مرقس 15
15
عيسيٰ پلاطس جي اڳيان
(متي ۱:۲۷–۲،۱۱–۱۴، لوقا ۱:۲۳–۵، يوحنا ۲۸:۱۸–۳۸)
1سردار ڪاھن صبح جو سوير ئي بزرگن، شريعت جي عالمن ۽ سڄي ڪائونسل سان اچي مليا ۽ پنھنجا منصوبا سٽڻ لڳا. اُھي عيسيٰ کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي پلاطس جي حوالي ڪيائونس. 2پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“ 3سردار ڪاھنن عيسيٰ تي ڪيترين ئي ڳالھين جون تھمتون ھنيون. 4تنھنڪري پلاطس کانئس وري پڇيو تہ ”ڇا تون ڪجھہ نہ چوندين؟ ڏس، ھنن تو تي ڪيتريون ڳالھيون مڙھيون آھن.“
5وري بہ عيسيٰ ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھايو، تنھن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو.
عيسيٰ لاءِ موت جي فتويٰ
(متي ۱۵:۲۷–۲۶، لوقا ۱۳:۲۳–۲۵، يوحنا ۳۹:۱۸–۱۶:۱۹)
6پلاطس ھر عيد فصح جي موقعي تي ھڪ قيدي آزاد ڪندو ھو، جنھن جي لاءِ رعيت چوندي ھيس. 7انھن ڏينھن ۾ برابا نالي ھڪ ماڻھو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ ھو جن ھڪڙي فساد ۾ خون ڪيو ھو. 8جڏھن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان مروت گھريائون، 9تڏھن ھن انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھين چاھيو ٿا تہ آءٌ اوھان جي خاطر يھودين جي بادشاھہ کي آزاد ڪريان؟“ 10ڇاڪاڻتہ ھن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آھي.“ 11پر سردار ڪاھنن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو عيسيٰ جي بدران برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري. 12پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”جنھن کي اوھين يھودين جو بادشاھہ ٿا سڏيو، تنھن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“ 13تنھن تي انھن رڙيون ڪري چيو تہ ”انھيءَ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“ 14تڏھن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“
15پلاطس تہ ماڻھن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو ھن برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي چھبڪ ھڻائڻ کان پوءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“
سپاھين جو عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ
(متي ۲۷:۲۷–۳۱، يوحنا ۲:۱۹–۳)
16سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنھنجن ٻين ھمراھن کي سڏيائون. 17انھن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا ۽ ڪنڊن جو ھڪڙو تاج ٺاھي مٿي تي رکيائونس. 18پوءِ چوڻ لڳس تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“ 19انھن کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ ھنيا، ٿڪون ھنيائونس ۽ گوڏن ڀر ويھي سجدو ڪرڻ لڳس. 20جڏھن چٿرون ڪري چڪا تہ واڱڻائي ڪپڙا لھرائي وري ساڳيا پنھنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُھي کيس ٻاھر وٺي آيا تہ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.
صليب تي عيسيٰ کي ڪوڪا ھڻڻ
(متي ۳۲:۲۷–۴۴، لوقا ۲۶:۲۳–۴۳، يوحنا ۱۷:۱۹–۲۷)
21 # رو ۱۳:۱۶ رستي تي انھن کي شمعون نالي ھڪڙو ماڻھو مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن اچي رھيو ھو. ھو ڪرين جو رھاڪو ھو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ ھو. انھيءَ کي ھنن زور ڀريو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي. 22پوءِ اُھي عيسيٰ کي گلگٿا نالي جاءِ تي وٺي آيا، جنھن جي معنيٰ آھي ”کوپريءَ جي جاءِ.“ 23ھنن عيسيٰ کي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ نشيدار شيءِ مُرَ گڏيل ھئي، پر ھن اُھا نہ پيتي. 24#زب ۱۸:۲۲ ھنن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وڌائون تہ ڪھڙو ٽڪر ڪنھن کي ٿو ملي. 25اھو صبح جو نائين بجي جو وقت ھو جڏھن انھن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا. 26گناھہ جو اھو سبب لکي ھن جي مٿان ھنيائون تہ ”يھودين جو بادشاھہ.“ 27-28#يس ۱۲:۵۳ انھن ٻہ ٻيا بہ ماڻھو صليب تي چاڙھيا جيڪي ڌاڙيل ھئا. انھن مان ھڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي چاڙھيائون.#ڪن ترجمن ۾ ھي بہ شامل آھي: اھڙيءَ طرح لکت سچي ثابت ٿي تہ ”ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو.“ (ڏسو لوقا ۳۷:۲۲).
29 # زب ۷:۲۲، ۲۵:۱۰۹، مر ۵۸:۱۴، يو ۱۹:۲ جيڪي ماڻھو اتان لنگھن پيا، سي پنھنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ ”واہ واہ! تون تہ ٽن ڏينھن ۾ ھيڪل پيو ڊاھين ۽ ٺاھين. 30ھاڻي صليب تان ھيٺ تہ لھي ڏيکار ۽ پاڻ کي بچاءِ.“ 31ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ لڳا ۽ ھڪٻئي کي چون پيا تہ ”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي، پر ھاڻي تہ پاڻ کي بہ نہ ٿو بچائي سگھي. 32ھاڻي ڏسون تہ ھي مسيح، اسرائيل جو بادشاھہ، ڪيئن ٿو صليب کان ھيٺ لھي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻھو صليب تي چڙھيل ھئا، تن بہ مٿس چٿرون ڪيون.
عيسيٰ جو موت
(متي ۴۵:۲۷–۵۶، لوقا ۴۴:۲۳–۴۹، يوحنا ۲۸:۱۹–۳۰)
33منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي. 34#زب ۱:۲۲ ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون تہ #”الوئي، الوئي، لما سبخٿني؟“: ھي ارامي ٻوليءَ جا لفظ آھن.”الوئي، الوئي، لما سبخٿني؟“جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“ 35جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ڏسو، ھو الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“ 36#زب ۲۱:۶۹ انھن مان ھڪڙو ماڻھو ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏيندي چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ ھن کي الياس صليب تان ھيٺ لاھڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
37پوءِ عيسيٰ وڏيءَ رڙ سان دم ڏنو.
38 # خر ۳۱:۲۶–۳۳ تڏھن ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. 39فوجي صوبيدار جيڪو صليب جي اڳيان بيٺو ھو تنھن عيسيٰ کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچپچ تہ ھي ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“
40 # لو ۲:۸–۳ اُتي ڪي عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. انھن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ سلومي ھيون. 41جڏھن عيسيٰ گليل ۾ ھو تڏھن انھن سندس خدمت ڪئي ھئي ۽ سندس پٺيان لڳيون ھيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي عورتون ھيون جيڪي ھن سان گڏ يروشلم ۾ آيون ھيون.
عيسيٰ جو ڪفن دفن
(متي ۵۷:۲۷–۶۱، لوقا ۵۰:۲۳–۵۶، يوحنا ۳۸:۱۹–۴۲)
42شام ٿي چڪي ھئي ۽ اھا شام سبت جي ڏينھن کان اڳئين #تياريءَ جي ڏينھن: ھن مان مراد سبت يا ڪنھن عيد جي ڏينھن کان اڳ وارو ڏينھن آھي. ان ڏينھن يھودي کاڌو وغيرہ تيار ڪندا ھئا، ڇوتہ ٻئي ڏينھن سبت يعني آرام جو يا وڏو ڏينھن ھوندو ھو.تياريءَ جي ڏينھن جي ھئي. 43تڏھن ارمٿيا جو ھڪ شخص يوسف آيو جو ڪائونسل جو ھڪ معزز ميمبر ھو ۽ پاڻ خدا جي بادشاھت جو ڳولائو ھو. اھو ھمت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين. 44پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ عيسيٰ ايترو جلد ڪيئن مري ويو. ھن ھڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”عيسيٰ کي مئي ڪيترو وقت ٿيو آھي؟“ 45صوبيدار جي خاطري ڏيارڻ کان پوءِ پلاطس يوسف کي لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. 46يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو، لاش کي لھرائي اُن ۾ ويڙھيائين ۽ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر تي کوٽيل ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين. 47مريم مگدليني ۽ يوسف جي ماءُ مريم اھو ھنڌ ڏٺو پئي جتي ميت کي رکيو ويو.
လက္ရွိေရြးခ်ယ္ထားမွု
مرقس 15: SCLNT
အေရာင္မွတ္ခ်က္
မၽွေဝရန္
ကူးယူ

မိမိစက္ကိရိယာအားလုံးတြင္ မိမိအေရာင္ခ်ယ္ေသာအရာမ်ားကို သိမ္းဆည္းထားလိုပါသလား။ စာရင္းသြင္းပါ (သို႔) အေကာင့္ဝင္လိုက္ပါ
© 2009 Pakistan Bible Society