رومين 9

9
بني اسرائيل تي ايشور جي ديا
9‏:1‏–11‏:32
(ايشور جو وچن اجايو نہ آهي)
1آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پوِتر آتما جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ 2‏-3مون کي ڏاڍو ڏک آهي ۽ منهنجي دل ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن يعني پنهنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رهي تہ ڪاش! اهي مڪتي حاصل ڪن. انهيءَ لاءِ آءٌ پاڻ انهن جي خاطر لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيڻ لاءِ بہ تيار آهيان. 4#خر 9‏:4 اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي ايشور پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجي جوت ڏيکاري، ساڻن پنهنجا وچن ٻڌائين ۽ کين نيم بخشيائين. اهي ئي حقيقي ڀڳتي ۽ سندس وچنن جا حقدار آهن. 5اهي ئي ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ شرير جي لحاظ کان مسيح بہ انهن مان ئي آهي. #9‏:5 واہ!... آمين. هن جملي جو هي ترجمو بہ ممڪن آهي، ”مسيح سڀني کان مٿاهون ۽ هميشہ تائين مبارڪ ايشور آهي. آمين.“واہ! شل ايشور، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي مهما هميشہ ٿئي. آمين.
6هاڻ جيڪڏهن اهي مڪتي حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ ايشور جو انهن سان ڪيل وچن ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن 7#پيد 21‏:12 ۽ نہ وري ابرهام جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ ايشور جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ ابرهام کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اضحاق مان ئي سڏي ويندي.“ 8مطلب تہ شرير جي لحاظ کان پيدا ٿيل ٻار ايشور جا ٻار نہ آهن، پر ابرهام سان ايشور جي ڪيل وچن موجب جيڪي ٻار پيدا ٿيا، سي ئي ابرهام جو اولاد ليکجن ٿا. 9#پيد 18‏:10 ايشور جي ساڻس انهيءَ وچن جي هن مان سڌ پوي ٿي تہ ”ايندڙ سال هنن ئي ڏينهن ۾ آءٌ موٽي ايندس، تڏهن سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“
10اسان جي وڏن مان هڪ ٻيو مثال هي آهي جڏهن اضحاق کي ربقہ مان جاڙا ٻار پيدا ٿيا. 11‏-12#پيد 25‏:23 انهن ٻارن جي جنم ۽ سندن چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو هو تہ ”وڏو ننڍي جي سيوا ڪندو.“ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ ايشور جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو، 13#ملا 1‏:2‏-3 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”مون يعقوب سان پريم رکيو پر عيسوءَ سان نہ.“
(ايشور جي ديا سندس مرضيءَ موجب)
14پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ ايشور وٽ سچائي نہ آهي؟ نہ، هرگز نہ. 15#خر 33‏:19 ايشور پاڻ موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن تي آءٌ ديا ڪرڻ گھران تنهن تي ديا ڪندس ۽ جنهن تي ڪرپا ڪرڻ گھران تنهن تي ڪرپا ڪندس.“ 16تنهنڪري اهو نہ انسان جي خواهش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اهو سڀ ايشور جي ديا تي مدار رکي ٿو. 17#خر 9‏:16 پوِتر شاستر ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح ايشور فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي راجا انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي شڪتي ظاهر ڪريان ۽ سنسار ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“ 18مطلب تہ ايشور جنهن تي ديا ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي ديا ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.
19هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو ايشور جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي پاپي قرار ڏئي؟“ 20#يس 29‏:16، 45‏:9 پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو ايشور سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا رچيل شيءِ رچيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو رچيو آهي؟“ 21ڇا ڪنڀر کي اهو اختيار نہ آهي جو هو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان هڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟
22سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو ايشور پنهنجو ڏمر ظاهر ڪرڻ ۽ شڪتي ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن ڏمر جي لائق ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا. 23يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو ايشور پنهنجي جوت جي دولت انهن ديا وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جوت جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا، 24يعني اسان کي، جن کي هن نہ رڳو يهودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊي ورتو آهي. 25#هوس 2‏:23 اهو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هوسيع جي پوِتر لکت مطابق آهي، جنهن ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ
”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي،
تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس،
۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي،
تنهن کي پياري چوندس.“
26 # هوس 1‏:10 اهو بہ لکيل آهي تہ
”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ
’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘
انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’جيوت ايشور جا ٻار‘ سڏبا.“
27 # يس 10‏:22‏-23 جڏهن تہ بني اسرائيل بابت سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا. 28پرميشور پنهنجي انهيءَ ٻڌايل فيصلي کي ڌرتيءَ تي جلد ئي پوريءَ طرح عمل ۾ آڻيندو.“
29 # يس 1‏:9 يسعياہ سنت هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ
”جيڪڏهن سروِشڪتيوان پرميشور
اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها،
تہ اسان جو حال بہ
سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“
(بني اسرائيل جي پنهنجي ڪوشش ناڪام)
30ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن وشواس رکڻ جي ڪري ئي ٿيو. 31ان جي ابتڙ بني اسرائيل، جيڪي نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، سي انهيءَ ۾ ناڪام ٿي ويا. 32ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن وشواس رکڻ جي وسيلي نہ، پر نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو. 33#يس 8‏:14، 28‏:16 اهو پٿر يسوع آهي، جنهن بابت ايشور پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ
”ڏسو، آءٌ #9‏:33 صيئون يعني يروشلم شهر. ٿي سگھي ٿو تہ هتي انهيءَ مان مراد يروشلم جا رهاڪو آهي.صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،
يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو،
جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي،
پر جيڪو هن تي وشواس آڻيندو،
سو شرمندو نہ ٿيندو.“

선택된 구절:

رومين 9: HSB

하이라이트

복사

비교

공유

None

모든 기기에 하이라이트를 저장하고 싶으신가요? 회원가입 혹은 로그인하세요