يعقوب 1
1
1خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.
2اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجهو؛ 3۽ ڄاڻو تہ اوهان جو امتحان صبر پيدا ٿو ڪري. 4۽ صبر کي پنهنجو پورو ڪم ڪرڻ ڏيو تہ اوهين ڪامل ۽ سالم ٿيو، ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ پئو.
5پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي. 6پر ايمان سان گهُري، ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي: ڇالاءِ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي اُنهي لهر وانگر آهي، جا هوا سان ڌڪجي ۽ اُڇلجي ٿي. 7ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ کي ائين سمجهڻ نہ گهرجي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجهہ ملندو؛ 8ٻہ دليو ماڻهو پنهنجيءَ ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نٿو رهي.
9پر غريب ڀاءُ پنهنجي وڏي مرتبي تي فخر ڪري: 10۽ دولتمند انهي تي فخر ڪري تہ هو ذليل ڪيو ويو آهي: ڇالاءِ تہ گاهہ جي گل وانگر هو ڪومائجي ويندو. 11ڇالاءِ تہ سج اُڀرندي ئي جهولو لڳڻ شروع ٿو ٿئي، جو گاهہ کي سُڪائي ٿو ڇڏي؛ ۽ انهي جو گل ڪِريو پوي، ۽ سندس خوبصورتي گم ٿيو وڃي؛ انهي طرح دولتمند ماڻهو بہ هلندي هلندي ڪومائجي ويندو.
12مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي. 13جڏهن ڪو ماڻهو آزمائش ۾ پوي، تڏهن انهي کي ائين چوڻ نہ گهرجي تہ منهنجي آزمائش خدا جي طرفان آهي، ڇالاءِ جو خدا پاڻ بڇڙائيءَ سان آزمايو نٿو وڃي، نڪي هو ڪنهن ماڻهوءَ کي آزمائي ٿو. 14پر سڀڪو ماڻهو پنهنجين خواهشن ۾ ڇڪجي ۽ ٺڳجي، آزمائشن ۾ ٿو پوي. 15پوءِ اها خواهش حاملہ ٿي گناهہ ٿي ڄڻي: ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿو ٿئي، تڏهن موت ٿو آڻي. 16اي منهنجا پيارا ڀائرو، ٺڳجي نہ وڃو.
17سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي. 18هن پنهنجيءَ مرضيءَ سان حق جي ڪلام جي وسيلي اسان کي پيدا ڪيو، تہ اسين سندس پيدا ڪيل خلقت مان هڪڙي قسم جو پهريون ڦل ٿيون.
19اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي: 20ڇالاءِ جو انسان جي ڪاوڙ مان اهڙا ڪم ٿي نٿا سگهن، جي خدا جي راستبازيءَ موجب آهن. 21تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي. 22پر ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو، نہ فقط ٻُڌندڙ، ۽ پاڻ کي نہ ٺڳيو. 23ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪلام جو ٻُڌندڙ آهي ۽ عمل ڪندڙ نہ آهي، تہ اهو انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو آهي جو پنهنجو منهن آرسيءَ ۾ ٿو ڏسي؛ 24۽ هو پاڻ کي ڏسي هليو ٿو وڃي ۽ هڪدم وساري ٿو ڇڏي تہ آئون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان. 25پر جيڪو ڪامل شريعت تي، يعني آزادگيءَ جي شريعت تي نظر ٿو ڪري ۽ غور ڪندو ٿو رهي، سو رڳو ٻُڌندڙ ناهي جو وساريو ڇڏي، پر عمل ڪندڙ آهي؛ اهوئي پنهنجي ڪم ۾ برڪت وارو ٿيندو. 26جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار سمجهي ٿو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نٿو ڏئي، بلڪ پنهنجي دل کي ٺڳي ٿو، تنهن جي دينداري اجائي آهي. 27اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي.
Valgt i Øjeblikket:
يعقوب 1: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.