1
متي 46:27
Common Language New Testament
SCLNT
ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما سبخٿني؟“ يعني ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“
Bera saman
Njòttu متي 27:46
2
متي 51:27-52
انھيءَ دم ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏونگر ڏري پيا. قبرون ڦاٽي پيون ۽ ڪيترائي نيڪ ماڻھو جيڪي مري ويا ھئا سي جيئرا ٿي اٿيا.
Njòttu متي 27:51-52
3
متي 50:27
عيسيٰ وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.
Njòttu متي 27:50
4
متي 54:27
فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا، تن جڏھن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”سچپچ ھيءُ ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“
Njòttu متي 27:54
5
متي 45:27
منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي.
Njòttu متي 27:45
6
متي 22:27-23
تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انھن سڀني چيو تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“ تنھن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“
Njòttu متي 27:22-23
Heim
Biblía
Áætlanir
Myndbönd