يرمياہ 47
47
1فرعون غزہ کي شڪست ڏني، تنهن کان اڳي فلستين بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو سو هي آهي.
2خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُتر مان پاڻي چڙهندو اچي، ۽ هڪڙي اُٿلندڙ نهر ٿيندو ۽ ملڪ کي ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر توڙي ماڻهو، جي انهن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي اُٿلي ٻوڙي ڇڏيندو؛ ۽ ماڻهو دانهون ڪندا، ۽ انهي ملڪ جا سڀ رهاڪو رڙيون ڪندا. 3هن جي زور وارن گهوڙن جي سنبن جي دٻڪي تي، هن جي گاڏين جي ڪڙڪي تي، هن جي ڦيٿن جي گوڙ تي، ماڻهو ضعيف هٿن ڪري پنهنجن ٻارن ڏي ڪنڌ ورائي نٿا نهارين؛ 4جو اُهو ڏينهن فلستين کي لٽڻ لاءِ، ۽ صور ۽ صيدون جي باقي رهندڙن سڀ ڪنهن مددگار کي وڍي ڇڏڻ لاءِ، اچي ٿو. ڇالاءِ جو خداوند فلستين کي، يعني ڪفتور جي ٻيٽ جي باقي رهيلن ماڻهن کي، لٽي ڇڏيندو. 5غزہ تي گنجائي آئي آهي؛ ۽ انهن جي واديءَ مان باقي بچيل اسقلون نيست نابود ڪيو ويو آهي: ڪيستائين تون پاڻ کي پيو وڍيندين؟ 6اي خداوند جي ترار، اڃا ڪيتري مهل کان پوءِ تون ماٺ ڪنديئن؟ تون پاڻ کي پنهنجي مياڻ ۾ وجهہ؛ آرام وٺ ۽ ماٺ ڪر. 7جڏهن خداوند توکي حڪم ڏنو آهي تڏهن تون ڪيئن ماٺ ڪري سگهندينءَ؟ اسقلون تي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي انهي کي هن مقرر ڪيو آهي.
Valgt i Øjeblikket:
يرمياہ 47: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.