17
(ٿِسلُنيڪي شهر ۾)
1تڏهن پولس ۽ سيلاس امفپلس ۽ اپلونيا شهرن مان لنگھي ٿِسلُنيڪي ۾ آيا، جتي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ هئي. 2پولس پنهنجي دستور موجب سندن ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن تي هو پوِتر شاستر مان ساڻن بحث پيو ڪندو هو. 3هو دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو هئن تہ ”اهو ضروري هو تہ مسيح تڪليفون سهي مري ۽ مئلن مان وري جيوت ٿي اُٿي.“ هن چين تہ ”هي يسوع جنهن جو آءٌ اوهان جي اڳيان پرچار ٿو ڪريان، سو ئي مسيح آهي.“ 4انهن مان ڪن يهودين، ايشور ڀڳت يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ نارين بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا.
5پر گھڻن يهودين کي ساڙ ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن. 6جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين وشواسين کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄي سنسار ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن 7۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلافورزي ڪندي چون ٿا تہ راجا ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو يسوع آهي.“ 8انهن ڳالهين سان هنن عام ماڻهن توڙي شهر جي عملدارن کي پريشان ڪري ڇڏيو. 9سو عملدارن ياسون ۽ انهن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنو.
(بيريا شهر ۾)
10 تنهن تي وشواسين هڪدم پولس ۽ سيلاس کي راتوواهہ بيريا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن هو اتي پهتا تہ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا. 11اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت ايشور جو سنديش وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پوِتر شاستر پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي. 12تنهنڪري انهن مان گھڻن ئي يسوع مسيح تي وشواس آندو. يونانين مان بہ ڪيترن ئي مردن توڙي مکيہ نارين وشواس آندو. 13جڏهن ٿِسلُنيڪي جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ انهيءَ سنديش جو پرچار ڪري رهيو آهي، تڏهن هنن اتي بہ اچي ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ انهن ۾ گوڙ مچايائون. 14تڏهن وشواسين انهيءَ گھڙيءَ پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رهي پيا. 15جيڪي ماڻهو پولس کي ڇڏڻ هليا هئا، سي ساڻس اٿينس شهر تائين گڏ آيا. پوءِ هو بيريا ڏانهن پولس جي هن هدايت سان موٽيا تہ ”جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس مون سان اچي ملن.“
(اٿينس شهر ۾)
16جڏهن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رهيو هو، تڏهن هن کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شهر بتن سان ڀريو پيو آهي. 17تنهنڪري هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي يهودين ۽ ايشور ڀڳت غير يهودين سان توڙي بازار ۾ ملڻ وارن سان روزانو بحث پيو ڪندو هو. 18جيئن تہ پولس يسوع ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا شاستري ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ 19سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي پئنچائت وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين سکيا آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟ 20ڪي ڳالهيون تون اهڙيون ٿو ڪرين جيڪي اسان کي عجيب ٿيون لڳن. اسين ڄاڻڻ چاهيون ٿا تہ انهن ڳالهين جو مقصد ڇا آهي.“ 21حقيقت ۾ اٿينس جا سڀيئي رهاڪو ديسي توڙي پرديسي پنهنجو وقت هميشہ نيون نيون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا هئا.
22تڏهن پولس پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رهاڪؤ! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوهين هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ديوتائن جي ڏاڍي وس هيٺ آهيو، 23جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي ڀڳتيءَ وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون ٻليدان واري هڪڙي جاءِ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’اڻڄاتل ديوتا جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي ڀڳتي ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان. 24#1.راج 8:27، يس 42:5، سن 7:48 جنهن ايشور سڄو سنسار ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو ڌرتيءَ ۽ آڪاش جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي. 25هو ڪنهن بہ شيءِ جو محتاج نہ آهي جو ڪنهن کان پنهنجي سيوا ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڻ ئي تہ سڀني کي جيون، ساهہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏئي ٿو. 26هن هڪڙي ئي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آهن، تہ جيئن اهي سڄي سنسار ۾ آباد ٿين. هن انهن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن، 27انهيءَ لاءِ تہ هو ايشور جي ڳولا ڪن ۽ من هٿوراڙيون هڻي کيس ڳولي لهن. جڏهن تہ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي 28۽ اسين منجھس ئي جيوت رهون ۽ هلون چلون ٿا، بلڪ اسان جي هستي انهيءَ جي ڪري آهي. اوهان جي شاعرن مان بہ ڪن ائين چيو آهي تہ ’اسين تہ ايشور جو اولاد آهيون.‘ 29هاڻ جيئن تہ اسين ايشور جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو. 30ايشور جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن، 31ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي سنسار جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيوت ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“
32جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيوت ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“ 33تڏهن پولس پئنچائت مان هليو ويو. 34پوءِ ڪي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندائون. انهن ۾ اريوپگس پئنچائت جو هڪڙو ڪارڪن جنهن جو نالو ديونسييس هو، دمرس نالي هڪڙي ناري ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شامل هئا.