Bibel App logo
Søgeikon

حزقي ايل 15

15
1خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، ڊاک جو وڻ، يعني ڊاک جي ٽاري جا ٻيلي جي هڪڙي وڻ ۾ آهي، ٻئي وڻ کان ڇا ۾ بهتر آهي؟ 3انهي مان ڪا اهڙي ڪاٺي نڪرندي ڇا، جنهن مان ڪا ڪم جهڙي شيءِ جوڙي سگهجي؟ يا انهي مان ڪا ڪلي ٺاهي سگهبي جنهن تي ڪو باسڻ ٽنگي ڇڏجي؟ 4ڏس، اُها ٻرڻ لاءِ باهہ ۾ اُڇلائي ٿي وڃي؛ باهہ انهي جا ٻئي ڇيڙا ساڙي ڇڏيا آهن، ۽ انهي جو وچ بہ سڙي ويو آهي؛ اُها ڪنهن ڪم جي لائق آهي ڇا؟ 5ڏس، جڏهن اُها سڄي ساري هئي، تڏهن بہ ڪنهن ڪم جي لائق نہ هئي، تڏهن هاڻي جڏهن باهہ هن کي ساڙي ڇڏيو آهي، ۽ اُها سڙي ويئي آهي، تڏهن اُها ڪيترو نہ گهٽ ڪنهن ڪم جي لائق ٿيندي؟ 6تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن اُهو ڊاک جو وڻ ٻيلي جي ٻين وڻن مان مون سڙڻ لاءِ باهہ کي ڏيئي ڇڏيو آهي، تيئن آءٌ يروشلم جي رهاڪن کي بہ ڏيئي ڇڏيندس. 7آءٌ پنهنجو منهن اُنهن جي برخلاف ڪندس؛ هو باهہ ڏانهن ويندا، ۽ باهہ هنن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندين؛ ۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو منهن انهن جي برخلاف ڪندس. 8۽ آءٌ انهي زمين کي ويران ڪندس، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ هنن گناهہ ڪيو آهي.

Valgt i Øjeblikket:

حزقي ايل 15: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind