عبرانين 4

4
1تنهنڪري اسان کي خبردار رهڻ گهرجي تہ جڏهن هن جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رهيل آهي، تڏهن متان ائين نہ ٿئي تہ اوهان مان ڪو پوئتي رهجي وڃي. 2ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو. 3ڇالاءِ جو اسان جن ايمان آندو، سي انهي آرام ۾ داخل ٿا ٿيون. جيئن ڪ هن چيو آهي، تہ ”مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ قسم کنيو هو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا،“ جيتوڻيڪ جهان جي بنياد کان ئي هن جا ڪم پورا ٿيا هئا. 4ڇالاءِ جو هن ڪنهن هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن چيو آهي، تہ ”خدا پنهنجا سڀيئي ڪم پورا ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“ 5۽ وري انهي هنڌ چيو اٿس تہ ”هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.“
6تنهنڪري جڏهن اِها ڳالهہ باقي رهيل آهي تہ ڪي انهي آرام ۾ داخل ٿيندا، ۽ جن کي اڳي خوشخبري ٻُڌائي ويئي هئي، سي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا، 7تڏهن وري هو هڪڙو خاص ڏينهن ٿو ٺهرائي، ۽ ڪيتري عرصي کانپوءِ دائود جي ڪتاب ۾ انهي کي اڄوڪو ڏينهن ٿو چوي، جيئن ڪ اڳي بہ چيو ويو هو تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“
8ڇالاءِ تہ جيڪڏهن يشوع انهن کي آرام ۾ داخل ڪري ها، تہ خدا انهي کانپوءِ ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها. 9تنهنڪري خدا جي اُمت لاءِ سبت جو آرام باقي رهيل آهي. 10ڇالاءِ جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿو ٿئي، تنهن کي بہ پنهنجن ڪمن کان اهڙيءَ طرح آرام ٿو ملي، جهڙيءَ طرح خدا پنهنجن ڪمن کان آرام ڪيو. 11تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي. 12ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري. 13اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.
14تنهنڪري جڏهن اسان جو هڪڙو وڏو سردار ڪاهن آهي، جو آسمانن مان لنگهي ويو آهي، يعني خدا جو فرزند يسوع، تڏهن اچو تہ اسين پنهنجي اقرار تي قائم رهون. 15ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو. 16تنهنڪري اچو تہ همت رکي فضل جي تخت وٽ هلون تہ اسان تي رحم ٿئي، ۽ اُهو فضل حاصل ڪريون جو گهُرج وقت اسان جي مدد ڪري سگهي.

Valgt i Øjeblikket:

عبرانين 4: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind