2 - ڪرنٿين 11

11
1شل اوهين منهنجي ٿوري بيوقوفيءَ جي برداشت ڪريو، ها منهنجي برداشت تہ ڪريو ٿا. 2ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان. 3پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي ٺڳيو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جون دليون بہ انهيءَ سادگيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن، جا مسيح سان هئڻ گهرجي. 4جيڪڏهن ڪو اچي ٻئي يسوع جي منادي ڪري جنهن جي اسان منادي نہ ڪئي، يا جيڪڏهن اوهان کي ڪو ٻيو روح ٿو ملي جو اڳي نہ مليو اٿوَ، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جا اوهان قبول نہ ڪئي هئي، تہ پوءِ اهو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انهي جي برداشت ٿا ڪريو؟ 5ڇالاءِ جو آئون پاڻ کي انهن افضل رسولن کان ذرو بہ گهٽ نٿو سمجهان. 6پر جيڪڏهن آئون خوش تقريريءَ ۾ گهٽ آهيان، تہ بہ علم ۾ اهڙو نہ آهيان؛ بلڪ اهو اسان سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني ماڻهن جي اڳيان اوهان وٽ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي. 7يا مون اهو گناهہ ڪيو ڇا جو اوهان کي خدا جي خوشخبري مفت ٻُڌائي پنهنجو پاڻ کي هيٺ ڪيم تہ اوهين مٿي ٿيو؟ 8مون ٻين ڪليسيائن کي ڦريو جو کانئن اُجورو ورتم، انهي لاءِ تہ اوهان جي خدمت ڪريان. 9۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن گهرج هوندي بہ آئون ڪنهن تي بار ڪين ٿيس؛ ڇالاءِ جو ڀائرن مڪدونيہ مان اچي منهنجون سڀ گهرجون پوريون ڪيون؛ ۽ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجهڻ کان مون پاڻ کي روڪيو، ۽ انهيءَ طرح اڳتي بہ روڪيندو رهندس. 10مسيح جي سچائي جا مون ۾ آهي، تنهن موجب چوان ٿو تہ اخيہ جي پرڳڻن ۾ مون کي انهي فخر ڪرڻ کان ڪوبہ ماڻهو روڪي نٿو سگهي. 11سو ڇو؟ انهي لاءِ ڇا تہ آئون اوهان کي پيار نٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آئون اوهان کي پيار ٿو ڪريان. 12۽ جيڪي آئون ڪريان ٿو سو ئي آئون ڪندو رهندس، انهي لاءِ تہ جيڪي پنهنجي ڪم جي وڏائي ٿا ڪن، تہ اسان جهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو فخر بي فائدو ثابت ٿئي. 13ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو ڪوڙا رسول ۽ دغاباز آهن، ۽ پاڻ کي مسيح جي رسولن جا هم شڪل ٿا بنائين. 14۽ انهي ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي؛ ڇالاءِ جو شيطان بہ هڪڙي نوراني ملائڪ جهڙي شڪل اختيار ٿو ڪري. 15تنهنڪري جيڪڏهن انهي جا خادم پاڻ کي راستبازيءَ جا خادم ٿا بنائين تہ ڪا عجب ڳالهہ ڪانهي. انهن جو نتيجو سندن ڪمن جهڙو ٿيندو.
16آئون وري بہ ٿو چوان تہ ڪوبہ ماڻهو مون کي بيوَقوف نہ سمجهي؛ پر جي ائين سمجهو ٿا تہ مون کي بيوقوف ئي سمجهي قبول ڪريو، تہ آئون بہ ٿورو فخر تہ ڪريان. 17(جيڪي آئون چوان ٿو، سو خدا جي پاران نٿو چوان، پر ڄڻ تہ بيوَقوف وانگر اِنهيءَ ٻٽاڪ ۾؛ 18جنهن صورت ۾ گهڻا جسماني طور فخر ٿا ڪن، تڏهن آئون بہ ڇو نہ فخر ڪريان.) 19ڇالاءِ جو اوهين پاڻ تہ ڏاها ٿي خوشيءَ سان بيوقوفن جي برداشت ٿا ڪريو. 20هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي غلام ٿو بنائي، يا جيڪڏهن اهو اوهان کي کائي ٿو وڃي، يا اهو اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا پنهنجي وڏائي ٿو ڪري، يا اوهان کي منهن تي چماٽ ٿو هڻي، تہ اوهين انهي جي برداشت ٿا ڪريو. 21افسوس سان مون کي چوڻو ٿو پوي تہ انهن ڳالهين ۾ اسين ضعيف آهيون! انهي هوندي بہ (آئون بيوقوف ٿي ٿو چوان تہ) جي ڪنهن ڳالهہ ۾ ڪو ماڻهو ٻٽاڪ ٿو هڻي تہ آئون بہ ٻٽاڪ هڻي ٿو سگهان. 22ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي اسرائيلي آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آئون بہ آهيان. 23ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ (اهو آئون پاڳل وانگر ٿو چوان) آئون انهن کان بہ وڌيڪ آهيان؛ محنتن ۾ گهڻو وڌيڪ، قيدن ۾ گهڻو وڌيڪ؛ چهبڪن کائڻ ۾ حد کان زيادہ، موت جي منهن ۾ گهڻائي ڀيرا. 24مون پنج دفعا هڪڙي گهٽ چاليهہ چهبڪ يهودين جي هٿان کاڌا. 25ٽي ڀيرا مون کي لڪڻن سان مار ملي، هڪڙو ڀيرو سنگسار ڪيو ويس، 26ٽي ڀيرا جهاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس، هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن سمنڊ ۾ ڪاٽيم؛ گهڻائي ڀيرا مسافرين ۾ رهيو آهيان، درياهن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، بيابانن جي خطري ۾، سمنڊ جي خطرن ۾، ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾؛ 27محنت ۽ مشقت ۾، اڪثر اوجاڳن ۾، بک ۽ اُڃ ۾، اڪثر فاقن ۾، سرديءَ ۽ اُگهاڙپن ۾. 28ٻين ڳالهين کانسواءِ هيءَ ڳالهہ بہ آهي جا هر روز مون تي بار وانگر ٿي رهي، يعني سڀني ڪليسيائن جو فڪر. 29ڪنهن کي ڪمزور ڏسي آئون ڪمزور نٿو ٿيان؟ ۽ ڪنهن کي گمراهہ ٿيندو ڏسي منهنجو جيءُ نٿو جلي؟ 30جيڪڏهن فخر ڪرڻو اٿم تہ آئون انهن ڳالهين تي فخر ڪندس جن جو منهنجي ڪمزوريءَ سان واسطو آهي. 31خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ، جو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي، سو ٿو ڄاڻي تہ آئون ڪوڙ نٿو چوان. 32دمشق ۾، اريتاس بادشاهہ جي پاران اُتي جي حاڪم مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ دمشقين جي شهر تي پهرو بيهاريو هو، 33پر مون کي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ ويهاري هڪڙيءَ دريءَ مان ڀت تان لاهي ڇڏيائون، ۽ آئون هن جي هٿان بچي نڪتس.

Valgt i Øjeblikket:

2 - ڪرنٿين 11: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind