مرقس 13
13
ھيڪل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي
(متي ۱:۲۴–۲، لوقا ۵:۲۱–۶)
1عيسيٰ جڏھن ھيڪل مان ٻاھر نڪتو پئي تہ سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي استاد! ڏسو تہ ڪھڙا نہ سھڻا پٿر ۽ عمارتون آھن!“ 2تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تون جيڪي ھي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“
تڪليفون ۽ تباھيون
(متي ۳:۲۴–۱۴، لوقا ۷:۲۱–۱۹)
3پوءِ عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ھيڪل جي سامھون ويٺو ھو تڏھن پطرس، يعقوب، يوحنا ۽ اندرياس ھن سان نويڪلائيءَ ۾ اچي مليا. 4انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ ھنن واقعن ٿيڻ لاءِ ڪھڙي نشاني ٿيندي، جنھن مان خبر پوي تہ برابر وقت اچي پھتو آھي؟“
5تنھن تي عيسيٰ انھن کي چوڻ لڳو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي. 6ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ ائين ھو ڪيترن کي ئي ٺڳيندا. 7جڏھن اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌو تڏھن نہ گھٻرائجو. اھي ڳالھيون ٿينديون ضرور پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي. 8قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اھي ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات آھن.
9-10 # مت ۱۷:۱۰–۲۰، لو ۱۱:۱۲–۱۲ سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. اوھان کي پنھنجي ھوشياري ڪرڻ کپي، ڇالاءِجو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ اوھان کي عبادتخانن ۾ مارڪُٽ ڪئي ويندي. منھنجي ڪري اوھان کي حاڪمن ۽ بادشاھن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اھا ڀل تہ انھن تي شاھدي ٿئي. سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. 11جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪن تہ وقت کان اڳي ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڇا چوڻو آھي. وقت اچڻ تي اوھان کي جيڪي ڪجھہ ٻڌايو وڃي سو ئي چئجو، ڇالاءِجو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا اُھي اوھان جا نہ پر پاڪ روح جا ھوندا. 12ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنھنجي ماءُپيءُ کان ڦري ويندا ۽ کين مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. 13#مت ۲۲:۱۰ منھنجي نالي جي ڪري ھر ڪو اوھان کان نفرت ڪندو. پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.“
دھشتناڪ وقت
(متي ۱۵:۲۴–۲۸، لوقا ۲۰:۲۱–۲۴)
14 # دان ۲۷:۹، ۳۱:۱۱، ۱۱:۱۲ ”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو جتي اُن شيءِ کي بيھڻ نہ گھرجي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.) تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. 15#لو ۳۱:۱۷ جيڪو ماڻھو ڪوٺي جي ڇت تي ھجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي پنھنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي، 16۽ جيڪو ماڻھو ٻنيءَ ۾ ھجي سو بہ گھر ڏانھن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. 17انھن ڏينھن ۾ جيڪي پيٽ سان ھونديون، يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. 18خدا کان دعا گھرو تہ شل اھي ڳالھيون سياري ۾ نہ ٿين. 19#دان ۱:۱۲، مڪا ۱۴:۷ جيڪا مصيبت انھن ڏينھن ۾ ايندي سا اھڙي تہ خراب ھوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھڙي مصيبت نہ ڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي. 20خداوند جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو نہ گھٽائي ھا، تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا. پر ھن پنھنجن چونڊيلن جي ڪري انھن ڏينھن جو مدو گھٽائي ڇڏيو.
21پوءِ جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تہ ’اِجھو، مسيح ھيڏانھن آھي‘ يا چوي تہ ’ڏسو، مسيح ھوڏانھن آھي‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو. 22ڇالاءِجو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن. 23ھوشيار ٿجو، آءٌ اوھان کي ھر ڳالھہ وقت کان اڳي ئي ٿو ٻڌايان.“
ابنآدم جو اچڻ
(متي ۲۹:۲۴–۳۱، لوقا ۲۵:۲۱–۲۸)
24 # يس ۱۰:۱۳، حز ۷:۳۲، يوا ۱۰:۲،۳۱، ۱۵:۳، مڪا ۱۲:۶ ”انھن ڏينھن ۾ مٿين مصيبتن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو. 25#يس ۴:۳۴، يوا ۱۰:۲، مڪا ۱۳:۶ تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون. 26#دان ۱۳:۷، مڪا ۷:۱ پوءِ ابنآدم ڪڪرن ۾ وڏيءَ قدرت ۽ جلوي سان ايندي ظاھر ٿيندو. 27پوءِ ھو ملائڪن کي زمين جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن ھو خدا جي چونڊيل ماڻھن کي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين آڻي گڏ ڪن.“
انجير جي وڻ مان سبق
(متي ۳۲:۲۴–۳۵، لوقا ۲۹:۲۱–۳۳)
28”اوھين انجير جي وڻ مان سبق پرايو. جڏھن ھن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏھن اوھين سمجھو ٿا تہ اونھارو آيو ڪي آيو. 29ساڳيءَ طرح اوھين جڏھن ھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو، تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آھي. 30پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ھيءَ پيڙھي ختم نہ ٿيندي. 31زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“
سجاڳ رھو
(متي ۳۶:۲۴–۴۴)
32 # مت ۳۶:۲۴ ”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان جي ملائڪن کي ۽ نہ فرزند کي خبر آھي، رڳو پيءُ کي ئي خبر آھي. 33ھوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رھجو، ڇالاءِجو اوھان کي خبر نہ آھي تہ اھو وقت ڪڏھن ايندو. 34#لو ۳۶:۱۲–۳۸ اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پرديس تي ويو ھجي ۽ گھر مان نڪرڻ مھل پنھنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو ڪم سونپي ويو ھجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو ھجي تہ ’سجاڳ رھجانءِ.‘ 35تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇالاءِجو اوھان کي خبر نہ آھي تہ گھر جو مالڪ ڪڏھن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مھل يا صبح جو اچي. 36ائين نہ ٿئي تہ متان ھو اوچتو اچي ۽ اوھان کي ستل ڏسي. 37جيڪي آءٌ اوھان کي چوان ٿو سو سڀني کي چوان ٿو تہ سجاڳ رھجو.“
လက္ရွိေရြးခ်ယ္ထားမွု
مرقس 13: SCLNT
အေရာင္မွတ္ခ်က္
မၽွေဝရန္
ကူးယူ

မိမိစက္ကိရိယာအားလုံးတြင္ မိမိအေရာင္ခ်ယ္ေသာအရာမ်ားကို သိမ္းဆည္းထားလိုပါသလား။ စာရင္းသြင္းပါ (သို႔) အေကာင့္ဝင္လိုက္ပါ
© 2009 Pakistan Bible Society

: