1
متي 7:7
Common Language New Testament
SCLNT
”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ ۽ در کڙڪايو تہ کليوَ.
Bera saman
Njòttu متي 7:7
2
متي 8:7
ڇالاءِجو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي، تنھن کان لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي.
Njòttu متي 7:8
3
متي 24:7
”تنھنڪري جيڪوبہ منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل ڪري ٿو سو اھڙي سياڻي ماڻھوءَ مثل آھي جنھن پنھنجو گھر ٽڪر تي اڏايو.
Njòttu متي 7:24
4
متي 12:7
جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“
Njòttu متي 7:12
5
متي 14:7
پر اھو دروازو سوڙھو آھي ۽ اھو رستو تنگ آھي جيڪو زندگيءَ ڏانھن وڃي ٿو ۽ جن کان اھو لڀي ٿو سي پڻ ٿورا آھن.“
Njòttu متي 7:14
6
متي 13:7
”اوھين سوڙھي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇالاءِجو جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانھن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آھي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آھن.
Njòttu متي 7:13
7
متي 11:7
جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙي ھئڻ جي پنھنجن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ سٺيون شيون انھن کي ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا!
Njòttu متي 7:11
8
متي 1:7-2
”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. ڇالاءِجو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.
Njòttu متي 7:1-2
9
متي 26:7
پر جيڪوبہ ماڻھو منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اھڙي اياڻي مثل آھي جنھن پنھنجو گھر واريءَ تي اڏايو.
Njòttu متي 7:26
10
متي 3:7-4
اوھين ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيل اٿوَ ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟ اوھين ڪيئن ڪنھن کي چئي سگھو ٿا تہ ’ادا، مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ اوھان جي اک ۾ شھتير پيل آھي؟
Njòttu متي 7:3-4
11
متي 15:7-16
”انھن نبي سڏائيندڙن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آھن، ڇالاءِجو اھي اوھان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اھي وحشي بگھڙ آھن. اوھين انھن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا. ڇالاءِجو ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آھن ۽ نڪي اڪن مان انب.
Njòttu متي 7:15-16
12
متي 17:7
اھڙيءَ طرح سٺو وڻ ميوو بہ سٺو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ ميوو بہ خراب ڏئي ٿو.
Njòttu متي 7:17
13
متي 18:7
سٺو وڻ خراب ميوو ڏيئي نہ ٿو سگھي ۽ نڪي خراب وڻ سٺو ميوو ڏيئي سگھي ٿو.
Njòttu متي 7:18
14
متي 19:7
جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باھہ ۾ وجھبو آھي.
Njòttu متي 7:19
Heim
Biblía
Áætlanir
Myndbönd