سنتن جا ڪم 14

14
(اڪونيم ۾)
1ساڳيءَ طرح اڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا ۽ اهڙي نموني تقرير ڪيائون جو گھڻن ئي يهودين ۽ غير قوم وارن يسوع تي وشواس آندو. 2پر خوشخبريءَ کي رد ڪندڙ يهودين غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انهن جي جذبات کي وشواسين جي خلاف ڪيائون. 3تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ پرڀو يسوع بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. پرڀوءَ سندن هٿان چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي ڪرپا بابت سندن سنديش کي سچو ثابت ٿي ڪيو. 4پر شهر جي ماڻهن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي ۽ انهن مان ڪي يهودين جي طرف تہ ڪي انهن پرچارين جي طرف ٿي ويا.
5تڏهن غير قوم وارن ۽ يهودين پنهنجن اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ هو پولس ۽ برنباس سان بدسلوڪي ڪن ۽ کين سنگسار ڪن. 6جڏهن انهن کي اها خبر پئجي ويئي تہ هو هڪدم اتان نڪري لوڪئنيا علائقي جي شهرن لسترا ۽ دربي ۽ انهن جي آس‌پاس وارن علائقن ڏانهن هليا ويا. 7اتي بہ هو خوشخبري ٻڌائيندا رهيا.
(لسترا ۾)
8لسترا ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو جنهن جا پير سڪل هئا. هو ڄائي ڄم کان معذور هو ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين. 9جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس يسوع مسيح تي ايترو وشواس آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو. 10سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ.“ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو. 11جڏهن ماڻهن پولس جو هي ڪم ڏٺو تہ پنهنجي لوڪئنيا ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳا تہ ”انسانن جي روپ ۾ ديوتا اسان وٽ لهي آيا آهن.“ 12هنن برنباس جي نالي چيو تہ ”هي زيوس ديوتا آهي“ ۽ پولس جي نالي چيائون تہ ”هي هرميس ديوتا آهي،“ ڇاڪاڻ تہ مکيہ ڳالهائڻ وارو پولس هو. 13تڏهن زيوس ديوتا جو مندر جيڪو شهر جي ڀرسان هو، تنهن جي پوجاريءَ ۽ ماڻهن جي ميڙ برنباس ۽ پولس جي اڳيان ٻليدان ڪرڻ ٿي چاهيو. سو پوجاريءَ گلن جا هار ۽ ڪجھہ ڏاند پاڻ سان گڏ شهر جي دروازي تي آندا. 14پر جڏهن انهن ٻنهي پرچارين کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ بيٺا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ 15#خر 20‏:11، زب 146‏:6 ”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيوت ايشور کي مڃو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي. 16گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو. 17تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل بخشيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“ 18ايتري سمجھائڻ کان پوءِ بہ انهن وڏيءَ مشڪل سان ماڻهن کي اهڙي ٻليدان پيش ڪرڻ کان روڪيو.
19پوءِ پسديا علائقي واري انطاڪيا ۽ اڪونيم کان ڪي يهودي اچي اتي پهتا ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڦيري ويا. هنن پولس کي پٿر هڻايا ۽ مئل سمجھي کيس شهر مان گهلي ٻاهر ڦٽو ڪيائون. 20پر جڏهن وشواسي چوڌاري مڙي آيس تہ هو اُٿي بيٺو ۽ شهر ڏانهن موٽي ويو. ٻئي ڏينهن تي هو برنباس سان گڏجي دربيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو.
(شام واري انطاڪيا ڏانهن موٽڻ)
21دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ۽ گھڻا ئي ماڻهو يسوع جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا. 22هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“ 23هنن هر هڪ وشواسي منڊليءَ لاءِ اڳواڻ مقرر ڪيا ۽ وِرت رکي انهن اڳواڻن لاءِ پرارٿنا ڪيائون ۽ کين پرڀو يسوع جي حوالي ڪيائون، جنهن تي هنن وشواس آندو هو.
24پوءِ هو پسديا جي وچان لنگھندا پمفيليا علائقي ۾ آيا. 25اتي پرگا شهر ۾ بہ هنن پرچار ڪيو ۽ پوءِ اتليا بندرگاهہ ڏانهن ويا. 26#سن 13‏:1‏-3 اتان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي شام واري انطاڪيا ڏانهن واپس موٽيا، جتي انهيءَ پرچاري ڪم لاءِ کين ايشور جي ڪرپا ملي هئي، جيڪو ڪم هنن هاڻي پورو ڪيو.
27اتي پهچي هنن منڊليءَ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ايشور هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح ايشور غير قومن جي لاءِ وشواس جو دروازو کولي ڇڏيو. 28پوءِ هو اتي وشواسين وٽ گھڻي عرصي تائين ترسي پيا.

하이라이트

복사

비교

공유

None

모든 기기에 하이라이트를 저장하고 싶으신가요? 회원가입 혹은 로그인하세요