۽ اُها انهن کي وڪوڙي ويئي آهي: هن منهنجن پيرن لاءِ دام پکيڙيو آهي، هن مون کي پٺ تي ڦيرايو آهي؛ هن مون کي سڄو ڏينهن ويران ۽ ماندو ڪيو آهي.
14منهنجن گناهن جي پاڃاري هن جي هٿ جي ٻڌل آهي؛ اُهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا آهن، اُهي منهنجي گردن تي چڙهي آيا آهن؛ هن منهنجو زور گهٽائي ڇڏيو آهي: خداوند مون کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جن جي سامهون آءٌ بيهي نٿي سگهان.
15خداوند منهنجي وچ ۾ منهنجن سڀني بهادر مردن کي مات ڪري ڇڏيو آهي؛ هن منهنجي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي آهي تہ منهنجن جوان مردن کي چپي ڇڏي؛ خداوند يهوداہ جي ڪنواري ڌيءَ کي شراب جي چيچڙي وانگر لتاڙيو آهي.
16انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ روئان ٿي؛ منهنجي اک، منهنجي اک مان پاڻي وهي ٿو؛ ڇالاءِ جو جيڪو دلاسي ڏيندڙ منهنجي روح کي تازي ڪرڻ وارو آهي، سو مون کان پري آهي: منهنجا ٻار ٻچا رلي ويا آهن، ڇالاءِ جو دشمن غالب پئجي ويو آهي.
17صيون پنهنجا هٿ ڊگهيري ٿو؛ ڪوبہ ان کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ خداوند يعقوب جي نسبت ۾ حڪم ڪيو آهي، تہ جيڪي ان جي آس پاس آهن سي سندس دشمن ٿين: انهن ۾ يروشلم ناپاڪ شيءِ جهڙو آهي.
18خداوند سچو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ ان جي حڪم کان باغي ٿيو آهيان: اڙي سڀ قومون ٻڌو، آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجو ڏک ڏسو: منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان مرد قيد ٿي ويا آهن.
19جن جي مون سان محبت هئي تن کي مون سڏيو، پر هنن مون سان دغا ڪئي: منهنجن ڪاهنن ۽ منهنجن بزرگن پنهنجن روحن کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌي ڳوليندي شهر ۾ ساهہ ڏنو.
20اي خداوند ڏس؛ ڇالاءِ جو آءٌ تڪليف ۾ آهيان؛ منهنجن آنڊن ۾ وٽ ٿا پون؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦري ويئي آهي؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍي بغاوت ڪئي آهي: ٻاهر ترار ماڻهو کسي وٺي ٿي، ۽ اندر گهر ۾ موت جهڙو حال آهي.
21هنن منهنجيون آهون ٻڌيون آهن: مون کي ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي: منهنجن سڀني دشمنن منهنجي تڪليف جو ٻڌو آهي؛ اُهي خوش ٿيا آهن تہ تو ائين ڪيو آهي: تون اُهو ڏينهن آڻيندين، جنهن جي تو اڳيئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ هو مون جهڙا ٿيندا.
22هنن جي سڀ شرارت ڀلي تہ تنهنجي اڳيان اچي؛ ۽ جيڪي منهنجن سڀني گناهن جي ڪري تو مون سان ڪيو آهي سو هنن سان بہ ڪر: ڇالاءِ جو منهنجون آهون گهڻيون آهن، ۽ منهنجي دل سست آهي.

Valgt i Øjeblikket:

زاريون 1: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind