رومين تعارف
تعارف
خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت پولس رومين ڏانهن هي خط گھڻو ڪري انهيءَ وقت لکيو جڏهن هو پنهنجي ٽئين پرچاري سفر دوران ڪرنٿس شهر ۾ ترسيل هو. هي خط هن انهيءَ لاءِ لکيو تہ جيئن روم شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن سندس وڃڻ واري رٿيل منصوبي جي راهہ هموار ٿئي. هن جو منصوبو اهو بہ هو تہ هو روم ۾ پرڀو يسوع مسيح جي پوئلڳن سان ملي ۽ پوءِ انهن جي مدد سان اسپين ملڪ ڏانهن وڃي. هن پرڀو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ بابت ۽ سندس پوئلڳن جي جيون تي انهيءَ وشواس جي عملي اثرات بابت کولي لکيو آهي.
روم جي منڊليءَ وارن کي نمسڪار ڪرڻ ۽ سندن لاءِ پنهنجي پرارٿنائن بابت کين لکڻ کان پوءِ، پولس سنت خط جو مطلب لکي ٿو تہ ”انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ ايشور ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو وشواس رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو“ (1:17).
پوءِ پولس سنت چوٿين باب تائين انهيءَ مضمون کي وڌائي ٿو. هو لکي ٿو تہ پوري انسانذات، يعني يهودين توڙي غير يهودين، ٻنهي لاءِ اهو ضروري آهي تہ اهي ايشور ڏانهن سچار بڻجن، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙا پاپ جي قبضي ۾ آهن. پرڀو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ جي وسيلي ئي ماڻهو ايشور ڏانهن سچار ٿي سگھي ٿو.
ان کان پوءِ پنجين کان اٺين باب تائين پولس سنت پرڀو يسوع مسيح ۾ انهيءَ نئين جيون کي بيان ڪري ٿو، جنهن جو نتيجو ايشور سان نئين لاڳاپي ۾ نڪري ٿو. وشواس رکڻ وارو ايشور سان ميل ميلاپ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ايشور جي پوِتر آتما جي وسيلي پاپ ۽ موت جي اختياريءَ کان آزاد ٿي وڃي ٿو. هن خط ۾ پولس سنت جو موت ۽ جيون بابت ٻڌائڻ جو مقصد نہ رڳو سنساري موت ۽ جيون آهي، پر آتمڪ موت يعني ايشور کان پري ٿي وڃڻ ۽ آتمڪ جيون يعني ساڻس ميل ميلاپ ۾ رهڻ پڻ آهي.
نائين کان يارهين باب تائين پولس سنت موسيٰ سنت جي معرفت مليل نيم جي مقصد ۽ وشواسين جي جيون ۾ ايشور جي پوِتر آتما جي شڪتيءَ تي پڻ بحث ڪري ٿو. پوءِ هو هن مسئلي کي کولي بيان ڪري ٿو تہ ڪيئن يهودي ۽ غير قومون انسانذات لاءِ ايشور جي منصوبي ۾ ٺهڪي اچن ٿا. هو هن نتيجي تي پهچي ٿو تہ يهودين جو پرڀو يسوع مسيح کي رد ڪرڻ ايشور جي منصوبي جو حصو آهي، تہ جيئن پرڀو يسوع مسيح ۾ ايشور جي ڪرپا جي پهچ اندر غير قومون پڻ اچي وڃن. جڏهن تہ هن کي اهو بہ وشواس آهي تہ يهودي پرڀو يسوع مسيح کي هميشہ رد نہ ڪندا.
آخر ۾ ٻارهين کان سورهين باب تائين پولس سنت لکي ٿو تہ وشواسين جو مسيح ۾ جيون ڪيئن هئڻ گھرجي، خاص طور ٻين سان پيار وارن لاڳاپن جي باري ۾. هو هنن مضمونن جهڙوڪ ايشور جي سيوا، وشواسين تي ملڪ جا فرض، پاڻ ۾ هڪٻئي جا فرض ۽ کائڻ پيئڻ ۾ ضمير جي مسئلي بابت بحث ڪري ٿو. هو خط جي پڄاڻي پنهنجي سڄڻن کي نمسڪار ۽ ايشور جي مهما وارن لفظن سان ڪري ٿو.
سِٽاءُ
تعارف ۽ مضمون 1:1-17
انسانذات لاءِ مڪتيءَ جي ضرورت 1:18–3:20
مڪتيءَ لاءِ ايشور جي واٽ 3:21–4:25
مسيح ۾ نئون جيون 5:1–8:39
بني اسرائيل بابت ايشور جو منصوبو 9:1–11:36
وشواسين جي هلت چلت 12:1–15:13
پولس جو پنهنجي سيوا بابت بيان 15:14-33
آخر ۾ نمسڪار، نصيحتون ۽ پرارٿنا 16:1-27
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.