1 - ڪرنٿين 10

10
1اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان ناواقف رهو، تہ اسان جي ابن ڏاڏن تي ڪڪر جي ڇانوَ هئي، ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگهي ويا، 2۽ سڀني انهي ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ موسيٰ جي بپتسما ورتي، 3۽ سڀني اها ساڳي روحاني خوراڪ کاڌي، 4۽ سڀني اُهو ساڳيو روحاني پاڻي پيتو. ڇالاءِ جو جيڪو روحاني ٽڪر سندن پٺيان پي آيو، تنهن مان هو پاڻي پيئندا هئا، ۽ اهو ٽڪر مسيح هو. 5انهي هوندي بہ اُنهن مان گهڻن سان خدا راضي نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اهي رڻ پٽ ۾ مارجي ڪيرايا ويا.
6هاڻي اهي ڳالهيون اسان جي لاءِ مثال هيون، انهي لاءِ تہ اسين خراب شين جي خواهش نہ ڪريون، جيئن هنن ٿي ڪئي. 7نڪي اوهين بُت پرست ٿيو، جهڙا هنن مان ڪي ٿيا هئا، جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ ويٺا ۽ نچڻ ٽپڻ اُٿيا.“ 8نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ڪئي، ۽ پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ٽيويهہ هزار مارجي ويا. 9نڪي اسان کي خداوند جي آزمائش وٺڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ورتي، ۽ پوءِ نانگن ڏنگي چٽ ڪين. 10نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين. 11هاڻي اهي ڳالهيون اُنهن سان ٿيون تہ هو عبرت وٺن، ۽ اسين جي آخرين زماني ۾ آهيون تن جي نصيحت لاءِ اهي لکيون ويون. 12تنهنڪري جيڪو پاڻ کي قائم ٿو سمجهي، سو سنڀال ڪري تہ متان ڪِري پوي. 13اوهان تي ڪا اهڙي آزمائش ڪانہ اچي پيئي آهي جا انسان سهي نہ سگهي: پر خدا سچو آهي، ۽ جيترو اوهين سهي ٿا سگهو تنهن کان وڌيڪ آزمائش ۾ اوهان کي پوڻ ڪين ڏيندو، پر آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو، تہ اُها اوهين برداشت ڪري سگهو.
14تنهنڪري، اي عزيزو، بُت پرستيءَ کان ڀڄو. 15آئون اوهان سان سمجهو ماڻهو ڄاڻي ٿو ڳالهايان، ۽ جيڪي چوان ٿو تنهن جي جاچ ڪريو. 16جنهن برڪت جي پيالي تي اسين برڪت ٿا گهُرون، سو مسيح جي رت جي شراڪت ناهي ڇا؟ جيڪا ماني اسين ڀڃون ٿا، سا مسيح جي بدن جي شراڪت ناهي ڇا؟ 17جيئن هڪڙي ماني آهي، تيئن اسين جي گهڻا آهيون سي هڪڙو بدن آهيون، ڇالاءِ جو اسين سڀيئي هڪڙيءَ ئي مانيءَ ۾ ڀائيوار ٿا ٿيون. 18جيڪي جسماني طور اسرائيلي آهن تن ڏانهن نهاريو، قربانين کائڻ وارا قربانگاهہ جا ڀائيوار نہ آهن ڇا؟ 19تڏهن آئون ڇا ٿو چوان؟ ائين ٿو چوان ڇا تہ بُتن جي قرباني بہ ڪا شيءِ آهي، يا بُت بہ ڪا شيءِ آهي؟ 20نہ، بلڪ آئون چوان ٿو تہ جيڪي شيون غير قومون قرباني ٿيون ڪن، سي خدا جي لاءِ قربانيون نہ ٿيون ڪن، پر ڀوتن جي لاءِ ٿيون ڪن. ۽ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين ڀوتن جا ڀائيوار ٿيو. 21اوهين خداوند جو پيالو ۽ ڀوتن جو پيالو ٻئي پي نٿا سگهو. اوهين خداوند جي ميز ۽ ڀوتن جي ميز ٻنهي جا ڀائيوار ٿي نٿا سگهو. 22اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟
23سڀ شيون روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون روا آهن، پر سڀني شين مان سڌارو نٿو ٿئي. 24ڪوبہ ماڻهو پنهنجو فائدو نہ ڳولي، پر ٻئي جو ڳولي. 25جيڪي ڪاسائين جي دڪانن تي وڪامي ٿو، سو کائو، ۽ پنهنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. 26ڇالاءِ جو ”زمين ۽ انهي جي ڀرپوري خداوند جي آهي.“ 27جن ايمان نہ آندو آهي تن مان جيڪڏهن ڪو اوهان کي دعوت ڏئي، ۽ اوهين وڃڻ لاءِ راضي هجو، تہ جيڪي اوهان جي اڳيان رکيو وڃي سو کائو، ۽ ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. 28پر جي ڪو ماڻهو اوهان کي چوي تہ هيءَ شيءِ قرباني ٿيل آهي، تہ انهيءَ چتائڻ واري جي خاطر، ۽ ضمير خاطر نہ کائو. 29ضمير مان منهنجو مطلب تنهنجي ضمير جو نہ، پر هن ٻئي جي ضمير جو آهي؛ ڀلا منهنجي آزادي ڇو ٻئي جي شڪ ڪرڻ سان آزمائڻ ۾ اچي؟ 30جيڪڏهن آئون شڪر ڪري ٿو کان، تہ جنهن ڳالهہ جي لاءِ شڪر ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري ڇو منهنجي بدنامي ٿئي؟
31تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو. 32يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو: 33جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ.

Valgt i Øjeblikket:

1 - ڪرنٿين 10: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind