YouVersion လိုဂို
ရွာရန္ အိုင္ကြန္

لوقا ‮تعارف‬

تعارف
لوقا، جيڪو ھڪ طبيب ۽ عيسيٰ مسيح جي شاگردن مان ھڪ ھو، تنھن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جي ھن مقدس ڪتاب ۾ عيسيٰ مسيح کي بني اسرائيل لاءِ واعدي ڪيل ڇوٽڪاري ڏيندڙ ۽ سڀني قومن لاءِ پڻ ڇوٽڪاري ڏيندڙ طور پيش ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ عيسيٰ مسيح کي خدا جي روح ان لاءِ سڏيو ھو تہ ھو ”غريبن کي خوشخبري“ ڏئي (۱۸‏:۴). خوشخبريءَ جو ھي ڪتاب ماڻھن جي سڀني قسمن جي ضرورتن جي فڪرمنديءَ سان ڀريو پيو آھي. ھن ڪتاب ۾ خوشيءَ جي خبر بہ نمايان آھي، خاص ڪري شروعاتي بابن ۾، جيڪي عيسيٰ مسيح جي آمد جو اعلان ڪن ٿا ۽ وري اختتام تي پڻ، جڏھن عيسيٰ مسيح مٿي آسمان ڏانھن چڙھي وڃي ٿو. عيسيٰ مسيح جي آسمان ڏانھن چڙھي وڃڻ کان پوءِ ايمان آڻيندڙن جي ترقي ۽ ڦھلاءَ جو قصو پڻ لوقا جي معرفت ”رسولن جا ڪم“ نالي ڪتاب ۾ ڄاڻايل آھي.
لوقا جي ھن ڪتاب ۾ گھڻو ئي اھڙو مواد سمايل آھي، جيڪو خوشخبريءَ جي ٻين مقدس ڪتابن ۾ نہ ٿو ملي، جھڙوڪ: عيسيٰ مسيح جي پيدائش تي ملائڪن جو خدا جي واکاڻ ڪرڻ ۽ ريڍارن جو اچڻ، عيسيٰ مسيح ٻار جي حيثيت سان ھيڪل ۾، نيڪ سامريءَ ۽ وڃايل پٽ جا مثال. ھن سڄي خوشخبريءَ ۾ دعا، پاڪ روح، عيسيٰ مسيح جي خدمت واري ڪم ۾ عورتن جي حصي تي ۽ گناھن کان خدا جي معافيءَ تي وڏو زور ڏنو ويو آھي.
سِٽاءُ
تعارف ۱‏:۱‎–۴
حضرت يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري ۽ عيسيٰ مسيح جي پيدائش ۽ ٻارپڻو ۵‏:۱‎–۵۲‏:۲
حضرت يحيٰ بپتسما ڏيندڙ جو خدمت ڪرڻ ۱‏:۳‎–۲۰
عيسيٰ مسيح جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش ۲۱‏:۳‎–۱۳‏:۴
گليل علائقي ۾ عيسيٰ مسيح جي عام خدمت ۱۴‏:۴‎–۵۰‏:۹
گليل کان يروشلم شھر تائين سفر ۵۱‏:۹‎–۲۷‏:۱۹
يروشلم ۽ ان جي آس⁠پاس ۾ آخري ھفتو ۲۸‏:۱۹‎–۵۶‏:۲۳
عيسيٰ مسيح جو مئلن مان جيئرو ٿيڻ، ڏيکاري ڏيڻ ۽ مٿي چڙھي وڃڻ ۱‏:۲۴‎–۵۳

လက္ရွိေရြးခ်ယ္ထားမွု

لوقا ‮تعارف‬: SCLNT

အေရာင္မွတ္ခ်က္

မၽွေဝရန္

ကူးယူ

None

မိမိစက္ကိရိယာအားလုံးတြင္ မိမိအေရာင္ခ်ယ္ေသာအရာမ်ားကို သိမ္းဆည္းထားလိုပါသလား။ စာရင္းသြင္းပါ (သို႔) အေကာင့္ဝင္လိုက္ပါ