1
يوحنا 25:11-26
Sindhi Bible FB
SB
عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رهندو ۽ جيڪو بہ جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو رکي سو ڪڏهن بہ نہ مرندو. ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي ايمان آهي؟“
Ṣe Àfiwé
Ṣàwárí يوحنا 11:25-26
2
يوحنا 40:11
عيسيٰ هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون ايمان رکندينءَ تہ خدا جي عظمت ڏسندينءَ؟“
Ṣàwárí يوحنا 11:40
3
يوحنا 35:11
عيسيٰ روئي ڏنو.
Ṣàwárí يوحنا 11:35
4
يوحنا 4:11
عيسيٰ اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ خدا جي عظمت ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس فرزند جي بہ عظمت ٿئي.“
Ṣàwárí يوحنا 11:4
5
يوحنا 43:11-44
ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“ تنهن تي مئل ماڻهو جيئرو ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. عيسيٰ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“
Ṣàwárí يوحنا 11:43-44
6
يوحنا 38:11
پوءِ عيسيٰ کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو.
Ṣàwárí يوحنا 11:38
7
يوحنا 11:11
پوءِ عيسيٰ وڌيڪ چين تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آهي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“
Ṣàwárí يوحنا 11:11