1
متي 37:9-38
Sindhi Bible NT
SB62
تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ فصل تہ بيشڪ ڀلو آهي، پر پورهيت ٿورا آهن. تنهنڪري اوهين فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ هو پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي.
Karşılaştır
متي 9:37-38 keşfedin
2
متي 13:9
پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.
متي 9:13 keşfedin
3
متي 36:9
پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا.
متي 9:36 keşfedin
4
متي 12:9
پر جڏهن هن اِها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي پر انهن کي جي بيمار آهن.
متي 9:12 keşfedin
5
متي 35:9
پوءِ يسوع سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾، ۽ عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مريضن، ۽ بيمارن کي ڇُٽائيندو گهُمندو رهيو.
متي 9:35 keşfedin