1
يوحنا 16:3
Common Language New Testament
SCLNT
ڇالاءِجو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.
Bera saman
Njòttu يوحنا 3:16
2
يوحنا 17:3
خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.
Njòttu يوحنا 3:17
3
يوحنا 3:3
تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“
Njòttu يوحنا 3:3
4
يوحنا 18:3
جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِجو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.
Njòttu يوحنا 3:18
5
يوحنا 19:3
سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِجو سندن ڪم بڇڙا ھئا.
Njòttu يوحنا 3:19
6
يوحنا 30:3
اھو ضروري آھي تہ ھو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“
Njòttu يوحنا 3:30
7
يوحنا 20:3
جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو تنھن کي روشنيءَ کان نفرت آھي ۽ روشنيءَ ڏانھن نہ ٿو اچي، ڇالاءِجو ھن جي مرضي نہ آھي تہ سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿين.
Njòttu يوحنا 3:20
8
يوحنا 36:3
جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو تنھن کي دائمي زندگي مليل آھي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري تنھن کي اھا زندگي ڪڏھن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رھي ٿو.
Njòttu يوحنا 3:36
9
يوحنا 14:3
جيئن موسيٰ رڻپٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابنآدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو،
Njòttu يوحنا 3:14
10
يوحنا 35:3
پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.
Njòttu يوحنا 3:35
Heim
Biblía
Áætlanir
Myndbönd