1 - ڪرنٿين 12
12
1هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ روحاني نعمتن جي نسبت اوهين ناواقف رهو. 2اوهين ڄاڻو ٿا تہ جڏهن اوهين غير قوم جا هئا، تڏهن گونگن بُتن جي پٺيان، جيئن ڪو اوهان کي وٺي ويندو هو، تيئن ويندا هئا. 3تنهنڪري آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ جيڪو خدا جي روح جي هدايت سان ٿو ڳالهائي، سو ائين نٿو چوي تہ يسوع لعنتي آهي، نہ وري ڪو ماڻهو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگهي ٿو تہ يسوع خداوند آهي.
4هاڻي نعمتون تہ طرح طرح جون آهن، پر روح هڪڙو ئي آهي. 5۽ خدمتون بہ طرح طرح جون آهن، پر خداوند هڪڙو ئي آهي؛ 6تاثيرون بہ طرح طرح جون آهيون، پر خدا هڪڙو ئي آهي جو سڀني ۾ هر طرح جو اثر پيدا ٿو ڪري. 7پر هرهڪ کي روح جو ظهور سڀني جي فائدي لاءِ ٿو ملي. 8ڇالاءِ جو هڪڙي کي روح جي وسيلي سياڻپ جو ڪلام ٿو ملي، ٻئي کي ساڳئي روح موجب علميت جو ڪلام، 9ڪنهن کي ساڳئي روح جي ڪري ايمان ٿو ملي، ۽ ڪنهن کي انهي هڪڙي ئي روح جي ڪري شفا ڏيڻ جون نعمتون، 10۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ، 11پر اهي سڀيئي ڪم هڪڙو ساڳيو روح ٿو ڪري، جو پنهنجي مرضيءَ موجب هرهڪ کي ڌار ڌار نعمت ورهائي ٿو ڏئي.
12ڇالاءِ جو جيئن بدن هڪڙو آهي ۽ ان جا عضوا گهڻا آهن ۽ بدن جا سڀ عضوا، اگرچہ گهڻا آهن، تہ بہ گڏجي هڪ بدن آهن، تيئن مسيح بہ آهي. 13ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو. 14ڇالاءِ تہ بدن بہ هڪڙو عضوو ناهي پر منجهس گهڻا آهن. 15جيڪڏهن پير چوي تہ آئون هٿ نہ آهيان، تنهنڪري آئون بدن جو ناهيان، تہ انهي ڪري ائين ناهي تہ اُهو بدن جو ڪونهي. 16۽ جيڪڏهن ڪَن کڻي چوي تہ آئون اک نہ آهيان، تنهنڪري بدن جو نہ آهيان، تہ انهي ڪري ائين ناهي تہ هو بدن جو ڪونهي. 17جيڪڏهن سارو بدن اک هجي ها تہ ٻُڌڻ ڪٿي ٿئي ها؟ جيڪڏهن سارو بدن ٻُڌڻ هجي ها تہ سنگهڻ ڪٿان ٿئي ها؟ 18پر حقيقت ڪري خدا هرهڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجي مرضيءَ موافق رکيو آهي. 19۽ جي هو سڀ هڪ عضوو هجن ها تہ بدن ڪٿي هجي ها؟ 20پر هاڻي عضوا تہ گهڻا ئي آهن، پر بدن هڪڙو ئي آهي. 21۽ اک هٿ کي چئي نٿي سگهي تہ مون کي تنهنجي گهُرج ڪانهي يا وري مٿو پيرن کي چئي نٿو سگهي تہ مون کي اوهان جي گهُرج ڪانهي. 22نہ، بلڪ بدن جا اُهي عضوا، جي زيادہ نازڪ ڏسڻ ۾ ٿا اچن، سي پاڻ وڌيڪ ضروري آهن. 23۽ بدن جا اُهي عضوا، جن کي اسين ٻين کان گهٽ ٿا سمجهون، تن جو تمام گهڻو قدر ٿا ڪريون، ۽ اسان جا بي زيبا عضوا تمام گهڻي زيب وارا ٿا ٿين، 24۽ اسان جا زيب وارا عضوا گهڻي ڪم وارا ثابت نٿا ٿين. پر خدا بدن کي اهڙيءَ طرح بنايو جو جيڪو عضوو گهٽ هو، تنهن کي تمام گهڻي عزت ڏنائين؛ 25انهي لاءِ تہ بدن ۾ ڪو تفرقو نہ پوي، ۽ سڀيئي عضوا هڪ ٻئي جي هڪ جهڙي سنڀال ڪن. 26۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.
27هاڻي اوهين مسيح جو بدن آهيو، ۽ ڌار ڌار سندس عضوا آهيو. 28۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ، 29سڀئي رسول آهن ڇا؟ سڀيئي نبي آهن ڇا؟ سڀيئي تعليم ڏيندڙ آهن ڇا؟ سڀئي معجزا ڪندڙ آهن ڇا؟ 30سڀني کي شفا ڏيڻ جي طاقت آهي ڇا؟ سڀيئي قسمين قسمين ٻوليون ڳالهائين ٿا ڇا؟ سڀيئي ترجمو ڪن ٿا ڇا؟ 31پر اوهين وڏين وڏين نعمتن جي آرزو رکو. ۽ آئون اوهان کي اڃا بہ نهايت عمدو رستو ڏيکاريان ٿو.
Valgt i Øjeblikket:
1 - ڪرنٿين 12: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.