1.ٿسلونيڪين ‮تعارف‬

تعارف
ٿِسلُنيڪي شهر رومي شهنشاهت جي صوبي مڪدُنيا جي گاديءَ جو هنڌ هو. پولس رسول پنهنجي ٻئي تبليغي سفر دوران فلپي شهر کان نڪري ٿِسلُنيڪي ۾ اچي ڪليسيا قائم ڪئي هئي (رسولن جا ڪم 17‏:1‏-9). جيئن تہ اتي يهودي مذهب ۾ چاهہ رکندڙ غير يهودين ۾ پولس رسول ڪاميابيءَ سان مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪري رهيو هو، تنهنڪري يهودي پولس رسول سان حسد ڪندي سندس مخالفت ڪرڻ لڳا. تڏهن پولس کي صلاح ڏني ويئي تہ هو ٿِسلُنيڪي شهر ڇڏي بيريا شهر ڏانهن هليو وڃي. سو بيريا ۾ ڪجھہ وقت رهڻ کان پوءِ جڏهن هو ڪرنٿس شهر ۾ پهتو تہ اتي هن جي ساٿي ۽ هم‌خدمت تيمٿيس کان ٿِسلُنيڪي جي باري ۾ کيس حال احوال مليو (3‏:6).
تڏهن پولس رسول ٿِسلُنيڪين ڏانهن هي خط انهيءَ لاءِ لکيو تہ جيئن اتي جي ايمان وارن جي همت‌افزائي ڪري ۽ کين تسلي ڏئي. هو سندن ايمان واري جذبي ۽ پيار جي باري ۾ ٻڌي خط ۾ انهن ڳالهين بابت خدا جو شڪر ادا ڪري ٿو. ان کان علاوہ هو کين ياد ڏياري ٿو تہ جڏهن هو ساڻن گڏ هو تہ هن ڪهڙيءَ طرح زندگي گذاري. پوءِ هو مسيح جي موٽي اچڻ جي باري ۾ ڪليسيا ۾ هن طرح جي اٿاريل سوالن جا جواب ڏئي ٿو، جهڙوڪ: جيڪي ايمان وارا مسيح جي موٽي اچڻ کان اڳ مري وڃن ٿا، تن جو ڇا ٿيندو؟ ڇا اهي وري جيئرا ٿي مسيح سان گڏبا؟ ۽ مسيح وري ڪڏهن ايندو؟ وغيرہ. آخر ۾ پولس ايمان وارن کي هدايت ڪري ٿو تہ هو جاڳندي ۽ هوشياريءَ کان ڪم وٺندي مسيح جي موٽي اچڻ جو انتظار ڪندا رهن.
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏:1
ٿِسلُنيڪي ڪليسيا جي ايمان ۽ محبت جي ڪري شڪرگذاري 1‏:2‏–3‏:13
مسيح ۾ هلت چلت بابت تاڪيد 4‏:1‏-12
مسيح جي موٽي اچڻ بابت تعليم 4‏:13‏–5‏:11
هدايتون 5‏:12‏-22
آخر ۾ دعا سلام 5‏:23‏-28

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

1.ٿسلونيڪين ‮تعارف‬: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക