مرقس 14
14
عيسيٰ خلاف سازش
(متي ۱:۲۶–۵، لوقا ۱:۲۲–۲، يوحنا ۴۵:۱۱–۵۳)
1 # خر ۱:۱۲–۲۷ فصح ۽ بيخميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون. 2پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن ائين نہ ڪريون، متان ماڻھن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“
عيسيٰ جي بيتعنياہ ۾ مھمانداري
(متي ۶:۲۶–۱۳، يوحنا ۱:۱۲–۸)
3 # لو ۳۷:۷–۳۸ عيسيٰ جڏھن بيتعنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ ھڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي ھاريائين. 4تڏھن اتي ويٺلن مان ڪي پنھنجي دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھن عطر جي زيان ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟ 5اھو ٽي سؤ #چانديءَ جي سڪن: انھن ڏينھن ۾ چانديءَ جو ھڪ عام سڪو ھڪڙي ڏينھن جي مزوري ھوندي ھئي. ڏسو متي ۲:۲۰.چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪڻي غريبن ۾ ورھائجي ھا.“ سو اُھي انھيءَ عورت کي سختيءَ سان نندڻ لڳا. 6تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”ھن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي. 7#شر ۱۱:۱۵ غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن، سو جڏھن بہ اوھان جي مرضي ٿئي تڏھن انھن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس. 8ھن عورت کان جو ڪجھہ ٿي سگھيو سو ھن ڪيو. ھن منھنجي جسم تي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي خوشبوءِ ڇڙڪائي آھي. 9آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جتي منھنجي خوشخبريءَ جي سڄيءَ دنيا ۾ تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“
يھوداہ جي عيسيٰ خلاف سازش
(متي ۱۴:۲۶–۱۶، لوقا ۳:۲۲–۶)
10پوءِ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ اسڪريوتي سردار ڪاھنن وٽ ويو، انھيءَ لاءِ تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري. 11يھوداہ جي ھن ڳالھہ تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ تہ ھو موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.
عيسيٰ جو شاگردن سان گڏ عيد فصح کائڻ
(متي ۱۷:۲۶–۳۰، لوقا ۷:۲۲–۲۳، يوحنا ۲۱:۱۳–۳۰، ۱.ڪرنٿين ۲۳:۱۱–۲۵)
12بيخميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي جڏھن ھنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏھن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“ 13تنھن تي عيسيٰ پنھنجي شاگردن مان ٻن کي موڪليو ۽ چيائين تہ ”شھر ۾ وڃو. اتي اوھين ھڪڙو ماڻھو ڏسندا، جنھن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل ھوندو. اوھين انھيءَ جي پٺيان وڃجو، 14۽ جنھن گھر ۾ اھو ماڻھو گھڙي وڃي انھيءَ گھر جي مالڪ کي چئجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اھو مھمانخانو ڪٿي آھي، جتي ھو پنھنجي شاگردن سان گڏجي عيد فصح کائي؟‘ 15پوءِ ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ۽ تيار ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪجو.“ 16شاگرد شھر ڏانھن روانا ٿي ويا ۽ اتي ھر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن عيسيٰ کين ٻڌائي ھئي. سو ھنن اتي عيد فصح تيار ڪئي.
17جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن سان گڏ اتي آيو. 18#زب ۹:۴۱ پوءِ جڏھن اھي دسترخوان تي گڏ کائي رھيا ھئا تہ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“ 19تنھن تي شاگرد ويچارا غمگين ٿيا ۽ عيسيٰ کان ھڪٻئي پٺيان پڇڻ لڳا تہ ”اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ 20عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو اوھان ٻارھن مان ئي آھي، جيڪو مون سان گڏ ٿالھيءَ مان گرھہ ٻوڙي رھيو آھي. 21ابنآدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابنآدم کي پڪڙائيندو. اُن ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“
22جڏھن اھي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“ 23پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري اھو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو. 24#خر ۸:۲۴، ير ۳۱:۳۱–۳۴ تڏھن عيسيٰ چيو تہ ”ھي منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي لاءِ وھائجي ٿو، جنھن سان خدا جو عھد لکيل آھي. 25آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آءٌ تيستائين وري ھيءَ مئي نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ نئين مئي نہ پيئان.“ 26پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.
پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
(متي ۳۱:۲۶–۳۵، لوقا ۳۱:۲۲–۳۴، يوحنا ۳۶:۱۳–۳۸)
27 # زڪ ۷:۱۳ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻتہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘ 28#مت ۱۶:۲۸ تنھن ھوندي بہ آءٌ پنھنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن ويندس.“ 29تنھن تي پطرس وراڻيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ويندس.“ 30عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“ 31تڏھن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيو تہ ”آءٌ ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ تڏھن ٻين سڀني بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.
گٿسيمني ۾ دعا گھرڻ
(متي ۳۶:۲۶–۴۶، لوقا ۳۹:۲۲–۴۶)
32جڏھن اھي گٿسيمني نالي باغ ۾ آيا، تڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ھتي ويھي رھو تہ آءٌ دعا گھران.“ 33پوءِ ھن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. کيس سخت پريشاني ۽ بيقراري وٺي ويئي ھئي. 34عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”مون کي ايترو تہ ڏک آھي جو منھنجي دل ٽٽڻ تي آھي. اوھين ھتي ترسو ۽ جاڳندا رھو.“ 35پوءِ عيسيٰ ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ کي زمين تي ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھيءَ ڏک جي گھڙي مون تان ٽاري وڃي.“ 36ھن وڌيڪ چيو تہ ”اي بابا! اي منھنجا پيءُ! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو. ھي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“
37پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ شاگرد سمھيا پيا آھن. پطرس کي سڏي چيائين تہ ”شمعون، تون بہ ستل آھين ڇا؟ ڇا تون ھڪ ڪلاڪ بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“ 38پوءِ انھن کي چيائين تہ ”جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر جسم ڪمزور آھي.“
39ھو ٻيو دفعو وري پري ويو ۽ ائين ئي دعا گھريائين جيئن اڳ ۾ گھُري ھئائين. 40پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري بہ ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن ۽ خبر نہ ٿي پين تہ کيس ڪھڙو جواب ڏين.
41پر جڏھن ھو ٽيون دفعو انھن وٽ موٽي آيو، تڏھن چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ بس، اِجھا، اُھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابنآدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو. 42اٿو، ھلو تہ ھلون. ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رھيو آھي سو ويجھو اچي پھتو آھي.“
عيسيٰ جو جھلجڻ
(متي ۴۷:۲۶–۵۶، لوقا ۴۷:۲۲–۵۳، يوحنا ۳:۱۸–۱۲)
43عيسيٰ اڃا ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ انھيءَ سان گڏ ھڪڙي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بزرگن موڪليو ھو. 44ھن دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ”جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان سو عيسيٰ ھوندو. ان کي پڪڙجو ۽ پھري ھيٺ وٺي وڃجوس.“
45ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ اچي ”سائين! سائين!“ ڪري کيس چمي ڏنائين. 46پوءِ تہ ھنن عيسيٰ کي ٻڌي قابو ڪيو. 47پر ھڪڙو شخص جيڪو ڀرسان بيٺو ھو، تنھن پنھنجي تلوار ڪڍي وڏي ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. 48پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ 49#لو ۴۷:۱۹، ۳۷:۲۱ ھيڪل ۾ تہ آءٌ روزانو ويھي تعليم ڏيندو ھوس پر ان وقت تہ اوھان ڪڏھن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر لکت ضرور پوري ٿيندي.“ 50تڏھن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.
51ھڪڙو نوجوان جنھن کي رڳو چادر ويڙھيل ھئي، سو عيسيٰ جي پٺيان پئي آيو. انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي پڪڙن. 52پر ھو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي ويو.
عيسيٰ ڪائونسل جي اڳيان
(متي ۵۷:۲۶–۶۸، لوقا ۵۴:۲۲–۵۵،۶۳–۷۱، يوحنا ۱۳:۱۸–۱۴،۱۹–۲۴)
53پوءِ اھي عيسيٰ کي وڏي سردار ڪاھن جي گھر وٺي آيا، جتي سڀيئي سردار ڪاھن، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ھئا. 54پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو. اُتي ھو پھريدارن سان گڏ ھيٺ ويھي رھيو ۽ پاڻ کي باھہ تي سيڪڻ لڳو. 55سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ خلاف ڪا شاھدي ملين تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين، پرکين ڪابہ شاھدي ملي نہ سگھي. 56ڪيترن ئي شاھدن عيسيٰ جي خلاف شاھديون ڏنيون، پر اھي ڪوڙيون ثابت ٿيون.
57پوءِ ڪي ماڻھو اُٿي بيٺا ۽ عيسيٰ تي ھيءَ تھمت ھنيائون تہ 58#يو ۱۹:۲ ”اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ ماڻھن جي ٺھيل ھيڪل کي ڊاھيندس ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ اھڙو ھيڪل ٺاھيندس جيڪو ماڻھن جو ٺھيل نہ ھوندو.‘“ 59پر اُھي شاھديون بہ پاڻ ۾ نہ ٿي مليون.
60تڏھن وڏو سردار ڪاھن اُٿي بيٺو ۽ سڀني جي روبرو عيسيٰ کان پڇڻ لڳو تہ ”ڇا تو کي ھنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو آھي؟“ 61پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو ۽ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاھن کانئس ٻيھر پڇيو تہ ”ڇا تون مسيح، سڳوري خدا جو فرزند آھين؟“ 62#دان ۱۳:۷ تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو، آءٌ آھيان ۽ اوھين ابنآدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“ 63تڏھن وري سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. 64#لاو ۱۶:۲۴ اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا، ھاڻي اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي؟“ تنھن تي انھن سڀني اھا راءِ ڏني تہ ”عيسيٰ کي موت جي سزا ڏني وڃي.“
65انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.
پطرس جو عيسيٰ بابت انڪار ڪرڻ
(متي ۶۹:۲۶–۷۵، لوقا ۵۶:۲۲–۶۲، يوحنا ۱۵:۱۸–۱۸،۲۵–۲۷)
66پطرس اڃا تائين اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻي ھن وٽان اچي لنگھي. 67جڏھن ھن پطرس کي پاڻ باھہ تي سيڪيندي ڏٺو تہ ھن ڏانھن چتائي نھاريندي چيائين تہ ”تون بہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھئين.“ 68پر ھن انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان ۽ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا چئي رھي آھين.“ ھو اھو جواب ڏيئي ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ھليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 69جنھن نوڪرياڻيءَ پطرس کي ڏٺو ھو تنھن اُتي بيٺل ماڻھن کي چيو تہ ”ھي انھن مان ھڪڙو آھي.“ 70پر ھن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اُتي بيٺا ھئا تن بہ پطرس کان پڇيو تہ ”سچي! تون انھن مان نہ آھين ڇا؟ ڇوتہ تون بہ گليلي پيو ڏسجين.“ 71تنھن تي پطرس لعنت وجھندي چيو تہ ”خدا جي مون تي مار پوي جو آءٌ ڪوڙ ڳالھايان. آءٌ ان ماڻھو کي نہ ٿو سڃاڻان، جنھن جي اوھين ڳالھہ ڪريو ٿا.“ 72تنھن کان پوءِ ستت ئي ٻيو دفعو ڪڪڙ ٻانگ ڏني تہ پطرس کي عيسيٰ جو چيو ياد اچي ويو تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون بابت انڪار ڪندين تہ ’آءٌ نہ ٿو سڃاڻانس.‘“ اھو خيال ايندي ئي ھو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.
လက္ရွိေရြးခ်ယ္ထားမွု
مرقس 14: SCLNT
အေရာင္မွတ္ခ်က္
မၽွေဝရန္
ကူးယူ

မိမိစက္ကိရိယာအားလုံးတြင္ မိမိအေရာင္ခ်ယ္ေသာအရာမ်ားကို သိမ္းဆည္းထားလိုပါသလား။ စာရင္းသြင္းပါ (သို႔) အေကာင့္ဝင္လိုက္ပါ
© 2009 Pakistan Bible Society

: