رسولن جا ڪم 27

27
1۽ جڏهن اهو ٺهراءُ ٿيو تہ اسين جهاز ۾ چڙهي اطاليہ ڏانهن وڃون، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي شهنشاهي پلٽڻ جي هڪڙي يوليس نالي صوبيدار جي حوالي ڪيو. 2۽ ادرموتيم جو هڪڙو جهاز، جو آسيہ جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻو هو، تنهن تي چڙهي اسين روانا ٿياسين، ۽ ٿسلونيڪيءَ جو هڪڙو مڪدوني ارسترخس نالي اسان سان هو. 3۽ ٻئي ڏينهن اسين صيدون ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ يوليس پولس تي مهرباني ڪئي، ۽ موڪل ڏنائينس تہ دوستن وٽ وڃي، ۽ تازگي حاصل ڪري. 4۽ اُتان جهاز اڳتي هلائي ڪپرس جي آڙ وٺي لنگهياسين، جو واءُ اڻائو هو. 5۽ جڏهن ڪلڪيہ ۽ پمفوليہ جي پاسي واري سمنڊ مان لنگهياسين، تڏهن مورا ۾ آياسين، جو لوڪيہ جو هڪڙو شهر آهي. 6۽ اُتي انهي صوبيدار کي سڪندريہ جو هڪڙو جهاز مليو، جو اطاليہ ڏانهن ٿي ويو؛ تنهن ۾ اسان کي کڻي چاڙهيائين. 7۽ ڪيترائي ڏينهن آهستي آهستي پئي وياسين، پوءِ جيئن تيئن ڪري ڪندوس جي سامهون پهتاسين، ۽ واءُ اسان کي اڳتي وڌڻ نہ ڏنو، تنهنڪري سلمونيءَ جي سامهون لنگهي، ڪريتي جي آڙ ۾ هلياسين؛ 8۽ مشڪل سان انهيءَ جو ڪنارو ڏيئي هلي هلي سهڻي بندر تي پهتاسين، جنهن جي ويجهو لسيہ شهر آهي.
9۽ جڏهن ڳچ مدت گذري ويئي، ۽ روزن جا ڏينهن لنگهي وڃڻ جي ڪري، جهاز جي مسافري هاڻي جوکائتي ٿي پيئي هئي، تڏهن پولس هنن کي صلاح ڏيئي چوڻ لڳو، 10اي صاحبو، آئون سمجهان ٿو تہ هن سفر ۾ تڪليف ۽ گهڻو نقصان ٿيڻو آهي، نہ رڳو مال ۽ جهاز جو، پر اسان جي حياتيءَ جو بہ. 11پر صوبيدار، ناکئي ۽ جهاز جي مالڪ جون ڳالهيون، پولس جي ڳالهين کان وڌيڪ مڃيون. 12۽ اهو بندر سياري ڪاٽڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گهڻن جي صلاح ٿي تہ اتان اڳتي هلجي، ۽ جي ٿي سگهي تہ فينڪس ۾ هلي سيارو گذارجي؛ جو ڪريتيءَ جو بندر آهي ۽ سندس رخ اُتر اُڀرندي ڏانهن آهي. 13۽ جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي لڳڻ شروع ٿيو، تڏهن هنن ڀانئيو تہ هاڻ اسان جو مطلب پورو ٿيو، تنهنڪري لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي هليا. 14اڃا ڪو گهڻو وقت ڪونہ گذريو، تہ هڪڙو طوفان اچي ڇٽڪيو، جنهن کي يوراڪلون ٿا چون: 15۽ جڏهن جهاز اچي ڦاٿو، ۽ واءُ کي سامهون ٿي نہ سگهيو، تڏهن لاچار ٿي اسان ڇڏي ڏنس، ۽ ڌڪجي پئي وياسين. 16۽ ڪودہ نالي هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ جي آڙ ۾ لنگهي، جيئن تيئن ڪري ٻيڙي هٿ ڪئي سين؛ 17۽ جڏهن انهيءَ کي چاڙهي مٿي ڪيائون، تڏهن جهاز جي هيٺين پاسي کي چوڌاري رسا ٻَڌي مضبوط ڪيائون؛ پوءِ هنن کي ڊپ ٿيو تہ متان ڌڪجي وڃي سورتس، يعني ريتيءَ ۾ ڦاسون، تنهنڪري جهاز جو سڙهہ ۽ آلات لاهي هيٺ ڪيائون، پوءِ ڌڪبا هليا ويا. 18۽ جڏهن طوفان اسان کي ڏاڍو هلاک ڪيو، تڏهن ٻئي ڏينهن هنن جهاز جو بار کڻي واميو؛ 19۽ ٽئين ڏينهن هنن پنهنجن هٿن سان جهاز جو سارو سامان اُڇلائي ڇڏيو. 20۽ جڏهن ڏينهن جا ڏينهن نڪي سج نڪي تارا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ سخت طوفان لڳندو رهيو، تڏهن نيٺ بچڻ جي ڪابہ اُميد ڪانہ رهيسين. 21سو ڪيترائي ڏينهن کاڌي کانسواءِ گذري وِين، تڏهن پولس سندن وچ ۾ بيهي چوڻ لڳو، تہ صاحبو، اوهان کي گهُربو هو تہ منهنجي ڳالهہ مڃو ها ۽ ڪريتيءَ کان روانا نہ ٿيو ها، تہ هيءَ تڪليف ۽ نقصان نہ رسيوَ ها. 22هاڻي منهنجي صلاح اٿوَ تہ دلجاءِ ڪريو: ڇالاءِ جو اوهان مان ڪنهن جيءَ بہ جان جو نقصان نہ ٿيندو، پر رڳو جهاز ويندو. 23ڇاڪاڻ جو خدا، جنهن جو آئون آهيان، ۽ جنهن جي عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات جو مون وٽ آيو، 24۽ چيائين، تہ اي پولس، ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين: ۽ ڏس هي جيڪي جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي. 25تنهنڪري اي صاحبو، دلجاءِ ڪريو، جو منهنجو خدا تي پورو يقين آهي، تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو، 26۽ اسين ضرور ڪنهن ٻيٽ تي وڃي پونداسين.
27پر جڏهن چوڏهين رات آئي ۽ اسين ادريہ جي سمنڊ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڌڪجي پئي وياسين، تڏهن آڌيءَ رات ڌاري خلاصين سمجهيو تہ ڪنهن ملڪ کي ويجهو پوندا ٿا وڃون؛ 28۽ هنن پاڻيءَ جو ترو ورتو، تہ ويهہ پرهہ نڪتو: ٿورو اڳڀرو هلي وري بہ ترو ورتائون، تہ پندرهن پرهہ ٿيا. 29تنهن تي اهو ڊپ ٿِيُنِ تہ متان ٽڪر تي وڃي لڳون، سو جهاز جي پاڇيل کان چار لنگر لاهي صبح ٿيڻ جي انتظار ۾ ويهي رهيا. 30۽ جڏهن خلاصي انهي سعيي ۾ هئا تہ جهاز مان ڀڄي وڃون، ۽ ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاهي ڇڏيائون، انهي بهاني تي تہ ڄڻ جهاز جي آڳيل تان لنگر لاهينداسين؛ 31تڏهن پولس صوبيدار ۽ سپاهين کي چيو، تہ جيڪڏهن هي جهاز تي نہ رهندا تہ اوهان جو بچڻ ڪونهي. 32تنهن تي سپاهين ٻيڙيءَ جا رسا ڪَپي ڇڏيا، ۽ ڇڏي ڏنائونس. 33اڃا صبح ٿيڻ تي هو تہ پولس سڀني کي عرض ڪيو تہ ڪجهہ کائو، ۽ چيائين تہ اوهان کي انتظار ڪندي ڪندي، ۽ بکون ڪڍندي اڄ ڏهون ڏينهن اچي ٿيو آهي، جو ڪي بہ ڪين کاڌو اٿوَ. 34تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڪجهہ کائو، ڇالاءِ تہ انهي ۾ اوهان جو بچاءُ آهي: ڇو جو اوهان مان ڪنهن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ ونگو نہ ٿيندو. 35۽ جڏهن ائين چئي رهيو ۽ ماني ورتائين، تڏهن سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪري اُها ڀڃي کائڻ لڳو. 36تڏهن ٻين سڀني کي بہ دلجاءِ ٿي، ۽ پاڻ بہ ماني کاڌائون. 37۽ جهاز ۾ اسين مڙيئي ٻہ سؤ ڇاهتر ڄڻا هئاسين. 38۽ جڏهن هنن کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن ڪڻڪ کڻي سمنڊ ۾ اُڇلايائون تہ جهاز هلڪو ٿئي. 39۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن خبر ئي ڪانہ پين تہ هيءُ ڪهڙو ملڪ آهي: پر هڪڙي کاري ڏٺائون جنهن جو ڪنارو صاف هو، ۽ هو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جي ٿي سگهي تہ جهاز کي انهي ڪناري تي وڃي بيهارجي. 40پوءِ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڇڏي ڏنائون، ۽ اوڏيءَ مهل ئي ونجهن سان رسا بہ کڻي ڇوڙيائون ۽ آڳيل وارو سڙهہ واءُ جي رخ تي چاڙهي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳا. 41پر هڪڙي اهڙي هنڌ اچي پيا، جتي ٻنهي پاسي سمنڊ جو زور هو، ۽ اُتي جهاز وڃي گَتو، ۽ آڳيل تہ لڳي قابو ٿي پيئي، مگر پاڇيل لهرن جي سٽڪي جي ڪري ڀڄڻ لڳي. 42۽ سپاهين پاڻ ۾ اها صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان منجهانئن ڪو تري ڀڄي وڃي. 43پر صوبيدار جي مرضي هئي تہ پولس کي بچايان، سو هنن کي انهي ارادي کان روڪيائين؛ ۽ حڪم ڏنائين تہ جيڪي تري سگهن، سي پهرين جهاز مان ٽپو ڏيئي پاڻيءَ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پهچن: 44ٻين مان، ڪي تختن تي، ڪي جهاز جي ٻين شين تي نڪري وڃن. نيٺ ائين ٿيو ۽ سڀيئي صحيح سلامت وڃي سُڪيءَ تي پهتا.

Valgt i Øjeblikket:

رسولن جا ڪم 27: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind