سنتن جا ڪم 19
19
(پولس اِفسس شهر ۾)
1اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن وشواسين سان مليو. 2هن کانئن پڇيو تہ ”جڏهن اوهان مسيح تي وشواس آندو هو تہ اوهان کي پوِتر آتما ملي هئي يا نہ؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”اسان تہ پوِتر آتما جو نالو ئي نہ ٻڌو آهي.“ 3پولس پڇين تہ ”پوءِ اوهان ڪهڙي بپتسما ورتي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ”يوحنا واري بپتسما.“ 4#مت 3:11، مر 1:4،7-8، لو 3:4،16، يو 1:26-27 تنهن تي پولس کين چيو تہ ”يوحنا تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي وشواس آڻجو،‘ يعني يسوع تي.“ 5اهو ٻڌي هنن پرڀو يسوع جي نالي تي بپتسما ورتي. 6تڏهن پولس پنهنجا هٿ انهن تي رکيا تہ پوِتر آتما مٿن پرگھٽ ٿي ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ لڳا. 7اهي سڀيئي اٽڪل ٻارهن ڄڻا هئا.
8پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي بيڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان ايشور جي راڄ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. 9پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي وشواس نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو پرڀو يسوع جي انهيءَ رستي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ وشواسين کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو. 10اهو سلسلو ٻن سالن تائين هلندو رهيو ۽ جيڪي آسيا صوبي جا يهودي ۽ غير قوم وارا هئا تن سڀني مسيح بابت پرميشور جو سنديش پئي ٻڌو.
(سِڪوا جا پٽ)
11ايشور پولس جي معرفت عجيب نموني سان چمتڪار ڏيکاريندو هو. 12ايتري قدر جو جيڪڏهن رومال يا ڪوبہ ڪپڙو پولس جي شرير کي ڇهي کڻي وڃي بيمارن کي لائيندا هئا تہ انهن کي بيماري ڇڏي ويندي هئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن مان ڀوت نڪري ويندا هئا. 13تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ پرڀو يسوع جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي يسوع جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جو پولس پرچار ڪري رهيو آهي.“ 14سِڪوا نالي هڪڙي يهودي سردار ڪاهن جي ستن پٽن بہ هڪ دفعي ائين پئي ڪيو تہ 15ڀوت وراڻين تہ ”يسوع کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوهين ڪير آهيو؟“ 16پوءِ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، تنهن سٽ ڏيئي کين سوگھو ڪيو ۽ ڌڪ هڻي ڪپڙا ڦاڙي لاٿائين. تڏهن اهي سڀيئي زخمي ٿي انهيءَ گھر مان وٺي ڀڳا. 17اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين پرڀو يسوع جي نالي جي مهانتا ٿيڻ لڳي. 18جن مٿس وشواس آندو هو تن مان ڪيترن ئي کُليعام پنهنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا. 19انهن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا هئا، تن پنهنجا پنهنجا شاستر آڻي گڏ ڪري سڀني ماڻهن جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انهن شاسترن جي رقم جوڙي ويئي تہ اها پنجاهہ هزار #19:19 چانديءَ جا سڪا انهن ڏينهن ۾ چانديءَ جو هڪ عام سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20:2).چانديءَ جا سڪا ٿي. 20اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش بيحد پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.
(اِفسس ۾ هنگامو)
21هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“ 22سو هن پنهنجي مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي اڳواٽ مڪدُنيا صوبي ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وڌيڪ عرصو آسيا صوبي ۾ رهي پيو.
23انهن ڏينهن ۾ اِفسس ۾ پرڀو يسوع وارو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل هئي. 24ديميتريُس نالي هڪڙو سونارو ارتمس ديويءَ جا چانديءَ جا ننڍڙا مندر ٺاهيندو هو. هن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو هوندو هو. 25سو هن انهن ڪاريگرن ۽ اهڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻو ٿا تہ هن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رهيو آهي. 26اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي ڀَٽڪائي ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت ايشور هرگز نہ آهن.‘ 27سو نہ رڳو اهو خطرو آهي جو اسان جو هي ڌنڌو خراب ٿي ويندو، بلڪ اهو بہ انديشو آهي تہ متان مهاديوي ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنهن ديويءَ جي پوجا آسيا صوبي توڙي سڄي سنسار جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنهن جي مهانتا ختم نہ ٿي وڃي.“ 28اهو ٻڌي هو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪندي نعرا هڻڻ لڳا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“ 29سڄي شهر ۾ هُل مچي ويو. گيُس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدُنيا جا رهاڪو هئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا، تن کي ماڻهن جي هڪ ميڙ گڏجي پڪڙي تماشہگاهہ ۾ آندو. 30پولس جي مرضي هئي تہ هو اوڏانهن وڃي، پر وشواسين وڃڻ نہ ڏنس. 31آسيا صوبي جي وڏن عملدارن مان ڪن جيڪي سندس ڀلو چاهيندڙ هئا، تن چوائي موڪليس ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”متان تماشہگاهہ ۾ وڃي پنهنجي جان جوکي ۾ وجھو.“ 32انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪي واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالهہ. گھڻن کي تہ اها بہ سڌ نہ هئي تہ هو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن. 33آخرڪار ماڻهن مان ڪن جو هي خيال هو تہ سڪندر نالي شخص ئي ذميوار آهي، ڇاڪاڻ تہ يهودين کيس اڳ ۾ ڪيو هو. پوءِ سڪندر هٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻهن اڳيان صفائيءَ ۾ ڪجھہ ڳالهائي. 34پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“
35آخرڪار شهر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسس جا رهاڪؤ! هر انسان ڄاڻي ٿو تہ اِفسس جو شهر مهاديوي ارتمس جي مندر جو سنڀاليندڙ آهي ۽ ان جو پٿر بہ آڪاش مان هتي پرگھٽ ٿيو هو. 36انهن ڳالهين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي. تنهنڪري اوهان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻهرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو. 37جن ماڻهن کي اوهين هتي وٺي آيا آهيو، سي نہ مندرن کي لٽڻ ڦرڻ وارا آهن، نڪي اسان جي ديويءَ جي خلاف نندا ڪن ٿا. 38تنهنڪري ديميتريُس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ ڪورٽ کُلي پيئي آهي ۽ جج ويٺا آهن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن. 39پر جيڪڏهن اوهان کي ڪن ٻين ڳالهين جي صفائي وٺڻي آهي تہ انهيءَ جو فيصلو باقاعدي گڏجاڻيءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو. 40اڄ شهر ۾ جيڪو هنگامو ٿيو آهي، انديشو آهي تہ انهيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ هن هنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انهيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“ 41ائين چئي هن ماڻهن کي روانو ڪيو.
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.