حجي ‮تعارف‬

تعارف
”حجي“ نالي هي مقدس ڪتاب انهن مختصر پيغامن جو مجموعو آهي، جيڪي خداوند سن 520 قبل مسيح ۾ حجي نبيءَ جي معرفت ڏنا. ماڻهو جلاوطنيءَ کان پوءِ موٽي آيا هئا ۽ ڪجھہ سالن کان يروشلم ۾ آباد هئا، پر هيڪل اڃا تائين تباهہ حال هئي. هن ڪتاب ۾ پيغامن ذريعي قوم جي اڳواڻن تي زور ڀريو ويو آهي تہ اهي هيڪل جي وري اڏاوت ڪن. خداوند آئيندہ جي لاءِ انهن توبهہ‌تائب ٿيل ماڻهن جي خوشحالي ۽ امن وَ سلامتيءَ جو بہ واعدو ٿو ڪري.
سِٽاءُ
هيڪل جي نئين سر اڏاوت جي شروعات 1‏:1‏-15
امن وَ سلامتي ۽ اميد جا پيغام 2‏:1‏-23

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

حجي ‮تعارف‬: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക