YouVersion Logo
تلاش

متي 1

1
يسوع مسيح جا ابا ڏاڏا
(لوقا 3‏:23‏-38)
1يسوع مسيح جيڪو دائود ۽ ابرهام جو اولاد آهي، تنهن جا ابا ڏاڏا هي آهن.
2ابرهام مان اضحاق پيدا ٿيو، اضحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يهوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا. 3يهوداہ کي فارص ۽ زارح نالي ٻہ پٽ پيدا ٿيا، جن جي ماتا تمر هئي. فارص مان حصرون پيدا ٿيو ۽ حصرون مان رام پيدا ٿيو. 4رام مان عمينداب پيدا ٿيو، عمينداب مان نحسون پيدا ٿيو ۽ نحسون مان سلمون پيدا ٿيو. 5سلمون کي سندس پتنيءَ راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس پتنيءَ رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو. 6يسيءَ مان دائود راجا پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انهيءَ پتنيءَ مان پيدا ٿيو جيڪا پهريائين اورياہ جي پتني هئي. 7سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو، رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو. 8آسا مان يهوسفط پيدا ٿيو، يهوسفط مان #1‏:8 يهوراماصلي مسودي ۾ ”يورام“ لکيل آهي، جڏهن تہ پراڻي وچن‌نامي جي شاستر 1.بادشاهَہ 22‏:50 ۾ هن نالي کي ”يهورام“ لکيو ويو آهي.يهورام پيدا ٿيو ۽ يهورام مان عُزياہ پيدا ٿيو. 9عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آخز پيدا ٿيو ۽ آخز مان حزقياہ پيدا ٿيو. 10حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسيءَ مان امُون پيدا ٿيو ۽ امُون مان يوسياہ پيدا ٿيو. 11#2.با 24‏:14‏–25‏:21، 2.توا 36‏:10، ير 27‏:20 جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل جا ماڻهو قيد ٿي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي ويا هئا، تن ڏينهن ۾ يوسياہ مان يهوياڪين ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.
12انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو. 13زربابل مان ابيهود پيدا ٿيو، ابيهود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو. 14عازور مان صدوق پيدا ٿيو، صدوق مان اخيم پيدا ٿيو ۽ اخيم مان اليهود پيدا ٿيو. 15اليهود مان اليعزر پيدا ٿيو، اليعزر مان متان پيدا ٿيو ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو. 16يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو پتي هو ۽ انهيءَ مريم جي پيٽان يسوع پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.
17اهڙيءَ طرح ابرهام کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏهن پيڙهيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون ۽ بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون.
يسوع مسيح جو جنم
(لوقا 2‏:1‏-7)
18 # لو 1‏:27 يسوع مسيح جو جنم هن ريت ٿيو جو جڏهن سندس ماتا مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي سڌ پيئي تہ کيس پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان پيٽ ٿيو آهي. 19هن جو مڱيندو هڪ نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري هن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“ 20پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان کيس پيٽ ٿيو آهي. 21#لو 1‏:31 هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو #1‏:21 يسوع ”يسوع“ نالي کي عبراني ٻوليءَ ۾ ”يشوع“ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ ”مڪتي ڏيندڙ“ آهي.يسوع رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجيءَ قوم کي سندن پاپن کان مڪتي ڏيندو.“
22اهڙيءَ طرح اهي سڀ ڳالهيون جيڪي پرميشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت فرمايون هيون سي پوريون ٿيون تہ
23 # يس 7‏:14 ”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي،
۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“
جنهن جي معنيٰ آهي ”ايشور اسان سان.“
24سو جڏهن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏهن جيئن پرميشور جي دوت چيو هئس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان شادي ڪيائين. 25#لو 2‏:21 پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس هٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو يسوع رکيائين.

موجودہ انتخاب:

متي 1: HSB

سرخی

شئیر

کاپی

None

کیا آپ جاہتے ہیں کہ آپ کی سرکیاں آپ کی devices پر محفوظ ہوں؟ Sign up or sign in

YouVersion آپ کے تجربے کو ذاتی بنانے کے لیے کوکیز کا استعمال کرتا ہے۔ ہماری ویب سائٹ کا استعمال کرتے ہوئے، آپ ہماری کوکیز کے استعمال کو قبول کرتے ہیں جیسا کہ ہماری رازداری کی پالیسیمیں بیان کیا گیا ہے۔