سنتن جا ڪم 16
16
(تيمٿيس جو پولس ۽ سيلاس سان وڃڻ)
1پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو يسوع مسيح تي وشواس رکندڙ هو. سندس ماتا يهودڻ هئي ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پتا يوناني هو. 2لسترا ۽ اڪونيم جا وشواسي تيمٿيس جي ساراهہ ڪندا هئا. 3پولس جي مرضي هئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلي، تنهنڪري هن سندس ختنو ڪرايو. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رهندڙ سڀني يهودين کي سڌ هئي تہ تيمٿيس جو پتا غير يهودي هو. 4هو جن جن شهرن مان لنگھندا ويا، اتان جي وشواسي منڊلين کي يروشلم جي سنتن ۽ اڳواڻن جا اهي فيصلا ٻڌائيندا ويا جن مطابق کين جيون گذارڻو هو. 5اهڙيءَ طرح اتان جون منڊليون ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي تعداد ۾ وڌنديون ۽ وشواس ۾ مضبوط ٿينديون ويون.
(مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جو درشن)
6جيئن تہ پوِتر آتما هنن کي آسيا صوبي ۾ سنديش جي پرچار ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اوڏانهن وڃڻ جي بدران هو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان گذريا. 7جڏهن موسيا علائقي جي سامهون آيا تڏهن ڪوشش ڪيائون تہ بتونيا صوبي ۾ وڃن، پر يسوع جي آتما کين وڃڻ نہ ڏنو. 8تنهنڪري اهي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس شهر ۾ آيا. 9اتي رات جو پولس کي درشن ڏنو ويو جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سوامي! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“ 10پولس کي درشن ملڻ شرط #16:10 اسان هن شاستر ۾ استعمال ٿيل لفظ ”اسان“ مان مراد گھڻو ڪري اها ورتي وڃي ٿي تہ ”سنتن جا ڪم“ جو ليکڪ لوقا بہ ان وقت سنت پولس سان گڏ هو.اسان هڪدم مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ اسان کي يقين ٿي ويو تہ ايشور اسان کي گھرايو آهي تہ کين خوشخبري ٻڌايون.
(فلپي شهر ۾ لُديا جو وشواس آڻڻ)
11تروآس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي اسين سڌا سمتراڪي ٻيٽ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن نياپُلس بندرگاهہ تي پهتاسون. 12اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائشگاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين. 13سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي ڀڳتيءَ لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن نارين سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون. 14انهن نارين ۾ ٿواتيرہ شهر جي لُديا نالي هڪ ايشور ڀڳت ناري بہ هئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي هئي. پرميشور هن جي دل کولي تہ جيئن هوءَ پولس جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي. 15پوءِ جڏهن انهيءَ ناريءَ پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي پرڀو يسوع تي وشواس رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.
(فلپيءَ جي جيل ۾)
16هڪڙي ڏينهن جيئن اسين ڀڳتيءَ واري انهيءَ جاءِ ڏانهن پئي وياسين تہ اسان کي هڪڙي غلام ڪنيا ملي جنهن ۾ ڳجھا ڀيد ڄاڻيندڙ ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ماڻهن کي سندن قسمت جو حال ٻڌائي پنهنجي مالڪن کي ڪيترائي پئسا ڪمائي ڏيندي هئي. 17هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو مهان ايشور جا داس آهن، جيڪي اوهان کي مڪتيءَ جو رستو ٿا ٻڌائين.“ 18ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪنيا ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڪنيا مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڪنيا مان نڪري ويو. 19جڏهن ڪنيا جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا. 20اتي اعليٰ عملدارن جي اڳيان مٿن شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”سائين! هي ماڻهو جيڪي يهودي آهن، تن اسان جي شهر ۾ کڻي گوڙ مچايو آهي 21۽ اهڙيون رسمون ڪڍيون اٿن جيڪي اسان رومين کي قبول ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ جائز نہ آهي.“ 22عام خلق بہ هڪ راءِ ٿي انهن ٻنهي تي حملو ڪرڻ لڳي. جڏهن تہ اعليٰ عملدارن هنن جا ڪپڙا ڦاڙي لهرايا ۽ کين چهبڪ هڻڻ جو حڪم ڏنائون. 23گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪيائون تہ کين سخت پهري هيٺ رکيو وڃي. 24اهو حڪم ملڻ تي جيلر انهن کي اندرين ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ ۾ وجھي قابو ڪيائين.
25رات جو پولس ۽ سيلاس پرارٿنائون ڪندا ۽ ايشور جي مهما جا ڀڄن ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري 26اوچتو هڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنهن جيل جون ڀتيون بنيادن تائين لوڏي ڇڏيون. هڪدم سڀ دروازا کُلي پيا ۽ سڀني قيدين جا بند کُلي ڪري پيا. 27تنهن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کُليا پيا آهن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آهن. تنهنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي هو 28تہ پولس زور سان رڙ ڪري چيس تہ ”پاڻ کي نہ مار! اسين سڀ هتي موجود آهيون.“ 29تڏهن جيلر بتي گھرائي ڊوڙندو اندر ويو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو. 30پوءِ هن کين ٻاهر ڪڍيو ۽ وينتي ڪندي چوڻ لڳو تہ ”سوامي! آءٌ ڇا ڪريان جو مڪتي ملي؟“ 31تنهن تي هنن وراڻيس تہ ”پرڀو يسوع تي وشواس آڻ تہ تو کي ۽ تنهنجي ڪٽنب کي مڪتي ملندي.“ 32پوءِ انهن هن کي ۽ سندس گھر ۾ موجود سڀني ماڻهن کي مسيح بابت پرميشور جو سنديش ٻڌايو. 33رات جي انهيءَ ئي وقت جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ هڪدم هن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي. 34پوءِ هن پولس ۽ سيلاس کي مٿي پنهنجي گھر وٺي اچي کارايو پيئاريو. ايشور تي وشواس آڻڻ جي ڪري هو ۽ سندس سڄو ڪٽنب بيحد خوش هو.
35ٻئي ڏينهن صبح جو اعليٰ عملدارن پنهنجن سپاهين هٿان جيلر ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو.“ 36سو جيلر پولس کي ٻڌايو تہ ”اعليٰ عملدارن جو حڪم آهي تہ اوهان کي آزاد ڪيو وڃي. تنهنڪري هاڻي اوهين هليا وڃو، شل سدا سک وَ شانتيءَ سان هجو.“ 37پر پولس سپاهين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آهيون، تن کي هنن بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي عام خلق جي اڳيان چهبڪ هڻائي جيل ۾ وڌو آهي ۽ هاڻي هو چپ چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائڻ چاهين ڇا؟ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو. انهن کي چئو تہ اهي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاهر وٺي هلن.“ 38سپاهين وڃي اهو نياپو اعليٰ عملدارن کي پهچايو. هنن جڏهن ٻڌو تہ پولس ۽ سيلاس رومي آهن، تڏهن هو ڏاڍو ڊڄي ويا. 39تنهنڪري اهي پاڻ کين سمجھائڻ لاءِ آيا ۽ جيل کان ٻاهر وٺي اچي کين وينتي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري اوهين شهر مان هليا وڃو.“ 40سو پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لُديا جي گھر ويا، جتي هو وشواسين سان مليا ۽ کين همتايائون. پوءِ هو اتان روانا ٿي ويا.
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.