1
متي 24:16
Sindhi Bible NT
SB62
تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.
Karşılaştır
متي 16:24 keşfedin
2
متي 18:16
۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي.
متي 16:18 keşfedin
3
متي 19:16
آئون توکي آسمان جي بادشاهت جون ڪنجيون ڏيندس، ۽ جيڪي تون زمين تي ٻڌندين سو آسمان ۾ ٻڌبو، ۽ جيڪي تون زمين تي ڇوڙيندين سو آسمان ۾ ڇوڙيو ويندو.
متي 16:19 keşfedin
4
متي 25:16
ڇالاءِ جو جيڪو ڀانئين تہ پنهنجي جان بچايان، سو اُها وڃائيندو: ۽ جيڪو منهنجي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو، تنهن کي اُها ملندي.
متي 16:25 keşfedin
5
متي 26:16
ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟
متي 16:26 keşfedin
6
متي 15:16-16
هن کين چيو، پر اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ ۽ شمعون پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آهين.
متي 16:15-16 keşfedin
7
متي 17:16
۽ يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي شمعون بار يوناهہ، تون مبارڪ آهين: ڇالاءِ جو گوشت ۽ رت نہ، پر منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن توکي ظاهر ڪري ڄاڻايو آهي.
متي 16:17 keşfedin