حزقي ايل 18
18
1خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ 2اوهين جو اسرائيل جي ملڪ بابت اهو پهاڪو ڪم ٿا آڻيو، ۽ چئو ٿا تہ پيءُ کٽي ڊاک کاڌي آهي ۽ ٻارن جا ڏند کٽا ٿي پيا آهن، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟ 3خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اسرائيل ۾ انهي پهاڪي ڪم آڻڻ جو اوهان کي وري موقعو نہ ملندو. 4ڏسو سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي پيءُ جي جان، تهڙي پٽ جي جان منهنجي آهي: جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي. 5پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو سچار هوندو ۽ اُهو ڪم ڪندو جو قاعدي موجب ۽ درست آهي، 6۽ هن جبلن تي نہ کاڌو هوندو، ۽ نہ اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين، نڪي ڪنهن زال کي حيض ۾ ويجهو آيو آهي؛ 7۽ هن ڪنهن سان برائي نہ ڪئي هوندي، پر قرضدار کي سندس شيءِ موٽائي ڏني هوندائين، ڪنهن کي زور زبردستي سان نہ ڦريو لٽيو هوندائين. ۽ پنهنجي ماني بکايلن کي کارائي هوندائين ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو هوندائين؛ 8جنهن وياج تي پئسا نہ ڏنا هوندا؛ ۽ نہ وڌيڪ ڪي ورتو هوندو، جنهن پنهنجو هٿ بدڪاريءَ کان ڪڍي ورتو هوندو، ۽ ماڻهو ماڻهو جي وچ ۾ عدالت ڪئي هوندائين؛ 9منهنجن قانونن تي هليو هوندو، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪئي هوندائين، ۽ سچائي جي هلت ڪئي هوندائين، اُهو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ سچار آهي ۽ جيئرو رهندو. 10جيڪڏهن اُنهي کي ڪو پٽ ڄمندو جو چور هوندو يا خوني هوندو، ۽ جو انهن مان ڪو ڪم ڪندو هوندو؛ 11جو انهن فرضن مان ڪوبہ ادا نہ ڪندو هوندو، پر جبلن تي کاڌو هوندائين، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين، 12مسڪينن ۽ محتاجن سان ظلم ڪيو هوندائين، زور زبردستيءَ سان ڦرمار ڪئي هوندائين؛ گروي رکيل شيءِ موٽائي نہ ڏني هوندائين، ۽ بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا هوندائين. 13وياج تي پئسا ڏنا هوندائين ۽ وڌيڪ ورتو هوندائين: سو ڪو جيئندو ڇا؟ اُهو ڪڏهن نہ جيئندو: جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن: اُهو ضرور مرندو؛ انهي جو خون سندس مٿان آهي. 14هاڻي ڏسو، جيڪڏهن هن کي ڪو پٽ ڄمندو، جو پنهنجي پيءُ جا سڀ ڪيل گناهہ ڏسي ٿو، ۽ ڊڄي ٿو، ۽ اهڙا ڪم نٿو ڪري. 15جنهن جبلن تي نہ کاڌو آهي، نڪي اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون اٿس، ۽ نہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو اٿس، 16۽ نہ ڪنهن سان برائي ڪئي اٿس، نڪي ڪجهہ گروي ورتو اٿس، نڪي زور زبردستيءَ سان ڦرلٽ ڪئي اٿس، پر پنهنجي ماني بکايلن کي ڏني اٿس، ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو اٿس. 17جنهن غريبن کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ نہ وياج نہ ٻيو ڪجهہ ورتو اٿس، ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي اٿس، ۽ منهنجي قانونن تي هليو آهي؛ اُهو پنهنجي پيءُ جي گناهن ڪري نہ مرندو، اُهو يقيناً جيئرو رهندو. 18باقي سندس پيءُ، سو بي رحميءَ سان ظلم ڪرڻ ڪري، پنهنجي ڀاءُ کي زور زبردستيءَ سان ڦرڻ ڪري، ۽ پنهنجي قوم ۾ جيڪي چڱو ناهي تنهن جي ڪرڻ ڪري، ڏسو، پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ضرور مرندو. 19انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ڇالاءِ پٽ پيءُ جو گناهہ نٿو کڻي؟ جڏهن پٽ ڪو ڪم ڪيو آهي، جو قاعدي موجب درست آهي، ۽ منهنجن سڀني قاعدن جي سنڀال ڪئي اٿس، ۽ انهن جي تعميل ڪئي اٿس، تڏهن هو يقيناً جيئرو رهندو. 20جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي: پٽ پيءُ جو گناهہ نہ کڻندو. نڪي پيءُ پٽ جو گناهہ کڻندو؛ سچار جي سچائي اُنهي تي رهندي، ۽ شرير جي شرارت بہ انهي تي ئي رهندي. 21پر جيڪڏهن ڪو شرير پنهنجن سڀني ڪيل گناهن کان باز ايندو، ۽ منهنجا سڀ قانون سنڀاليندو، ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪندو، سو ضرور جيئرو رهندو، ۽ مرندو ڪين. 22جيڪي گناهہ هن ڪيا هوندا، تن مان ڪوبہ هن جي برخلاف ياد نہ ڪيو ويندو: جيڪا سچائي هن ڪئي آهي، انهي جي ڪري هو جيئرو رهندو. 23خداوند خدا ٿو فرمائي تہ شرير جي مرڻ ڪري ڪا مون کي خوشي ٿئي ٿي ڇا؟ بلڪ منهنجي خوشي انهي ۾ ڪونهي ڇا تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي؟ 24پر جيڪڏهن ڪو سچار پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ جيڪي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم شرير ماڻهو ڪندو آهي، اُهي ڪري ٿو، تڏهن ڪو هو جيئرو رهندو ڇا؟ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن، تن مان ڪوبہ ياد نہ رهندو: جيڪا بدڪاري ڪئي اٿس ۽ جيڪو گناهہ ڪيو اٿس، تنهن جي ڪري ئي هو مرندو. 25انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا هاڻي ٻڌو: منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟ 26جيڪڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو، ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ انهي ڪري مري ٿو؛ تڏهن جيڪو گناهہ هن ڪيو آهي، انهي جي ڪري هو مرندو. 27وري جڏهن ڪو شرير ماڻهو پنهنجي ڪيل شرارت کان ڦري ٿو ۽ جيڪي قاعدي موجب درست آهي سو ڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي جان کي جيئرو رکندو. 28ڇالاءِ جو هو ويچاري ٿو، ۽ جيڪي گناهہ ڪيا اٿس، تن سڀني کان توبهہ ڪري ٿو، تنهنڪري يقيناً هو جيئرو رهندو ۽ مرندو ڪين. 29انهي هوندي بہ اسرائيل جو گهراڻو چوي ٿو تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا، منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟ 30تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان مان هر ڪنهن جي راهہ جي موجب سندس عدالت ڪندس. اوهين موٽو ۽ پنهنجي سڀني گناهن کان توبهہ ڪريو؛ انهي طرح گناهہ اوهان جي ناس ٿيڻ جو سبب نہ ٿيندو. 31جيڪي گناهہ جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن، تن سڀني کي پاڻ کان پري ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ نئين دل ۽ نئون روح پيدا ڪريو: اي اسرائيل جا گهراڻا ڇو اوهين مرڻ ٿا گهرو؟ 32خداوند خدا ٿو فرمائي تہ جيڪو مري ٿو تنهن جي مرڻ ڪري مون کي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي: تنهنڪري اوهين ڦرو ۽ جيئرا رهو.
Valgt i Øjeblikket:
حزقي ايل 18: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.