1 - ڪرنٿين 3

3
1۽ اي ڀائرو، آئون اوهان سان اهڙيءَ طرح ڳالهائي نہ سگهيس جهڙيءَ طرح اُنهن سان ڳالهائبو آهي جي روحاني آهن، پر اهڙيءَ طرح جيئن جسماني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، يعني انهن سان جي مسيح ۾ ٻارڙا آهن. 2مون اوهان کي کير پياريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي کي هضم ڪرڻ جهڙا نہ هئا، نڪي هاڻي اهڙا ٿيا آهيو؛ 3هن ڪري جو اوهين اڃا جسماني آهيو، ڇو جو جڏهن اوهان ۾ حسد ۽ جهيڙو جهڳڙو آهي، تڏهن اوهين جسماني ناهيو ڇا، ۽ دنياوي ماڻهن وانگر نٿا هلو ڇا؟ 4ڇالاءِ تہ جڏهن هڪڙو چوي ٿو تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ٻيو چوي ٿو تہ آئون اپلوس جو آهيان، تڏهن اوهين عام ماڻهو نہ ٿيا تہ ٻيو ڇا؟ 5اپلوس ڪير آهي؟ ۽ پولس ڪير آهي؟ اُهي خادم آهن جن جي وسيلي اوهان ايمان آندو، ۽ جيئن هر ڪنهن کي خدا برڪت ڏني تيئن هن خدمت ڪئي. 6مون پوکيو ۽ اپلوس پاڻي ڏنو، پر خدا انهي کي وڌايو. 7تنهنڪري پوکيندڙ يا پاڻي ڏيندڙ ٻئي ڪي ڪين آهن، پر خدا ئي آهي جو وڌائي ٿو. 8هاڻي جيڪو پوکي ٿو ۽ جيڪو پاڻي ڏئي ٿو، سي ٻئي هڪ آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس پورهئي موجب اُجورو ملندو. 9ڇالاءِ جو اسين سڀ خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، اوهين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آهيو.
10جيڪو خدا جو فضل مون کي عطا ٿيو هو، تنهن موجب مون هڪڙي اُستاد رازي وانگر بنياد وڌو، ۽ ٻيو انهي تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خبردار رهڻ کپي تہ اهو مٿس ڪيئن ٿو اڏاوت ڪري. 11ڇالاءِ جو جيڪو بنياد پيل آهي، سو يسوع مسيح آهي، تنهن کانسواءِ ٻيو بنياد ڪوبہ ماڻهو وجهي ڪين سگهندو. 12پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهي بنياد تي سون، رپو، جواهر، ڪاٺ، گاهہ يا ڪکن جي اڏاوت ڪندو، 13تہ هر ڪنهن جو ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن انهن کي پڌرو ڪندو، جڏهن باهہ نازل ٿيندي، ۽ خود باهہ هرهڪ ماڻهوءَ جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي. 14جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم، جو هن تي اڏيل هوندو، سو جٽاءُ ڪندو تہ انهي کي اُجورو ملندو. 15جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ انهي کي نقصان رسندو، پر هو پاڻ بچي ويندو، پر ٻرندي ٻرندي.
16اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين خدا جي هيڪل آهيو، ۽ خدا جو روح اوهان ۾ ٿو رهي؟ 17جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي هيڪل برباد ڪندو تہ خدا انهي کي برباد ڪندو، ڇالاءِ جو خدا جي هيڪل پاڪ آهي ۽ اُها هيڪل اوهين آهيو.
18ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان منجهان ڀانئين تہ هن جهان ۾ ڏاهو ليکجان تہ بيوَقوف ٿئي، تان تہ هو ڏاهو ٿي پوي. 19ڇالاءِ جو هن جهان جي ڏاهپ خدا جي اڳيان بيوَقوفي آهي. هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”هو ڏاهن کي سندن هوشياريءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“ 20۽ هيئن بہ چيل آهي، تہ ”خداوند ڏاهن جا خيال ڄاڻي ٿو تہ اجايا آهن.“ 21تنهنڪري ڪوبہ انسان تي فخر نہ ڪري. ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جون آهن، 22ڇا پولس ڇا اپلوس، ڇا ڪيفاس، ڇا جهان، ڇا حياتي، ڇا موت، ڇا هاڻوڪي وقت جون شيون، ڇا ايندڙ وقت جون شيون، سڀ اوهان جون آهن؛ 23۽ اوهين مسيح جا آهيو، ۽ مسيح خدا جو آهي.

Valgt i Øjeblikket:

1 - ڪرنٿين 3: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind