سنتن جا ڪم 23

23
1پولس پئنچائت وارن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنهنجو سڄو جيون ايشور جي شرڻ ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاريو آهي.“ 2تنهن تي وڏي سردار ڪاهن حننياہ اتي بيٺل ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي وات وارو ڌڪ هڻو.“ 3#مت 23‏:27‏-28 تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”ايشور تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو موسيٰ جي نيم موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو نيم جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“ 4تنهن تي جيڪي ماڻهو پولس جي ڀرسان بيٺا هئا، تن چيس تہ ”تون ايشور جي وڏي سردار ڪاهن کي گھٽ وڌ ٿو ڳالهائين!“ 5#خر 22‏:28 پولس وراڻيو تہ ”اي ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ هو وڏو سردار ڪاهن آهي. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“
6 # سن 26‏:5، فلپ 3‏:5 جڏهن پولس ڏٺو تہ پئنچائت ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيوت ٿي اٿندا.“ 7جڏهن هن اها ڳالهہ چئي تہ فريسي ۽ صدوقي پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا ۽ پئنچائت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. 8#مت 22‏:23، مر 12‏:18، لو 20‏:27 اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو صدوقي نہ دوتن کي مڃيندا آهن، نڪي آتمائن کي ۽ نہ ئي وري جيوت ٿيڻ کي، جڏهن تہ فريسي اهي سڀ ڳالهيون مڃيندا آهن. 9سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي نيم شاستري جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن آتما يا ڪنهن دوت ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“ 10جڏهن جھيڙو وڌي ويو تڏهن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻهو پولس کي ماري ڳڀا ڳڀا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“
11جڏهن رات ٿي تڏهن پولس کي پرڀو يسوع پنهنجي ڀرسان بيٺل نظر آيو جنهن چيس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي لاءِ شاهدي ڏني آهي تيئن ئي روم ۾ بہ تو کي منهنجي لاءِ شاهدي ڏيڻي آهي.“
پولس کي مارڻ جي سازش
12ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“ 13جن يهودين گڏجي اها سازش سِٽي هئي، سي چاليهن کان وڌيڪ هئا. 14پوءِ اهي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آهي تہ جيستائين پولس کي نہ ماريون، تيستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون. 15سو هاڻي اوهين پئنچائت وارا گڏجي بهانو ڪري ڪپتان کي وينتي ڪريو تہ هو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوهان وٽ موڪلي. پوءِ اوهان وٽ پهچڻ کان اڳواٽ ئي اسين کيس ماري وجھنداسون.“ 16پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن انهيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي اها ڳالهہ ٻڌايائين. 17تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي وينتي ڪئي تہ ”هن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آهي.“ 18اهو صوبيدار انهيءَ جوان کي ڪپتان وٽ وٺي ويو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”قيديءَ پولس مون کي سڏ ڪري وينتي ڪئي تہ هن جوان کي اوهان وٽ وٺي اچان، جو کيس اوهان سان ڪجھہ ڳالهائڻو آهي.“ 19ڪپتان انهيءَ جوان کي هٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالهائڻو آهي؟“ 20تنهن تي هن چيو تہ ”يهودين پاڻ ۾ سازش سِٽي آهي تہ اوهان کي وينتي ڪن تہ ’سڀاڻي پولس کي پئنچائت ۾ وٺي اچو، تہ جيئن اسين هن بابت وڌيڪ صحيح جاچ ڪريون.‘ 21پر اوهين سندن چيو نہ مڃجو، ڇاڪاڻ تہ چاليهن کان بہ وڌيڪ يهودي ماڻهو رستي تي لڪي ويهندا، جن قسم کنيو آهي تہ جيستائين هو پولس کي نہ ماريندا، تيستائين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو هو هاڻي سنبريا ويٺا آهن، رڳو اوهان جي فيصلي جو انتظار اٿن.“ 22تنهن تي ڪپتان چيس تہ ”تون ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجانءِ تہ اهي ڳالهيون تو مون سان ڪيون آهن.“ پوءِ جوان کي موڪل ڏيئي ڇڏيائين.
پولس کي گورنر فِيلڪس وٽ موڪلڻ
23 پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ سؤ سپاهي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ سؤ نيزي‌بردار تيار ڪريو تہ جيئن رات جو نائين بجي تائين اوهين قيصريہ ڏانهن روانا ٿي وڃو.“ 24کين هي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن هن کي گورنر فِيلڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“ 25پوءِ ڪپتان کين هي خط لکي ڏنو تہ
26”جناب گورنر فِيلڪس صاحب بهادر!
آءٌ ڪلوديُس لوسياس نمسڪار بعد وينتي ٿو ڪريان تہ 27هن ماڻهوءَ کي يهودين پڪڙيو هو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي هئس جو آءٌ سپاهين کي وٺي وڃي اتي پهتس ۽ يهودين کان بچايومانس، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر پئجي ويئي تہ هو رومي آهي. 28مون کيس يهودين جي وڏي پئنچائت ۾ پيش ڪيو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اهي مٿس ڪهڙو الزام ٿا هڻن. 29پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يهودين پنهنجي نيم جي ئي ڳالهين ڪري هن تي تهمت هنئي آهي. پر ڪو اهڙو ڏوهہ نہ ڪيو اٿس جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي. 30هاڻ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي خلاف هڪ سازش سِٽي ويئي آهي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏهن انهن کي هن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آهي تہ اوهان وٽ اچي چون.“
31پوءِ جيئن سپاهين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن ئي اهي پولس کي راتوواهہ انتيپترس ۾ وٺي آيا. 32ٻئي ڏينهن تي پولس کي گھوڙيسوارن سان گڏ اڳتي روانو ڪرڻ کان پوءِ پيادا سپاهي قلعي ڏانهن موٽي ويا. 33گھوڙيسوار سپاهين قيصريہ ۾ پهچي گورنر کي خط ڏنو ۽ پولس کي بہ سندس اڳيان پيش ڪيائون. 34گورنر خط پڙهيو ۽ پڇيائين تہ ”اهو ماڻهو ڪهڙي صوبي جو رهاڪو آهي؟“ جڏهن کيس خبر پيئي تہ هو ڪلڪيا جو رهاڪو آهي، 35تڏهن پولس کي چيائين تہ ”آءٌ تنهنجو بيان انهيءَ مهل وٺندس، جڏهن تنهنجا مخالف بہ پهچندا.“ پوءِ هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي #23‏:35 گورنر واري محلات هي محلات دراصل راجا هيروديس اعظم پنهنجي لاءِ ٺهرايو هو، پر پوءِ رومي حڪومت ان کي قبضي ۾ آڻي گورنر جو صدر دفتر بڻائي ڇڏيو.گورنر واري محلات ۾ پهري هيٺ رکيو وڃي.“

하이라이트

복사

비교

공유

None

모든 기기에 하이라이트를 저장하고 싶으신가요? 회원가입 혹은 로그인하세요