1
يعقوب 2:1-3
Sindhi Bible NT
SB62
اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجهو؛ ۽ ڄاڻو تہ اوهان جو امتحان صبر پيدا ٿو ڪري.
Sammenlign
Udforsk يعقوب 1:2-3
2
يعقوب 5:1
پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.
Udforsk يعقوب 1:5
3
يعقوب 19:1
اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي
Udforsk يعقوب 1:19
4
يعقوب 4:1
۽ صبر کي پنهنجو پورو ڪم ڪرڻ ڏيو تہ اوهين ڪامل ۽ سالم ٿيو، ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ پئو.
Udforsk يعقوب 1:4
5
يعقوب 22:1
پر ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو، نہ فقط ٻُڌندڙ، ۽ پاڻ کي نہ ٺڳيو.
Udforsk يعقوب 1:22
6
يعقوب 12:1
مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي.
Udforsk يعقوب 1:12
7
يعقوب 17:1
سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.
Udforsk يعقوب 1:17
8
يعقوب 23:1-24
ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪلام جو ٻُڌندڙ آهي ۽ عمل ڪندڙ نہ آهي، تہ اهو انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو آهي جو پنهنجو منهن آرسيءَ ۾ ٿو ڏسي؛ ۽ هو پاڻ کي ڏسي هليو ٿو وڃي ۽ هڪدم وساري ٿو ڇڏي تہ آئون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان.
Udforsk يعقوب 1:23-24
9
يعقوب 27:1
اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي.
Udforsk يعقوب 1:27
10
يعقوب 13:1-14
جڏهن ڪو ماڻهو آزمائش ۾ پوي، تڏهن انهي کي ائين چوڻ نہ گهرجي تہ منهنجي آزمائش خدا جي طرفان آهي، ڇالاءِ جو خدا پاڻ بڇڙائيءَ سان آزمايو نٿو وڃي، نڪي هو ڪنهن ماڻهوءَ کي آزمائي ٿو. پر سڀڪو ماڻهو پنهنجين خواهشن ۾ ڇڪجي ۽ ٺڳجي، آزمائشن ۾ ٿو پوي.
Udforsk يعقوب 1:13-14
11
يعقوب 9:1
پر غريب ڀاءُ پنهنجي وڏي مرتبي تي فخر ڪري
Udforsk يعقوب 1:9