ڪلسين ‮تعارف‬

تعارف
ڪلسين ڏانهن پولس رسول جو هي خط ڪلسي شهر ۾ قائم ٿيل ڪليسيا ڏانهن لکيو ويو هو. اهو شهر موجودہ ايشيا کنڊ جي اولاهين حصي ۾ اِفسس شهر جي اوڀر طرف هو. اها ڪليسيا پولس رسول پاڻ قائم نہ ڪئي هئي، پر هن رومي شهنشاهت جي صوبي آسيا جي گاديءَ واري شهر اِفسس کان انهيءَ علائقي ۾ خوشخبري ڦهلائڻ لاءِ خادم روانا ڪيا هئا. انهن مان اِپفراس نالي خادم ڪلسي شهر ۾ ڪليسيا قائم ڪئي هئي (1‏:7)، جنهن جي ذميواري پولس پاڻ تي محسوس ڪندي اوڏانهن هي خط لکيو.
پولس رسول کي خبر پيئي هئي تہ ڪلسي شهر جي ڪليسيا ۾ ڪن ڪوڙي تعليم ڏيندڙن جي هن ڳالهہ جو اثر پئجي ويو آهي تہ خدا کي ڄاڻڻ ۽ مڪمل ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪن اهڙن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن جي پوڄا ڪرڻ تمام لازمي آهي جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿا اچن. انهيءَ کان علاوہ هن ڳالهہ جو اثر بہ پئجي ويو آهي تہ ڪي خاص مذهبي رسم وَ رواج ضرور اختيار ڪرڻ گھرجن، يعني طهر ڪرائڻ، کاڌي پيتي ۾ حرام وَ حلال جو خيال رکڻ ۽ ٻين ڳالهين ۾ ڪن قاعدن قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ ضروري آهي.
پولس رسول انهيءَ تعليم جي مخالفت ڪندي مسيح بابت حقيقي پيغام ڏئي ٿو تہ عيسيٰ مسيح ۾ ئي مڪمل ڇوٽڪارو آهي، جڏهن تہ اها ٻي تعليم ۽ عمل حقيقت ۾ کين عيسيٰ مسيح کان پري ڪري ڇڏين ٿا. انهيءَ ڳالهہ بابت پولس رسول وڌيڪ سمجھائي ٿو تہ خدا دنيا کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيدا ڪيو ۽ هن جي ئي وسيلي دنيا جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري ٿو. انهيءَ ڪري عيسيٰ مسيح ۾ ئي سڀني قومن مان ماڻهو خدا جي روشنيءَ واري بادشاهيءَ ۾ ورثي جا حصيدار ٿي سگھن ٿا (1‏:12). پوءِ پولس رسول ايمان وارن جي زندگيءَ لاءِ انهيءَ عظيم تعليم جي اثر کي کولي بيان ڪري ٿو.
پولس رسول جو هي خط ڪلسي شهر جي ڪليسيا ڏانهن کڻي ويندڙ شخص تخڪُس سان گڏ اُنيسمس نالي هڪ شخص بہ هو. ڌيان ۾ رکڻ جوڳي ڳالهہ اها آهي تہ هي اُنيسمس اهو ئي غلام هو جنهن جي لاءِ پولس رسول سندس مالڪ فليمون ڏانهن خط لکيو هو، جيڪو نئين عهدنامي ۾ پڻ شامل آهي.
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏:1‏-2
شڪرگذاري ۽ دعا 1‏:3‏-14
مسيح جي عظمت ۽ ڪم 1‏:15‏–2‏:23
مسيح ۾ نئين زندگي گذارڻ 3‏:1‏–4‏:6
آخر ۾ دعا سلام 4‏:7‏-18

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

ڪلسين ‮تعارف‬: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക