Bibel App logo
Søgeikon

يرمياہ 10

10
1اي اسرائيل جا گهراڻا، جيڪو ڪلام خداوند اوهان کي ٻڌائي ٿو سو ٻڌو: 2خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ قومن جو رستو نہ سکو، ۽ آسمان جي نشانن تي حيران نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو قومون انهن تي حيران ٿيون ٿين. 3قومن جا رواج اجايا آهن: ڇالاءِ جو پنهنجي هٿن سان ٻيلي مان وڻ وڍي واڍو ڪهاڙي سان ڪجهہ ٺاهي ٿو. 4انهي کي روپي ۽ سون سان سينگارين ٿا؛ هو انهن کي مترڪن سان ڪليون هڻي قابو ڪن ٿا، تہ چُري نہ. 5اُهي کجيءَ وانگي اُڀا ۽ سينگاريل آهن، پر ڳالهائين نہ ٿا: هو هلي نٿا سگهن، تنهن ڪري ضرور هنن کي کڻڻو ٿو پوي؛ انهن کان بہ نہ ڊڄو؛ اُهي برائي ڪري نہ سگهندا، ۽ نہ اُنهن کي ڀلائي ڪرڻ جي ڪا طاقت آهي. 6اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ تون وڏو آهين، ۽ تنهنجو نالو بہ قدرت جي ڪري وڏو آهي. 7اي قومن جا بادشاهہ، ڪير تو کان نہ ڊڄندو؟ ڇالاءِ جو اهو توکي ئي ٿو جُڳائي: ڇالاءِ جو قومن جي سڀني ڏاهن ماڻهن ۾ ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 8پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي. 9ڪٽيل چانديءَ جا تڙڇ جي ترسيس مان آندل آهن، ۽ سون اوفاز مان، اهو ڪاريگر جو، ۽ سوناري جي هٿن جو ڪم آهي؛ انهن جا ڪپڙا نيرا ۽ واڱڻائي آهن، اهو سڀ هنر وارن ماڻهن جو ڪم آهي. 10پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.
11اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا. 12هن پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا قائم ڪئي آهي، ۽ پنهنجي سمجهہ سان هن آسمان پکيڙيا آهن: 13جڏهن هو پنهنجو آواز ڪڍي ٿو تڏهن آسمان ۾ پاڻيءَ جو گوڙ مچي ٿو، ۽ زمين جي ڪنارن کان هو بخار مٿي چاڙهي ٿو؛ هو مينهن جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ آڻي ٿو. 14سڀڪو ماڻهو جهنگلي ۽ نادان ٿي پيو آهي؛ سڀڪو سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري شرمندو ٿيو آهي: ڇالاءِ جو سندس پلٽيل مورت ڪوڙ آهي، ۽ منجهن ساهہ ڪونهي. 15اهي اجايا آهن، بلڪ فريب ڏيندڙ ڪم آهن: سزا جي وقت اُهي چٽ ٿي ويندا. 16يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.
17اڙي تون جو گهيري اندر ٿو رهين، سو هن ملڪ مان پنهنجي ڳٺڙي کڻي نڪري وڃ. 18ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن وقت هن ملڪ جي رهاڪن کي کانڀاڻيءَ سان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي اهڙو تنگ ڪندس جو پاڻهي ياد ڪندا، 19منهنجي ايذاءُ تي افسوس! منهنجو زخم سخت آهي: پر مون چيو تہ سچ هيءُ منهنجو ئي ڏک آهي، ۽ مون کي ئي سهڻ کپي. 20منهنجو تنبو لٽجي ويو آهي، ۽ منهنجون سڀ طنابون ڇڄي پيون آهن: منهنجا ٻار مون وٽان هليا ويا آهن ۽ موجود ناهن: ڪوبہ ڪونهي جو وري منهنجو تنبو هڻائي ۽ منهنجا پردا کڙا ڪري. 21ڇالاءِ جو ڌنار حيوان ٿي پيا آهن، ۽ خداوند کان پڇا نہ ڪئي اٿن: تنهن ڪري هو ڪامياب نہ ٿيا آهن، ۽ انهن جا ڌڻ سڀ ٽڙي پکڙي ويا آهن. 22ڏس، هڪڙو افواهي آواز، هڪڙو وڏو هنگامو اُتر واري ملڪ کان ٿو اچي، انهي لاءِ تہ يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ ڪري ڇڏي. 23اي خداوند، مون کي خبر آهي تہ ماڻهوءَ جو رستو خود منجهس ناهي: اهو ماڻهوءَ جي اختيار ۾ نہ آهي تہ جيڏي وڻيس تيڏي پنهنجا قدم هلائي. 24اي خداوند، مون کي سيکت ڏي، پر انصاف سان؛ نہ پنهنجي ڪاوڙ ۾، متان مون کي نيست نابود ڪري ڇڏين. 25جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.

Valgt i Øjeblikket:

يرمياہ 10: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind