عبرانين 3
3
1تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا. 2هو پنهنجي مقرر ڪرڻ واري سان وفادار هو، جيئن ڪ موسيٰ بہ خدا جي گهر ۾ وفادار هو. 3تنهن هوندي بہ يسوع هن کان ايتري قدر زيادہ جلال جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گهر جو جوڙيندڙ انهي گهر کان زيادہ عزت وارو ليکبو آهي. 4ڇوتہ سڀ ڪنهن گهر جو ڪونہ ڪو جوڙيندڙ آهي؛ پر جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون سو خدا آهي. 5هاڻي موسيٰ تہ خدا جي گهراڻي ۾ خادم وانگر ايماندار ۽ وفادار رهيو؛ انهي لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون پوءِ بيان ٿيڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي؛ 6پر مسيح فرزند طور هن جي گهر جو مختيار آهي؛ ۽ سندس گهر اسين آهيون؛ بشرطيڪ پنهنجي همت ۽ اُميد جو فخر توڙ تائين قائم رکندا اچون. 7تنهنڪري جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو، تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين هن جو آواز ٻُڌو، 8تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن ڪاوڙائڻ مهل آزمائش جي ڏينهن رڻ پٽ ۾ هنن ڪيو، 9جتي اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو، ۽ چاليهہ ورهيہ منهنجا ڪم ڏٺائون. 10تنهنڪري انهيءَ پيڙهيءَ سان آئون ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ هو هميشہ پنهنجي دل ۾ گمراهہ ٿا ٿين: پر انهن منهنجين واٽن کي ڪين سڃاتو. 11۽ مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.“
12اي ڀائرو، سنڀال ڪجو تہ متان اوهان مان ڪنهن جي دل اهڙي خراب ۽ بي ايمان ٿئي جو زندہ خدا کان ڦري وڃي. 13جيسين ڪ اڄوڪو ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين روز بروز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو؛ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ڪري سخت دل ٿي پوي: 14ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛ 15جو چيل آهي، تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن ڪاوڙائڻ مهل ڪيوَ.“ 16ڇالاءِ جو اهي ڪير هئا جن آواز ٻُڌڻ مهل کيس ڪاوڙايو؟ اُهي سڀيئي نہ هئا ڇا، جيڪي موسيٰ جي وسيلي مصر مان نڪتا هئا؟ 17۽ اهي ڪير هئا، جن سان هو، چاليهہ ورهيہ ناراض رهيو؟ ڇا اُهي نہ هئا، جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش برپٽ ۾ پيا رهيا؟ 18۽ اهي ڪير هئا، جن سان هن اهو قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا، سواءِ انهن جي، جن نافرماني ڪئي؟ 19سو اسين ڏسون ٿا تہ هو ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل نہ ٿي سگهيا.
Valgt i Øjeblikket:
عبرانين 3: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: