رومين 11

11
(بني اسرائيل جو چونڊيل هجڻ قائم آهي)
1 # فلپ 3‏:5 تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا ايشور پنهنجي قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابرهام جي پيڙهيءَ ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان. 2ايشور پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ ايلياہ بني اسرائيل جي خلاف ايشور آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ 3#1.راج 19‏:10‏،14 ”اي پرميشور! هنن تنهنجين ٻليدان وارين جاين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ تنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن کي قتل ڪيو اٿائون. آءٌ اڪيلو ئي باقي وڃي بچيو آهيان ۽ منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي ڪڍ پيا آهن.“ 4#1.راج 19‏:18 پر ايشور کيس ڇا فرمايو؟ هن وراڻيس تہ ”مون ست هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ بچائي رکيا آهن، جن #11‏:4 بعل ڪنعاني ديوتا جو نالو.بعل ديوتا آڏو سيس ناهي نوايو.“ 5ساڳيءَ طرح هن وقت بہ بني اسرائيل مان ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن کي ايشور پنهنجي ڪرپا سان چونڊيو آهي. 6جيئن تہ اها چونڊ ايشور جي ڪرپا موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ ايشور جي ڪرپا ڪرپا نہ ليکجي ها.
7انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ اهو تہ بني اسرائيل جنهن سچائيءَ جي ڳولا ڪندا ٿي رهيا، سا پوريءَ قوم کي نہ، بلڪ منجھائن ڪن ٿورن چونڊيلن کي ملي ۽ باقي ٻين جي دلين کي سخت ڪيو ويو، 8#نيم 29‏:4، يس 29‏:10 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ
”ايشور اڄ ڏينهن تائين انهن جي دل ۽ دماغ کي
مدهوش رکيو آهي.
سو اهي نہ اکين سان ڏسي ٿا سگھن،
نڪي ڪنن سان ٻڌي ٿا سگھن.“
9 # زب 69‏:22‏-23 اهڙيءَ طرح راجا دائود چوي ٿو تہ
”شل سندن پنهنجي ئي رسوئي کائڻ واري چادر
سندن لاءِ ڄار ۽ ڦندو ثابت ٿئي،
۽ اها ٺوڪر کائڻ ۽ سزا ڀوڳڻ جو سبب بڻجين!
10شل انهن جون اکيون انڌيون ٿين،
تہ جيئن هو ڏسي نہ سگھن،
۽ سندن پٺيون تڪليفن سان هميشہ لاءِ جھڪي پون.“
11پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل قوم ٿاٻو کائي ائين ڪِري پيئي جو وري ڪڏهن بحال نہ ٿيندي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، بني اسرائيل جي انهيءَ ڪِري پوڻ جي ڪري غير قوم وارن کي مڪتي ملي ويئي، تہ جيئن اهو ڏسي بني اسرائيل کي غيرت اچي. 12هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو مڪتيءَ کي قبول نہ ڪرڻ سنسار جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ وشواسين جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ ايشور جي ڪيڏي نہ وڌيڪ ديا ٿيندي.
(اصلي ۽ جھنگلي ٽارين جو مثال)
13اي غير قومن وارؤ! آءٌ خاص طور اوهان سان ڳالهائي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ غير قومن ڏانهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ڪري موڪليو ويو آهيان. مون کي پنهنجي هن ڪم تي فخر بہ آهي، 14انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان. 15جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان ايشور جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ ايشور جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيوت ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟
16ابرهام ايشور جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس پيڙهي بہ چونڊيل آهي. هائو، ايشور کي ڏنل دان جو پهريون چاڻو پوِتر قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پوِتر ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون. 17سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا. 18تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي.
19شايد اوهين ائين چوندا تہ ”اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون، تہ جيئن اسين پيوند ڪيا وڃون.“ 20ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي وشواس نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي وشواس آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو. 21هاڻ جڏهن ايشور بني اسرائيل وارن، يعني اصلي ٽارين کي بہ وڻ ۾ رهڻ نہ ڏنو، تہ پوءِ اوهين ڪيئن بچي سگھندا؟ 22سو ايشور جي ڪرپا ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي ڀَٽڪي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي ڪرپا ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس ڪرپا جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا. 23بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن وشواس نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿو. 24اوهين غير قومن وارا جيڪي جھنگلي وڻ جون ڀڳل ٽاريون آهيو، سي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيا ويا آهيو. جڏهن تہ بني اسرائيل جيڪي پوکيل زيتون جي وڻ جون اصلي ٽاريون آهن، سي ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنهنجي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا.
(ايشور جي ديا سڀني تي)
25اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي. 26#يس 59‏:20 انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم مڪتي حاصل ڪندي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ
#11‏:26 صيئون يعني يروشلم شهر. ٿي سگھي ٿو تہ هتي انهيءَ مان مراد يروشلم جا رهاڪو آهي.صيئون مان مڪتي ڏيندڙ ايندو.
هو يعقوب جي اولاد مان
سندن بي‌ڌرميءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.
27 # ير 31‏:33‏-34 پوءِ جڏهن آءٌ ايشور هنن جا پاپ ميٽي ڇڏيندس،
تڏهن ساڻن ٻڌل منهنجو اهو وچن پورو ٿيندو.“
28خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل ايشور جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ ايشور سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي ايشور جا پيارا آهن، 29#رو 9‏:4‏-5ڇاڪاڻ تہ ايشور پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل وردانن کان ڦري نہ ٿو. 30ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ ايشور جا نافرمان هئا، پر هاڻي ايشور بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي ديا ڪئي آهي. 31اهڙيءَ طرح هاڻي بني اسرائيل نافرمان ٿيا آهن، تہ جيئن اوهان تي جيڪا ديا ٿي آهي سا انهن تي بہ ٿئي. 32مطلب تہ ايشور سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو آهي، تہ جيئن هو سڀني تي ديا ڪري.
ايشور جي مهما
33 # يس 55‏:8 واہ! ايشور جي ديا ڪيڏي نہ وڏي آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي! 34#يس 40‏:13 اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ
”پرميشور جي ارادي کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي؟
ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟
35ڇا ڪنهن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آهي،
جو بدلي ۾ هو کيس ڪجھہ ڏئي؟“
36 # 1.ڪر 8‏:6 بيشڪ سڀيئي شيون ايشور جون ئي پيدا ڪيل آهن، انهيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي آهن. شل ايشور جي مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

선택된 구절:

رومين 11: HSB

하이라이트

복사

비교

공유

None

모든 기기에 하이라이트를 저장하고 싶으신가요? 회원가입 혹은 로그인하세요