عبرانين 2

2
1تنهنڪري جيڪي ڳالهيون ٻُڌيون اٿئون، تن تي اسان کي زيادہ ڌيان ڏيڻ گهرجي، تہ متان انهن کان پري ڇڪجي وڃون. 2ڇالاءِ تہ جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻُڌايو ويو هو، سو جيڪڏهن محڪم ثابت ٿيو، ۽ سڀ ڪنهن قصور ۽ نافرمانيءَ جو مناسب بدلو مليو؛ 3تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛ 4خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.
5ڇالاءِ جو ايندڙ جهان جنهن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي هن ملائڪن جي تابع نہ ڪيو، 6پر ڪنهن هنڌ شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”انسان ڇا آهي جو تون هن جو خيال ٿو ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ٿو ڪرين؟ 7تو هن کي ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو؛ تو هن تي جلال ۽ عزت جو تاج رکيو؛ ۽ پنهنجي هٿ جي ڪاريگريءَ جي مٿان مقرر ڪيو؛ 8تو سڀ شيون تابع ڪري هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون.“ ڇالاءِ جو جنهن صورت ۾ سڀ شيون هن سندس تابع ڪري ڇڏيون آهن، تنهن صورت ۾ ڪابہ شيءِ اهڙي نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ هجي. پر اڃا اسين سڀ شيون هن جي تابع نٿا ڏسون. 9پر اسين يسوع کي ٿا ڏسون، جو خدا جي فضل سان هر ڪنهن ماڻهوءَ جي لاءِ موت جو سواد چکڻ جي واسطي، ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو ويو، ۽ موت جو عذاب سهڻ ڪري جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو ويس. 10ڇالاءِ جو جنهن جي لاءِ سڀ شيون آهن، ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن لاءِ اهو مناسب هو تہ جڏهن گهڻن پٽن کي جلال تائين پهچائي، تڏهن انهن جي نجات جي بانيءَ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري. 11هن ڪري جو جيڪو پاڪ ڪري ٿو ۽ جيڪي پاڪ ٿين ٿا، سي سڀ هڪ مان ئي آهن؛ انهيءَ سبب ڪري هو انهن کي ڀاءُ ڪري سڏڻ کان نٿو شرمائي. 12ڇو جو هو فرمائي ٿو تہ ”آئون تنهنجو نالو پنهنجن ڀائرن سان بيان ڪندس، ۽ جماعت جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڳائيندس.“ 13۽ وري هي تہ ”آئون هن تي اعتقاد رکندس.“ ۽ وري هي تہ ڏس ”انهن ٻارن سميت جي خدا مون کي ڏنا آهن.“ 14تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛ 15۽ جيڪي سڄي عمر موت جي ڊپ کان غلاميءَ ۾ گرفتار هئا، تن سڀني کي آزاد ڪري. 16ڇالاءِ جو حقيقت ڪري هو ملائڪن جي دست گيري نٿو ڪري، پر ابراهيم جي نسل جي ٿو ڪري. 17تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي. 18ڇو جو جڏهن هو پاڻ آزمايو ويو ۽ ڏک سَٺائين، تڏهن ٻيا جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا، تن جي بہ مدد ڪري ٿو سگهي.

Valgt i Øjeblikket:

عبرانين 2: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind