1
لوقا 40:12
Sindhi Bible FB
SB
تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇو تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اها گھڙي الائجي ڪهڙي هوندي جڏهن ابنِ آدم اچي پهچندو.“
قارن
اكتشف لوقا 12:40
2
لوقا 31:12
سو اوهين پهريائين خدا جي بادشاهيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ اوهان کي اهي سڀ شيون بہ ملي وينديون.“
اكتشف لوقا 12:31
3
لوقا 15:12
پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“
اكتشف لوقا 12:15
4
لوقا 34:12
ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ دل بہ اوهان جي اتي ئي هوندي.“
اكتشف لوقا 12:34
5
لوقا 25:12
ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتين ڪرڻ سان حياتيءَ جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟
اكتشف لوقا 12:25
6
لوقا 22:12
پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘
اكتشف لوقا 12:22
7
لوقا 7:12
جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“
اكتشف لوقا 12:7
8
لوقا 32:12
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پيءُ جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري.
اكتشف لوقا 12:32
9
لوقا 24:12
ڪانوَن تي غور ڪريو تہ هو نہ پوکين، نڪي لڻين ۽ نہ وري انهن کي اناج جا ڀانڊا يا گودام آهن، تڏهن بہ خدا انهن کي کارائي ٿو. پر اوهين تہ انهن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو.
اكتشف لوقا 12:24
10
لوقا 29:12
تنهنڪري اوهين کائڻ پيئڻ جي شين جي پٺيان نہ لڳو ۽ انهن بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪريو.
اكتشف لوقا 12:29
11
لوقا 28:12
ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ خدا ائين پهرائي ٿو تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.
اكتشف لوقا 12:28
12
لوقا 2:12
ياد رکو، ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي.
اكتشف لوقا 12:2