يرمياہ 49
49
1بني عمون بابت: خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل کي پٽ ناهن ڇا؟ انهي جو ڪو وارث ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو ملڪوم جاد جو مالڪ ٿيو آهي، ۽ ان جا ماڻهو انهي جي شهرن ۾ رهن ٿا؟ 2تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ بني عمون جي ربہ تي جنگ جو هل اُٿاريندس، جو ماڻهو ٻڌندا؛ ۽ اهو هڪڙو ويران ڍير ٿي پوندو، ۽ ان جون ڌيئون باهہ سان ساڙيون وينديون: تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل انهن جو مالڪ ٿيندو جي ان جا مالڪ هئا. 3اي حسبون واويلا مچاءِ، ڇالاءِ جو عئي لٽجي ويو آهي؛ اي ربہ جون ڌيئرون دانهون ڪريو؛ کٿا چيلهہ سان ٻڌو. روئو پٽيو، ۽ لوڙهن اندر هيڏي هوڏي ڊوڙو؛ ڇالاءِ جو ملڪوم، پنهنجن ڪاهنن ۽ اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو. 4اي بي ايمان ڌيءَ، ڪهڙي سبب تون وادين تي، پنهنجي وهندڙ واديءَ تي، فخر ٿي ڪرين؟ تو پنهنجي خزانن تي ڀروسو ٿي رکيو ۽ چيو ٿي تہ مون تائين ڪير ايندو؟ 5ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ جيڪي تنهنجي چوڌاري آهن تن مان آءٌ توتي خوف آڻيندس؛ ۽ اوهان مان هرڪو منهن سامهون ٻاهر هڪاليو ويندو، ۽ جيڪي رلندا وتن تن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو ڪونہ ٿيندو. 6پر خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي کان پوءِ آءٌ بني عمون جي قيدين کي موٽائي آڻيندس.
7ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟ 8اي ديدان جا رهاڪو، ڀڄي وڃو، پٺ تي موٽو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو جنهن وقت آءٌ خبر لهڻ ايندس تنهن وقت انهي تي عيسو جي آفت آڻيندس. 9جيڪڏهن ڊاک چونڊڻ وارا تو وٽ اچن، تہ جيڪر ڪي ڊاک جا داڻا ڇڏي نہ وڃن ڇا؟ جيڪڏهن چور رات جو اچن تہ جيڪر ايستائين ڦرلٽ نہ ڪن ڇا جيستائين ڪ کين ڪافي هٿ اچي؟ 10پر مون عيسوءَ کي اگهاڙو ڪيو آهي، مون هنن جون ڳجهيون جايون ظاهر ڪيون آهن، جنهن ڪري هو پاڻ کي لڪائي نہ سگهندو: هن جو نسل لٽجي ويو آهي، ۽ هن جا ڀائر، ۽ هن جا پاڙيسري، ۽ هو پاڻ نيست نابود ٿي ويو آهي. 11پنهنجا يتيم ٻار ڇڏ، آءٌ انهن کي سنڀاليندس ۽ جيئرو رکندس؛ ۽ تنهنجون بيوہ زالون مون تي ڀروسو رکن. 12ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي جي انهي پيالي پيئڻ وارا نہ هئا، سي ضرور پيئندا؛ ۽ تون اُهو آهين ڇا جو اصل بي سزا ڇڏيو ويندين؟ تون بي سزا ڇڏيو نہ ويندين، پر تون ضرور پيئندين. 13ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي تہ بصرہ، حيرت، ۽ ملامت، ۽ ويرانيءَ، ۽ لعنت جو سبب ٿيندو؛ ۽ ان جا سڀ شهر هميشہ لاءِ ويران رهندا. 14مون خداوند کان خبر ٻڌي آهي تہ هڪڙو ايلچي قومن ۾ موڪليو ويو آهي تہ چوي تہ اوهين گڏ ٿيو، ۽ هن تي ڪاهي اچو، ۽ جنگ جي لاءِ چڙهو. 15ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي قومن ۾ ننڍو ۽ ماڻهن ۾ حقير ڪيو آهي. 16باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس. 17۽ عدوم حيرت جو سبب ٿيندو: جيڪو انهي جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جي سڀني آفتن تي شوڪارا ڀريندو. 18خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي پاسي وارن شهرن جي ناس ٿيڻ جو حال هو تيئن ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، ۽ نڪو آدمزاد انهي ۾ ٽڪندو. 19ڏس، هو شينهن وانگي يردن جي جهنگ مان نڪري مضبوط مڪان تي چڙهي ايندو: ۽ آءٌ اوچتو هن کي اُتان ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊيو ويندو، تنهن کي آءٌ اُن جي مٿان مقرر ڪندس: ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اُهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟ 20تنهن ڪري اوهين خداوند جي اُها رٿ ٻڌو جا هن ادوم جي برخلاف ڪئي آهي؛ ۽ هن جا اُهي ارادا، جي هن تيمان جي رهاڪن جي برخلاف ڪيا آهن؛ يعني هو انهي کي، گهلي ويندا، بلڪ ڌڻ جي ٻچن کي بہ؛ يقيناً هو ان جي رهڻ جو هنڌ، ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو. 21انهن جي ڪرڻ جي آواز تي زمين ڏڪي ٿي؛ هڪڙي رڙ ٿي ٿئي، جنهن جو آواز ڳاڙهي سمنڊ ۾ پيو ٻڌجي. 22ڏس هو چڙهي ايندو، ۽ عقاب وانگي اُڏامي پنهنجا پر بصرہ جي برخلاف پکيڙيندو؛ ۽ اُنهي ڏينهن ادوم جي بهادر مرد جي دل سورن واري زال جي دل جهڙي ٿيندي.
23دمشق بابت: حمات شرمندو ٿيو آهي، ۽ ارفاد بہ؛ ڇالاءِ جو انهن بري خبر ٻڌي آهي، اُهي پگهري ويا آهن: سمنڊ تي ڏک آهي؛ اُهو آرام ۾ رهي نٿو سگهي. 24دمشق ضعيف ٿي ويو آهي، هو ڀڄڻ جي لاءِ ڦري ٿو ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿس: رنج ۽ ڏکن ان کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي. 25اهو تعريف جو شهر، منهنجي خوشيءَ جو شهر، ڪيئن نہ ڇڏي ڏنو ويو آهي؟ 26تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ اُن جا جوان ماڻهو سندس گهٽين ۾ ڪِرندا ۽ سڀ جنگي مرد انهيءَ ڏينهن چپ ڪرايا ويندا. 27۽ آءٌ دمشق جي ڀت تي هڪڙي باهہ ٻاريندس، ۽ اُها بن هدد جي محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.
28قيدار ۽ حصور جي حڪومتن بابت، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني.
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين اُٿو، قيدار ڏي چڙهي وڃو ۽ اُڀرندي جي ماڻهن کي ڦريو لٽيو. 29هو انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ وٺندا؛ هو انهن جا پردا ۽ انهن جا سڀ ٿانوَ ۽ انهن جا اُٺ پنهنجي لاءِ کڻي ويندا: ۽ هو انهن کي رڙيون ڪري چوندا تہ هر طرف خوف آهي. 30خداوند ٿو فرمائي، تہ اي حصور جا رهاڪو، اوهين ڀڄو، پري وڃي رلو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر اوهان جي بر خلاف صلاح مصلحت ڪئي آهي، ۽ اوهان جي برخلاف ارادو ڪيو اٿس. 31خداوند ٿو فرمائي تہ اُٿو، انهي قوم ڏي چڙهي وڃو جا آرام ۾ آهي، ۽ بي فڪر رهندي اچي؛ جنهن کي نہ دروازا آهن نہ گز، ۽ جي اڪيلا ٿا رهن. 32اُنهن جا اُٺ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ انهن جا سڀ ڍور ڦر جو مال ٿيندا، ۽ جن ماڻهن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن تن سڀني کي آءٌ سڀني پاسي پکيڙي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڀ ڪنهن پاسي کان مٿن آفت آڻيندس. 33۽ حصور گدڙن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندو ۽ هميشہ ويران رهندو: ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، نڪو آدمزاد اُتي ٽڪندو.
34يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾ عيلام بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو: تہ 35لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، عيلام، جو انهن جي مکيہ طاقت آهي، تنهن جي آءٌ ڪمان ڀڃندس. 36۽ آءٌ عيلام تي آسمان جي چئن ئي ڪنڊن کان چار واءُ آڻيندس، ۽ هنن کي انهن سڀني پاسن ڏانهن پکيڙي ڇڏيندس، ۽ اهڙي قوم ئي ڪانہ هوندي جنهن ڏي عيلام جا جلاوطن نہ ايندا. 37۽ آءٌ عيلام کي سندن دشمنن جي اڳيان، ۽ سندن ساهہ جي ڳوليندڙن جي اڳيان، حيران پريشان ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ آءٌ انهن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان: 38۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجو تخت عيلام ۾ رکندس، ۽ اُتان بادشاهہ ۽ اميرن کي ناس ڪندس. 39پر خداوند ٿو فرمائي، تہ پوئين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ عيلام جا قيدي موٽائي آڻيندس.
Valgt i Øjeblikket:
يرمياہ 49: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.