1
مرقس 23:9
Common Language New Testament
SCLNT
عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اوھان جي لفظن ’جيڪڏھن ڪجھہ ڪري سگھو ٿا‘ جو مطلب ڇا آھي؟ جيڪوبہ ايمان آڻي ٿو تنھن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“
Bera saman
Njòttu مرقس 9:23
2
مرقس 24:9
تنھن تي ڇوڪري جي پيءُ ھڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان آڻيان ٿو، پر جيڪڏھن منھنجو ايمان ڪامل نہ آھي تہ مدد ڪريو.“
Njòttu مرقس 9:24
3
مرقس 28:9-29
جڏھن عيسيٰ گھر پھتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو ڪين ڪڍي سگھياسين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھڙي قسم جي ڀوت کي دعا کان سواءِ ٻي ڪنھن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آھي.“
Njòttu مرقس 9:28-29
4
مرقس 50:9
لوڻ چڱو تہ آھي، پر جيڪڏھن انھيءَ مان سواد ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري سلوڻو ڪري سگھبو؟ سو پاڻ ۾ لوڻ رکو ۽ ھڪٻئي سان صلح ۾ رھو.“
Njòttu مرقس 9:50
5
مرقس 37:9
”جيڪو منھنجي ڪري ھنن ٻارن مان ڪنھن بہ ھڪڙي کي قبول ٿو ڪري، تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو ۽ جنھن مون کي قبول ڪيو، تنھن نہ رڳو مون کي پر ان کي بہ قبول ڪيو جنھن مون کي موڪليو آھي.“
Njòttu مرقس 9:37
6
مرقس 41:9
آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو اوھان کي پاڻيءَ جو پيالو انھيءَ لاءِ ٿو پياري تہ اوھين مسيح جا آھيو، تنھن کي پنھنجو اجر ضرور ملندو.“
Njòttu مرقس 9:41
7
مرقس 42:9
”ھي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن ھڪ کي بہ جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ چڱو تہ ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.
Njòttu مرقس 9:42
8
مرقس 47:9
جيڪڏھن تنھنجي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا اک ڪڍي ڇڏ، ڇوتہ ٻن اکين سان جھنم ۾ وڃڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿئين.
Njòttu مرقس 9:47
Heim
Biblía
Áætlanir
Myndbönd