پيدائش ‮تعارف‬

تعارف
هن مقدس ڪتاب جو نالو ”پيدائش“ آهي، ڇو تہ هن ۾ سڄي ڪائنات جي پيدا ٿيڻ جو ذڪر آهي. هن ڪتاب ۾ انسانذات جي اصل نسل، دنيا ۾ گناهہ ۽ تڪليفن جي شروعات ۽ انسانذات سان خدا جي هلت چلت جي طريقي بابت معلومات ڏنل آهي. پيدائش جي هن ڪتاب کي ٻن مکيہ حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.
1. باب 1‏–11 ۾ دنيا جي پيدائش ۽ انساني نسل جي شروعاتي تواريخ جو ذڪر آهي. انهن بابن ۾ حضرت آدم ۽ بيبي حوا، قابيل ۽ هابيل، نوح نبي ۽ ٻوڏ ۽ بابل واري مناري جو احوال ملي ٿو.
2. باب 12‏–50 ۾ بني اسرائيل جي ابتدائي ابن ڏاڏن جو احوال ملي ٿو. انهن مان پهريون حضرت ابراهيم آهي، جيڪو پنهنجي ايمان ۽ خدا جي فرمانبرداريءَ جي ڪري قابلِ ذڪر آهي. تنهن کان پوءِ سندس پٽ حضرت اسحاق، سندس پوٽو حضرت يعقوب، جنهن کي اسرائيل بہ سڏيو ويندو آهي ۽ انهيءَ جي ٻارهن پٽن، جن سان بني اسرائيل جا ٻارهن قبيلا ٺهيا، تن سڀني جي زندگيءَ جو احوال ملي ٿو. انهن بابن ۾ حضرت يعقوب جي پٽن مان حضرت يوسف جو خاص طور احوال ڏنل آهي ۽ ان سان گڏ انهن واقعن جو بہ، جن جي ڪري حضرت يعقوب ۽ سندس ٻيا پٽ پنهنجي اهل وَ عيال سميت مصر ۾ اچي رهيا.
جيتوڻيڪ پيدائش جو هي ڪتاب ماڻهن جي زندگيءَ بابت ٻڌائي ٿو، تہ بہ هن ڪتاب ۾ خدا جي ڪمن کي اوليت حاصل آهي. هن ڪتاب جي شروعات خدا جي ڪائنات کي پيدا ڪرڻ جي بيان سان ۽ پڄاڻي هن واعدي سان ٿئي ٿي تہ خدا هر وقت پنهنجن جي سنڀال ڪندو رهندو. هن ڪتاب جي شروع کان آخر تائين خدا ئي مکيہ ڪردار آهي، جيڪو گناهہ ڪندڙن جي عدالت ٿو ڪري ۽ کين سزا ٿو ڏئي. هو پنهنجن جي رهبري ۽ مدد ٿو ڪري ۽ انهن جي تواريخ ٿو گھڙي. هي قديم ڪتاب انهيءَ لاءِ لکيو ويو تہ جيئن بني اسرائيل جي دين جو شروعاتي احوال تحريري صورت ۾ هجي ۽ انهيءَ دين کي زندہ رکڻ لاءِ ڪيل خدا جا ڪارناما محفوظ رهن.
سِٽاءُ
ڪائنات ۽ انسانذات جي پيدائش 1‏:1‏–2‏:25
گناهہ ۽ تڪليفن جي شروعات 3‏:1‏-24
حضرت آدم کان نوح نبيءَ تائين 4‏:1‏–5‏:32
نوح نبي ۽ ٻوڏ 6‏:1‏–10‏:32
بابل جو منارو 11‏:1‏-9
سِم کان حضرت ابرام يعني ابراهيم تائين 11‏:10‏-32
بني اسرائيل جا ابا ڏاڏا: ابراهيم، اسحاق، يعقوب 12‏:1‏–35‏:29
عيسوءَ جو اولاد 36‏:1‏-43
حضرت يوسف ۽ سندس ڀائر 37‏:1‏–45‏:28
بني اسرائيل مصر ۾ 46‏:1‏–50‏:26

ಪ್ರಸ್ತುತ ಆಯ್ಕೆ ಮಾಡಲಾಗಿದೆ:

پيدائش ‮تعارف‬: MSB

Highlight

ಶೇರ್

ಕಾಪಿ

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy