Bibel App logo
Søgeikon

حزقي ايل 20

20
1۽ ستين سال ۾، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اسرائيل جي بزرگن مان ڪي خداوند کان سوال ڪرڻ آيا، ۽ منهنجي اڳيان اچي ويٺا. 2۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 3اي آدمزاد، اسرائيل جي بزرگن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان پڇڻ آيا آهيو ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين مون کان ڪجهہ پڇو. 4تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا، اي آدمزاد، تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا؟ اُنهن کي سندن ابن ڏاڏن جا ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ؛ 5۽ هنن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي چونڊي ڪڍيو ۽ يعقوب جي گهراڻي جي اولاد سان مون قسم کاڌو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ هنن کي پاڻ ڄاڻايم، ۽ جڏهن مون هنن سان قسم کائي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: 6تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي. 7۽ مون چيومان تہ اوهان مان هرڪو پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي ڇڏي، ۽ اوهين پاڻ کي مصر جي بُتن سان ناپاڪ نہ ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 8پر هو مون کان باغي ٿيا ۽ منهنجي ٻڌڻ نہ گهُريائون؛ هنن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي نہ ڇڏيون، نڪي هنن مصر جا بُت ڇڏي ڏنا: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ مصر جي ملڪ ۾ هنن تي پنهنجو غصو پورو ڪريان. 9پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي. 10انهي طرح مون هنن کي مصر مان ڪڍي ٻاهر بيابان ۾ آندو. 11۽ هنن کي پنهنجا قانون ڏنم ۽ پنهنجا حڪم ٻڌايم، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي. 12تنهن کانسواءِ مون هنن کي پنهنجا سبت بہ ڏنا، تہ منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهي، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان جو هنن کي پاڪ ٿو ڪريان. 13پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن. 14پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي مون هنن کي ٻاهر آندو، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي. 15۽ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني هئي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پي وهي، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر آهي، تنهن ۾ هنن کي نہ آڻيان: 16ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، ۽ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ڇالاءِ جو هنن جي دل سندن بُتن جي پٺيان ٿي ويئي. 17انهي هوندي بہ منهنجي اک هنن کي ناس ڪرڻ کان ڇڏي ڏنو ۽ مون بيابان ۾ سندن اصل پڄاڻي ڪري نہ ڇڏي. 18مون بيابان ۾ هنن جي اولاد کي چيو تہ اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قانونن تي نہ هلو، نڪي هنن جا حڪم مڃو، نڪي هنن جي بُتن سان پاڻ کي پليت ڪريو: 19آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. منهنجي قانونن تي هلو، ۽ منهنجي حڪمن جي سنڀال ڪريو ۽ انهن جي تعميل ڪريو: 20۽ منهنجي سبتن کي پاڪ ڄاڻو ۽ اُهي منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ نشاني ٿيندا، انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 21پر اُهو اولاد بہ مون کان باغي ٿيو؛ ۽ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري انهن تي عمل ڪيائون، جن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو عمل ڪري تہ جيڪر جيئندو رهي: هنن منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيو، تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ بيابان ۾ پنهنجو غصو هنن تي پورو ڪريان. 22انهي هوندي بہ مون پنهنجو هٿ جهليو، ۽ پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي هنن کي ڪڍي آندو هوم، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي. 23تنهن کانسواءِ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ هنن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيان، ۽ ملڪن ۾ برخاست ڪري ڇڏيان؛ 24ڇالاءِ جو هنن منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، پر منهنجا قانون رد ڪري ڇڏيائون، ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ۽ هنن جون اکيون سندن ابن ڏاڏن جي بُتن پٺيان هيون. 25تنهن کانسواءِ مون هنن کي اهڙا قانون بہ ڏنا جي چڱا نہ هئا؛ ۽ اهڙا حڪم ڏنم جن جي ڪري هو جيئرا نہ رهن؛ 26۽ مون هنن کي خود سندن نذرانن ۾ ناپاڪ ڪيو؛ جنهن صورت ۾ هنن جا سڀ پهريان ڄاول باهہ مان ٿي لنگهايا، تہ آءٌ هنن کي سُڃو سکڻو ڪريان، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان.
27تنهنڪري، اي آدمزاد، اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن انهي ڳالهہ ۾ بہ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي جو هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي. 28ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون. 29تڏهن مون هنن کي چيو تہ اُنهي مٿانهين جاءِ جو مطلب ڇا آهي جنهن وٽ اوهين وڃو ٿا؟ انهي ڪري ان جو نالو اڄ ڏينهن تائين باماہ سڏبو آهي. 30سو اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پاڻ کي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ناپاڪ ڪريو ٿا ڇا؟ ۽ هنن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان زناڪاري ڪندا وتو ٿا ڇا؟ 31۽ جڏهن اوهين پنهنجا نذرانا پيش ٿا ڪريو، ۽ پنهنجا پٽ باهہ مان ٿا لنگهايو، تڏهن اوهين پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجن سڀني بُتن سان ناپاڪ ٿا ڪريو ڇا؟ تہ بہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڪجهہ پڇندا ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي ڪجهہ بہ پڇڻ نہ ڏيندس: 32۽ جيڪي بہ اوهان جي دل ۾ ٿو اچي سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو؛ جو اوهين چئو ٿا تہ اسين بہ قومن جهڙا ۽ ملڪن جي قبيلن جهڙا ٿينداسين، ۽ ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين. 33خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ يقيناً زور واري هٿ سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ جاري ڪيل غضب سان اوهان تي بادشاهہ ٿيندس: 34۽ آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي ٻاهر ڪندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو تن مان اوهان کي آڻي گڏ ڪندس، سو بہ زور واري هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ۽ جاري ڪيل غضب سان: 35۽ آءٌ اوهان کي قومن جي بيابان ۾ آڻيندس ۽ اُتي اوهان سان روبرو حجت ڪندس. 36جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان مصر جي ملڪ جي بيابان ۾ حجت ڪئي، تيئن خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهان سان بہ ڪندس. 37۽ آءٌ اوهان کي لٺ جي هيٺان لنگهائيندس، ۽ اوهان کي عهد جي قبضي ۾ آڻيندس. 38۽ آءٌ اوهان منجهان جيڪي باغي آهن ۽ منهنجي برخلاف گناهہ ٿا ڪن، سي ڪڍي ڇڏيندس؛ جنهن زمين ۾ هو رهن ٿا اُتان هنن کي ٻاهر ڪڍندس، پر هو اسرائيل جي زمين ۾ داخل نہ ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 39باقي اوهين، سو اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا اوهان جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ هن کانپوءِ جي اوهين منهنجي ٻڌڻ نہ گهرندا، تہ اوهان مان هرڪو وڃي پنهنجن بُتن جي عبادت ڪري: پر پنهنجن نذرانن سان ۽ پنهنجن بُتن سان اوهين منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ڪندا. 40ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي پاڪ جبل ۾، يعني اسرائيل جي وڏائيءَ واري جبل ۾، اسرائيل جو گهراڻو، ۽ سڀ ماڻهو، اُٿي انهي ملڪ ۾ منهنجي عبادت ڪندا: ۽ اُتي آءٌ هنن کي قبول ڪندس، ۽ اُتي آءٌ اوهان جون قربانيون ۽ اوهانجن نذرانن جا پهريان ڦر، اوهان جي سڀني پاڪ شين سميت گهري وٺندس. 41جڏهن آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي آڻيندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ اوهان کي خوشبوءِ وانگر قبول ڪندس ۽ ٻين قومن جي نظر ۾ اوهان منجهہ سڳورو ٿيندس. 42۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن اوهان کي اسرائيل جي زمين ۽ انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن جي ڏيڻ لاءِ مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. 43۽ اُتي اوهين پنهنجين راهن ۽ پنهنجن سڀني ڪمن کي ياد ڪندا، جن سان اوهان پاڻ کي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪي خرابيون اوهان ڪيون آهن تن سڀني لاءِ اوهين خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي ڌڪاريندا. 44۽ اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اوهان سان، نہ اوهانجين خراب راهن موافق، نڪي اوهانجن خراب ڪمن موافق، پر پنهنجي نالي جي خاطر هلت ڪندس.
45۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 46اي آدمزاد، پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام ڏکڻ ڏانهن ڪڍ، ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي جي برخلاف نبوت ڪر؛ 47۽ ڏکڻ واري ٻيلي کي چئُہ، تہ خداوند جو ڪلام ٻڌ؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تو ۾ باهہ ٻاريندس ۽ اُها تو ۾ جيڪو سائو وڻ توڙي سُڪو وڻ آهي، سو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ٻرندڙ شعلو ڪين اُجهامندو، ۽ انهي سان ڏکڻ کان وٺي اُتر تائين سڀ منهن سڙي ويندا. 48۽ سڀ انسان ڏسندا تہ مون خداوند اُها ٻاري آهي: اُها ڪين اُجهامندي. 49تڏهن مون چيو تہ هاءِ، خداوند خدا! هو منهنجي نسبت ۾ چون ٿا تہ هي مثالن ٻڌائڻ وارو ناهي ڇا؟

Valgt i Øjeblikket:

حزقي ايل 20: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind