اِفسين ‮تعارف‬

تعارف
اِفسين ڏانهن پولس رسول جي لکيل هن خط جو تعلق سڀ کان پهريائين خدا جي هن منصوبي سان آهي تہ ”آسمان توڙي زمين تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي“ (1‏:10). پوءِ خدا جي چونڊيلن کي هو اهو عرض پڻ ڪري ٿو تہ اهي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي انسانذات جي ٻڌيءَ لاءِ انهيءَ عظيم منصوبي موجب پنهنجي زندگي گذارين.
هن خط جي پهرئين حصي (باب 1‏-3) ۾ ليکڪ ٻڌيءَ جي موضوع کي تفصيل سان بيان ڪندي ٻڌائي ٿو تہ خدا پيءُ يهودين توڙي غير يهودين مان پنهنجي لاءِ ماڻهن جي چونڊ ڪئي. اهو منصوبو پورو ڪرڻ لاءِ هن خداوند عيسيٰ جي وسيلي کين معاف ڪري سندن گناهن کان ڇڏايو آهي ۽ پنهنجي چونڊيلن کي پاڪ روح بياني طور ڏيئي پنهنجي عظيم واعدي کي پوري ڪرڻ جي ضمانت ڏني آهي. خط جي ٻئي حصي (باب 4‏-6) ۾ هو پڙهندڙن کي عرض ٿو ڪري تہ اهي اهڙي طريقي سان زندگي گذارين جو سندن عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ سندن عملي زندگيءَ مان ظاهر ٿئي.
خدا جي چونڊيلن جو عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ کي ڏيکارڻ لاءِ پولس رسول هن خط ۾ مختلف قسم جا مثال استعمال ڪري ٿو، جهڙوڪ ڪليسيا هڪ بدن آهي ۽ عيسيٰ مسيح ان جو مٿو، يا ڪليسيا هڪ عمارت آهي ۽ عيسيٰ مسيح ان جو بنياد، يا ڪليسيا هڪ زال آهي ۽ عيسيٰ مسيح ان جو مڙس. هن خط ۾ ليکڪ جيئن جيئن عيسيٰ مسيح ۾ خدا جي فضل جي سوچ سان پرجوش ٿئي ٿو، تيئن تيئن سندس لکت اظهار جي بلندين کي وڃي پهچي ٿي، جنهن مان سڀ ڪجھہ عيسيٰ مسيح جي پيار، قربانيءَ، معافيءَ، فضل ۽ پاڪائيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ٿو.
سِٽاءُ
پيش لفظ1‏:1‏-2
مسيح جو ڪليسيا سان لاڳاپو 1‏:3‏–3‏:21
مسيح ۾ نئين زندگي گذارڻ 4‏:1‏–6‏:20
آخر ۾ دعا سلام 6‏:21‏-24

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

اِفسين ‮تعارف‬: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക