رسولن جا ڪم 25
25
1سو جڏهن فيستس انهي پرڳڻي ۾ آيو، تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ هو قيصريہ مان يروشلم ۾ ويو. 2۽ سردار ڪاهنن ۽ يهودين جي بزرگن وٽس پولس تي دانهن ڪئي؛ ۽ عرض ڪيائونس تہ 3ڀلائي ڪري هن کي يروشلم ۾ گهُراءِ؛ ۽ پاڻ اهو وجهہ پئي ڳوليائون تہ رستي ۾ هن کي ماري کپائي ڇڏيون. 4پر فيستس جواب ڏنو تہ پولس قيصريہ ۾ قيد آهي، ۽ آئون پاڻ جلد اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان، 5تنهنڪري اوهان مان جيڪي معتبر آهن، سي مون سان گڏ هلن، ۽ جيڪڏهن اُنهي ماڻهوءَ ڪا خطا ڪئي هوندي تہ پوءِ ڀلي مٿس تهمت رکن.
6۽ هو منجهن اٺ ڏهہ ڏينهن کن ٽڪي پوءِ قيصريہ ۾ ويو، ۽ ٻئي ڏينهن عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڪيائين تہ پولس کي وٺي اچو. 7۽ جڏهن اُهو اچي حاضر ٿيو، تڏهن جيڪي يهودي يروشلم مان آيا هئا، سي سندس چوڌاري بيهي ويا ۽ مٿس ڏاڍيون ڳريون تهمتون رکيائون، پر انهن جي ثابتي ڏيئي نہ سگهيا. 8مگر پولس پنهنجي بچاءَ ۾ چيو، تہ مون نڪو يهودين جي شريعت جو ڪو ڏوهہ ڪيو آهي، نہ هيڪل جو، نڪي قيصر جو. 9پر فيستس جي مرضي هئي تہ يهودين ۾ سرخرو ٿيان، تنهنڪري پولس کي ورندي ڏيئي چيائين تہ يروشلم ۾ هلندين تہ اتي منهنجي اڳيان هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟ 10پر پولس چيو تہ آئون قيصر جي عدالت جي ڪرسيءَ اڳيان بيٺو آهيان، منهنجو فيصلو هتي ٿيڻ گهرجي؛ يهودين جو مون ڪوبہ قصور ڪونہ ڪيو آهي، جيئن خود توکي نيڪ روشن آهي. 11تنهنڪري جي آئون قصوروار آهيان، ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم، تہ آئون مرڻ کان انڪار ڪونہ ٿو ڪريان: پر جن ڳالهين جو هي مون تي الزام ٿا آڻين، تن مان جي ڪابہ سچي ڪانهي، تہ پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق ڪونهي تہ مون کي سندن حوالي ڪري. 12آئون قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان. تڏهن فيستس صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري ورندي ڏني، تہ تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، سو توکي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.
13هاڻي ڪن ڏينهن کانپوءِ اگرپا بادشاهہ ۽ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ آيا. 14۽ هو ڪيترا ڏينهن اتي ٽڪي پيا، سو فيستس پولس جي مقدمي جو احوال بادشاهہ کي ٻُڌايو، ۽ چيائين تہ هڪڙو شخص آهي جنهن کي فيلڪس قيد ۾ ڇڏي ويو آهي؛ 15جنهن تي، جڏهن آئون يروشلم ۾ هوس، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ يهودين جي بزرگن مون وٽ فرياد ڪيو، ۽ عرض ڪيائون تہ سزا ڏينس. 16پر مون کين جواب ڏنو تہ جيسين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي، ۽ جا تهمت مٿس رکن، تنهن جي بچاءُ ڏيڻ جو وجهہ نہ مليس، تيسين کيس سزا ڏيڻ، رومين جو دستور نہ آهي. 17سو جڏهن هو هتي اچي گڏ ٿيا، تڏهن مون دير ڪانہ ڪئي، پر ٻئي ڏينهن عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنم تہ انهيءَ ماڻهو کي وٺي اچو. 18پر جڏهن سندس مدعي اٿي بيٺا، تڏهن جن ڏوهن جو مون کي گمان هو، تن مان ڪنهن جو بہ الزام مٿس ڪين آندائون. 19پر هنن جي وچ ۾ پنهنجي مذهب بابت تڪرار هو ۽ هڪڙي شخص يسوع بابت، جو مري ويو هو، پر جنهن جي نسبت ۾ پولس ٿي چيو تہ جيئرو آهي. 20۽ جيئن تہ مون کي سمجهہ ۾ ڪين آيو تہ انهن ڳالهين جي دريافت ڪيئن ڪجي، سو کانئس پڇيم تہ يروشلم ۾ وڃڻ تي راضي آهين، تہ اُتي هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟ 21پر جڏهن پولس عرض ڪيو تہ منهنجي مقدمي جو فيصلو شهنشاهہ جي عدالت ۾ ٿئي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ جيسين آئون قيصر ڏانهن موڪليانس، تيسين بند رهي. 22تڏهن اگرپا فيستس کي چيو تہ منهنجي پاڻ اها مرضي آهي تہ انهي ماڻهوءَ جي ڳالهہ ٻُڌان. هن چيو تہ سڀاڻي ئي تون هن جي ڳالهہ ٻُڌج.
23سو ٻئي ڏينهن جڏهن اگرپا ۽ برنيڪي ڏاڍي دٻدٻي سان آيا، ۽ پلٽڻ جي سردارن ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن سان گڏ ديوان عام ۾ داخل ٿيا، تڏهن فيستس جي حڪم سان، پولس کي آڻي حاضر ڪيائون. 24پوءِ فيستس چوڻ لڳو، تہ اي اگرپا بادشاهہ، ۽ اوهين سڀيئي جي هتي موجود آهيو، هن شخص کي ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق يروشلم ۾ توڙي هتي مون وٽ فرياد ڪيو، ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ههڙي ماڻهوءَ کي جيئرو ئي رهڻ نہ ڏجي. 25پر مون کي خبر پيئي تہ هن موت جي سزا جوڳو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي: پر جڏهن هن پاڻ شهنشاهہ وٽ اپيل ڪئي، تڏهن ٺهراءُ ڪيم تہ کيس اوڏانهن موڪليان. 26مگر سندس بابت مون کي ڪابہ پڪي خبر ڪانهي جا پنهنجي مالڪ ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان جي اڳيان، خاص ڪري، اي اگرپا بادشاهہ، تنهنجي اڳيان، حاضر ڪيو آهي، تہ هن تحقيقات مان ڪا لکڻ جهڙيءَ ڳالهہ جي خبر پويم. 27ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ اِها ڳالهہ غير واجبي آهي تہ قيديءَ کي روانو ڪريان، پر جيڪي تهمتون مٿس آهن، سي نہ ٻُڌايان.
Valgt i Øjeblikket:
رسولن جا ڪم 25: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.