ياد رکو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجھہ نہ هوندي بہ، پنهنجو پاڻ کي ڪجھہ سمجھي ٿو تہ هو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. تنهنڪري هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انهيءَ حالت ۾ هو رڳو پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ هن کي ڪنهن ٻئي سان پنهنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي. اهڙيءَ طرح هر ڪو ماڻهو پنهنجو ٻوجھہ پاڻ کڻندو.