YouVersion Logo
Search Icon

متي 26

26
عيسيٰ خلاف سازش
(مرقس ۱‏:۱۴‎–۲، لوقا ۱‏:۲۲‎–۲، يوحنا ۴۵‏:۱۱‎–۵۳)
1جڏھن عيسيٰ ھي سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو تہ ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ 2#خر ۱‏:۱۲‎–۲۷ ”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“
3ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا. 4ھنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي، 5پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن نہ ڪريون متان ماڻھن ۾ وڳوڙ نہ پئجي وڃي.“
عيسيٰ جي بيت⁠عنياہ ۾ مھمانداري
(مرقس ۳‏:۱۴‎–۹، يوحنا ۱‏:۱۲‎–۸)
6جڏھن عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ ھو تہ 7#لو ۳۷‏:۷‎–۳۸ ھڪ عورت وٽس آئي جنھن کي ھڪ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر ھو. جڏھن عيسيٰ ماني کائي رھيو ھو تہ ان عورت اچي ھن جي مٿان عطر ھاريو. 8شاگرد ھي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھي زيان ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ 9ھي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اُھي پيسا غريبن کي ڏجن ھا.“ 10عيسيٰ سندن اھا ڳالھہ ٻڌي چيو تہ ”اوھين ھن عورت کي ڇو ٿا ستايو؟ ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي. 11#شر ۱۱‏:۱۵ غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس. 12جڏھن ھن منھنجي جسم تي عطر ھاريو تہ ھن مون کي دفن لاءِ تيار ڪيو. 13آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“
يھوداہ جي عيسيٰ خلاف سازش
(مرقس ۱۰‏:۱۴‎–۱۱، لوقا ۳‏:۲۲‎–۶)
14پوءِ ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو جنھن کي يھوداہ اسڪريوتي چوندا ھئا سو سردار ڪاھنن وٽ آيو، 15#زڪ ۱۲‏:۱۱ ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪريان تہ پوءِ اوھين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنھن تي انھن کيس ٽيھہ #چانديءَ جا سڪا: ھي چانديءَ جا وڏا سڪا ھئا، جيڪو ھڪ سڪو چانديءَ جي چئن عام سڪن جي برابر ھو، يعني چئن ڏينھن جي مزوريءَ جي برابر.چانديءَ جا سڪا ڳڻي ڏنا. 16ان کان پوءِ يھوداہ اھڙي موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جيئن عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.
شاگردن سان گڏ عيد فصح کائڻ
(مرقس ۱۲‏:۱۴‎–۲۶، لوقا ۷‏:۲۲‎–۲۳، يوحنا ۲۱‏:۱۳‎–۳۰، ۱.ڪرنٿين ۲۳‏:۱۱‎–۲۵)
17بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي شاگردن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“ 18عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”شھر ۾ فلاڻي ماڻھوءَ وٽ وڃو ۽ منھنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. ھو پنھنجن شاگردن سميت عيد فصح اوھان جي گھر ۾ ملھائيندو.‘“ 19شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.
20جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن سميت دسترخوان تي اچي ويٺو. 21ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ 22شاگرد ويچارا ڏاڍا غمگين ٿيا ۽ ھڪٻئي پٺيان عيسيٰ کان پڇڻ لڳا تہ ”خداوند، اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ 23#زب ۹‏:۴۱ تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو جنھن پنھنجو گرھہ مون سان گڏ ٿالھيءَ مان ٻوڙيو سو ئي مون کي پڪڙائيندو. 24ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“ 25دغاباز يھوداہ ڳالھايو ۽ پڇيائين تہ ”اي سائين! اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ائين تہ تون پاڻ ٿو چوين.“
26جڏھن ھو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“ 27پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري انھن کي ڏيندي چيو تہ ”اوھين سڀيئي ھن مان پيئو، 28#خر ۸‏:۲۴، ير ۳۱‏:۳۱‎–۳۴ اھو منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي گناھن جي معافيءَ لاءِ وھائجي ٿو ۽ جنھن سان خدا جو عھد ٻڌجي ٿو. 29آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ اوھان سان گڏ نئين مئي نہ پيئان.“ 30پوءِ انھن #زبور پڙھيو: عيد فصح جي پوري ٿيڻ تي ھڪ خاص زبور ڳائبو ھو.زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.
پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
(مرقس ۲۷‏:۱۴‎–۳۱، لوقا ۳۱‏:۲۲‎–۳۴، يوحنا ۳۶‏:۱۳‎–۳۸)
31 # زڪ ۷‏:۱۳ پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘ 32#مت ۱۶‏:۲۸ تنھن ھوندي بہ آءٌ پنھنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن ويندس.“ 33تنھن تي پطرس ڳالھايو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏي ويندس.“ 34عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“ 35پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني شاگردن بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.
گٿسيمني ۾ دعا گھرڻ
(مرقس ۳۲‏:۱۴‎–۴۲، لوقا ۳۹‏:۲۲‎–۴۶)
36پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن سان گڏجي گٿسيمني نالي باغ ۾ آيو. اتي پھچي ھن کين چيو تہ ”اوھين ھتي ويھي رھو تہ آءٌ ھُتي وڃي دعا گھران.“ 37ھن پطرس ۽ زبديءَ جي ٻن پٽن کي پاڻ سان کنيو ۽ ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو. 38ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”مون کي ايترو تہ ڏک آھي جو منھنجي دل ٽٽڻ تي آھي. اوھين ھتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رھو.“ 39عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منھن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“
40پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو سمھيا پيا آھن. تنھن تي ھن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوھين ھڪڙو ڪلاڪ بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟ 41جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر بدن ڪمزور آھي.“
42عيسيٰ وري ٻيو دفعو پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ھي پيالو منھنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“ 43پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن.
44وري بہ عيسيٰ انھن کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو بہ دعا گھُري اھي ساڳيا لفظ چيائين. 45پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ اِجھو، اھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابن⁠آدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو. 46اٿو، ھلو ۽ ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رھيو آھي سو ويجھو اچي پھتو آھي.“
عيسيٰ جو جھلجڻ
(مرقس ۴۳‏:۱۴‎–۵۰، لوقا ۴۷‏:۲۲‎–۵۳، يوحنا ۳‏:۱۸‎–۱۲)
47اڃا ھن ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ ھن سان گڏ ھڪڙي وڏي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن موڪليو ھو. 48دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ’جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان تہ اھو عيسيٰ ھوندو ۽ کيس پڪڙجو.‘ 49ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”اي سائين! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين. 50تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ميان، جنھن ڪم لاءِ آيو آھين سو جلدي ڪر.“ پوءِ ھنن اچي عيسيٰ کي ٻڌو ۽ قابو ڪيائونس. 51تنھن تي عيسيٰ جي ساٿين مان ھڪڙي سٽ ڏيئي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. 52تڏھن عيسيٰ انھيءَ کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ تلوار ڪڍن ٿا سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا. 53تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟ 54پر انھيءَ صورت ۾ پاڪ لکت ڪيئن پوري ٿيندي جا لکيل آھي تہ ھيئن ضرور ٿيندو؟“ 55#لو ۴۷‏:۱۹، ۳۷‏:۲۱ پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ ھيڪل ۾ ويھي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو ھوس، پر اتي تہ اوھان مون کي ڪڏھن بہ نہ پڪڙيو. 56پر اھو سڀ ڪجھہ انھيءَ لاءِ ٿيو آھي تہ جيئن نبي جيڪو صحيفي ۾ لکي ويا آھن، سو سچو ثابت ٿئي.“ پوءِ سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.
عيسيٰ ڪائونسل جي اڳيان
(مرقس ۵۳‏:۱۴‎–۶۵، لوقا ۵۴‏:۲۲‎–۵۵‏،۶۳‎–۷۱، يوحنا ۱۳‏:۱۸‎–۱۴‏،۱۹‎–۲۴)
57جن عيسيٰ کي پڪڙيو ھو سي کيس وڏي سردار ڪاھن قائفا جي گھر وٺي آيا جتي شريعت جا عالم ۽ بزرگ اچي گڏ ٿيا ھئا. 58پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو ۽ اندر گھڙي پھريدارن سان گڏ ويھي رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن ھو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو. 59سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا ڪوڙي شاھدي ملي تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. 60پر انھن کي ڪابہ شاھدي ملي نہ سگھي، جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪوڙا شاھد آيا. نيٺ ھڪڙا ٻہ شخص آيا 61#يو ۱۹‏:۲ ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان ھن ماڻھوءَ کي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ خدا جو ھيڪل ڊاھي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري ان کي ٺاھي بہ سگھان ٿو.‘“
62وڏو سردار ڪاھن اُٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”ڇا تو کي ھنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو آھي؟“ 63پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو. وري ھن چيس تہ ”زندہ خدا جي نالي تي ھاڻي آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح، خدا جو فرزند آھين؟“ 64#دان ۱۳‏:۷ عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“ 65#لاو ۱۶‏:۲۴ انھيءَ تي وڏي سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”ھن ڪفر بڪيو آھي. اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. ھاڻي اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آھن. 66اوھان جو ڇا خيال آھي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ھي ڏوھي آھي ۽ ھن کي مارڻ کپي.“
67 # يس ۶‏:۵۰ پوءِ اھي ھن جي منھن تي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ کيس ٺونشا ھنيائون. ڪن کيس چماٽون ھنيون 68۽ چيائون تہ ”اي مسيح! نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“
پطرس جو عيسيٰ بابت انڪار ڪرڻ
(مرقس ۶۶‏:۱۴‎–۷۲، لوقا ۵۶‏:۲۲‎–۶۲، يوحنا ۱۵‏:۱۸‎–۱۸، ۲۵‎–۲۷)
69پطرس ٻاھر اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيس تہ ”تون بہ عيسيٰ گليليءَ سان گڏ ھئين.“ 70پر ھن انھن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“ 71پوءِ ھو ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ويو، جتي ٻي نوڪرياڻيءَ ھن کي ڏٺو ۽ اُتي بيٺل ماڻھن کي چيائين تہ ”ھي ماڻھو عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھو.“ 72پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ 73ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”تون ضرور انھن مان ھڪڙو آھين، ڇالاءِ⁠جو جھڙي نموني تون ڳالھائين ٿو سو ٻڌائي ٿو تہ تون انھن مان آھين.“ 74تنھن تي پطرس لعنت وجھندي چيو تہ ”خدا جو مون تي غضب پوي جيڪڏھن آءٌ سچ نہ ٿو ڳالھايان، ڇوتہ آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ انھيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني 75۽ پطرس کي عيسيٰ جو چيو ياد اچي ويو تہ ”جيسين ڪڪڙ ٻانگ ڏئي تنھن کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“ تڏھن پطرس ٻاھر نڪري ويو ۽ زاروزار روئڻ لڳو.

Currently Selected:

متي 26: SCLNT

Tõsta esile

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy