3
پولس غير قومن لاءِ تبليغي خادم
1انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ دعا ٿو گھران. 2اوهان ٻڌو هوندو تہ خدا اوهان غير قوم وارن لاءِ پنهنجي فضل جو خاص ڪم منهنجي حوالي ڪيو آهي. 3خدا پنهنجو هي راز مڪاشفي ذريعي مون تي ظاهر ڪيو، جنهن جو احوال مختصر طور اڳي ئي لکي چڪو آهيان. 4#ڪل 1:26-27 اهو پڙهي اوهان کي معلوم ٿي ويندو تہ مسيح جو اهو راز آءٌ ڪيتري قدر سمجھان ٿو. 5اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي راز ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خدا جي مخصوص ڪيل رسولن ۽ سندس ٻين پيغام ڏيندڙن تي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي. 6اهو راز هي آهي تہ عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي خدا جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي بدن جا عضوا آهن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آهن.
7خدا جي فضل جي انهيءَ بخشش سان، جيڪا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي هئي، آءٌ انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم بڻايو ويس. 8جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بيانداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان 9۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل هو تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي. 10خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن. 11اهو سڀ خدا شروع کان ئي پنهنجي ڪيل ارادي موجب اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو. 12هاڻي مسيح تي ايمان رکڻ سان اسين مسيح ۾ شامل ٿيا آهيون، جنهن ڪري دليريءَ ۽ اعتماد سان خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيون ٿا. 13تنهنڪري آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو تن جي ڪري بيهمت نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون اهي مصيبتون اوهان لاءِ فخر جو سبب آهن.
اِفسين لاءِ پولس جي دعا
14-15انهيءَ سبب آءٌ آسمان توڙي زمين تي هر هڪ خاندان کي سڃاڻپ بخشيندڙ آسماني پيءُ جي آڏو سجدو ڪندي 16دعا ٿو گھران تہ هو پنهنجي عظمت واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ طاقتور ٿيو 17۽ ايمان رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها دعا آءٌ انهيءَ ڪري گھران ٿو تہ جيئن اوهين محبت ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي زندگي گذاريو. 18هائو، منهنجي دعا آهي تہ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهين پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جي محبت ايڏي تہ جھجھي آهي جو ان جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونهائي ماپي نہ ٿي سگھجي. 19شل اوهين مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين خدا جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو.
20واکاڻ ٿي ڪجي انهيءَ قادر جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي طاقت موجب اسان جي دعا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو. 21شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ هميشہ تائين سندس عظمت جي واکاڻ ٿيندي رهي. آمين.