18
(ڪرنٿس شهر ۾)
1 انهن ڳالهين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس شهر ۾ اچي پهتو. 2اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس پتني پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو 3۽ جيئن تہ ٻنهي جو تنبن ٺاهڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو هو، تنهنڪري پولس انهن سان گڏ رهيو ۽ اهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. 4هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.
5جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت پرچار ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ يسوع ئي مسيح آهي. 6جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“ 7پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو ايشور ڀڳت غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي ڀرسان هو. 8ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت پرڀو يسوع تي وشواس آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو سنديش ٻڌي وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون.
9هڪڙيءَ رات پولس کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ پرڀو يسوع کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ، ٻڌائيندو رهہ ۽ بس نہ ڪر. 10جيئن تہ آءٌ تو ساڻ آهيان، سو ڪوبہ ماڻهو حملو ڪري تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، ڇو تہ هن شهر ۾ منهنجا گھڻا ئي ماڻهو آهن.“ 11سو هو ڏيڍ سال اتي رهيو ۽ ماڻهن کي مسيح بابت ايشور جي سنديش جي سکيا ڏيندو رهيو.
12پر جڏهن گَليو نالي هڪ شخص يونان جي صوبي اخيا جو گورنر بڻيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي گورنر جي درٻار ۾ وٺي آيا. 13اهي گورنر کي چوڻ لڳا تہ ”هي اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي نموني ڀڳتي ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آهي.“ 14پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها. 15پر جڏهن تہ هي اهڙا الزام آهن جن جو واسطو رڳو لفظن، نالن ۽ خاص اوهان جي نيم سان آهي تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اهڙين ڳالهين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاهيان.“ 16سو هن کين درٻار مان ڀڄائي ڪڍيو. 17تنهن تي انهن سڀني گڏجي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس درٻار جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گَليوءَ کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.
(انطاڪيا شهر ڏانهن واپسي)
18 #
ڳا 6:18
ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ وشواسين کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي. 19جڏهن اهي اِفسس شهر ۾ پهتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوءِ پاڻ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو جتي يهودين سان بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. 20ان بعد هنن کيس وينتي ڪئي تہ هو ڪجھہ عرصي تائين وٽن رهي، پر هن اها قبول نہ ڪئي. 21پوءِ موڪلائڻ وقت هن کين چيو تہ ”ايشور گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي هو سامونڊي جهاز تي چڙهي اِفسس مان روانو ٿيو.
22قيصريہ بندرگاهہ تي لهي هو يروشلم ڏانهن ويو ۽ اتي جي وشواسي منڊليءَ کي نمسڪار ڪري انطاڪيا ڏانهن روانو ٿي ويو.
پولس جو ٽيون پرچاري سفر
18:23–21:16
23انطاڪيا ۾ ڪجھہ عرصو رهڻ کان پوءِ پولس اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو پرڀو يسوع جي سڀني پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪندو ويو.
(اپلوس جو اِفسس ۾ سکيا ڏيڻ)
24انهن ڏينهن ۾ اپلوس نالي هڪڙو يهودي جيڪو اسڪندريہ جو رهاڪو هو سو اِفسس ۾ آيو. هو هڪ سٺو تقرير ڪندڙ هو ۽ کيس پوِتر شاستر جي گھڻي ڄاڻ هئي. 25جيئن تہ هن پرڀو يسوع واري رستي تي هلڻ جي سکيا حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان يسوع جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ يسوع بابت صحيح سکيا ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يوحنا واري بپتسما جي ڄاڻ هئي. 26هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ بيڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن پرسڪلا ۽ اڪولا هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس مسيح بابت ايشور واري رستي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.
27جڏهن اپلوس جو يونان جي صوبي اخيا ڏانهن وڃڻ جو ارادو ٿيو تہ اتي جي وشواسين کيس همتائيندي يونان جي وشواسين ڏانهن خط لکي ڏنس تہ اهي يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. اپلوس اتي پهتو ۽ جن ماڻهن ايشور جي ڪرپا سان پرڀو يسوع تي وشواس آندو هو، تن جي وڏي همتافزائي ڪيائين، 28ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي اڳيان بحث مباحثن ۾ هن مضبوط دليلن سان پوِتر شاستر مان اهو ثابت ڪيو تہ يسوع ئي مسيح آهي. ائين هن يهودين جا وات بند ڪري ڇڏيا.